ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

دُنيا ۾ وڌندڙ ائٽمي جنگ جا آثار

Editorial-Article- Muhammad Yousif Bhutto

نيويارڪ ٽائيمز جي ھڪ رپورٽ منظر تي آئي آھي. جنھن موجب روس ۾ ٿيل ھڪ خفيه گڏجاڻي ۾ يوڪرين تي Tactical Nuclear Attack تي ويچاريو ويو پر ھن گڏجاڻي ۾ روسي صدر پيوٽن موجود نه ھو. آڪٽوبر ۾ آمريڪا کي مليل ھن خفيه خبر بابت اھو به ٻڌايو ويو ته ٽيڪٽيڪل نيوڪليئر حملي جو ٻڌي صدر بائيڊن جي ننڍ اڏامي وئي. اھا خبر عالمي ميڊيا تان نشر ٿي.
ٻي عالمي جنگ (1939ع کان 1945ع) جڏھن پنھنجي زورن تي ھئي، ٻه گروپ جن ۾ اتحادي طاقتون (جن ۾ بگ ٿري برطانيا، روس ۽ آمريڪا سان گڏ پولينڊ، چيڪوسلواڪيا، ناروي، نيدرلينڊ، بيلجيئم، ليگزمبرگ، فرانس، ھڪ آفريڪن ملڪ ايٿوپيا، يونان، يوگوسلواڪيا ۽ ھڪ ايشين ملڪ فلپائن) ۽ محوري طاقتون (جن ۾ بگ ٿري جرمني، اٽلي ۽ جاپان سان گڏ ھنگري، رومانيا، سلواڪيا، بلغاريا، ڪروشيا، فن لينڊ ۽ ھڪ ايشين ملڪ ٿائيلينڊ) جھيڙي رھيو ھيون. جنھن وقت جنگ عروج تي پھتل ھئي ۽ ڪنھن جي وھم گمان ۾ به نه ھو ته آمريڪا جاپان خلاف نيوڪليئر ھٿيار استعمال ڪندو پر ھن ايئن ڪيو ۽ جاپاني شھر گيروشيما ۽ ناگاساڪي آمريڪي ائٽم بمن جو کاڄ بڻيا. اڄ جڏھن روس بار بار مغربي ملڪن کي يوڪرين سان جنگ جي شروع کان ئي يوڪرين جي مدد کان باز نه رھڻ جي صورت ۾ ائٽمي ھٿيارن جي استعمال جون وڏي واڪي ڌمڪيون ڏيندو رھيو آھي ته ان ۾ ڪو شڪ نه ھجڻ کپي ته روس ايئن ڪونه ڪندو.
يوڪرين روس جنگ ۾ تيزي ان وقت آئي جڏھن گذريل مھيني آڪٽوبر جي پھرين ڏھاڪي ۾ روس جي انتظام ھيٺ علائقي ڪريميا جي پل تي ڪار بم ڌماڪو ٿيو. اھا ڪريميا ۽ روس کي جوڙيندڙ يورپ جي سڀ کان وڏي پل آھي. چيو پئي ويو ته صدر پيوٽن ڪريميا پل تي ٿيل ھن حملي کي وڏي آرام ۽ خاموشي سان ورتو. حملي کي 48 ڪلاڪ گذرڻ بعد روس يوڪرين تي زمين تنگ ڪري ڇڏي. ميزائلن سان زمين ۽ آسمان مان باهھ وسائڻ لڳو. يوڪريني گادي وارو شھر ڪيف حملن سان گونجي اٿيو. اھو به ٻڌڻ ۾ آيو ته روسي صدر پيوٽن ٽين اک کولي آھي ۽ روس جي نون حملن ۾ پوشيدہ پيوٽن جي ڪاوڙ يوڪرين ۾ ھر طرف تباھي جا طوفان آندا.
روسي صدر پيوٽن جي ڪاوڙ يوڪرين جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو. عالمي ميڊيا ۾ يوڪرين جي شھرن جي تباھي جا خوفناڪ منظر ڏسڻ ۾ آيا. ڪريميا جي پل تي حملي جو بدلي وٺڻ لاءِ 10 آڪٽوبر کان شروع ٿيل شديد روسي حملن ۾ يوڪريني راڄڌاني ڪيف، اوڊيسا ۽ خارڪيف ۾ ڪاري سمنڊ مان روسي warships ذريعي ڪليڪٽر ڪروز ميزائلن سان حملا ٿيا. 180 ھنڌن تي روس جي زبردست حملن سان نيٽو تي به ماڪ پئجي وئي.
عالمي ميڊيا موجب اھڙي ايمرجنسي ته ڪيف ۾ جنگ جي شروع ۾ به نظر نه آئي. يوڪرين جي صدر زيلنسڪي جي وڊيو بيان ۾ روس پاران يوڪرين تي حملن ۾ ايراني ڊرونز جي استعمال جي دعويٰ ڪئي وئي. جڏھن ته ايران پاران پنھنجي ڊرونز جي يوڪرين جنگ ۾ استعمال جي ترديد ٿيندي رھي. ايراني ڊرونز جي يوڪرين ۾ آندل تباھي اسرائيل لاءِ يقينن ڳڻتي جوڳي ھوندي. دنيا ۾ خودڪش ڊرونز جو استعمال پھريون ڀيرو ٿيو آھي.
روس ڪريميا پُل تي حملي وقت ئي چيو ھو ته ھي حملو Terror attack کان گھٽ نه آھي. روس ان پل تي حملي جي جواب ۾ شروعاتي ڏينھن 58 ارب روپين کان وڌيڪ جا ميزائل يوڪرين تي فائر ڪيا. پيوٽن جي ڪاوڙ جو ثبوت ھن کان اڳ دنيا اھڙو نه ڏٺو ھو. رڳو ڪيف تي روس 100 کان وڌيڪ ميزائل فائر ڪيا. جڏھن ته اڱاري ڏينھن 11 آڪٽوبر تي بهCaspian Sea مان يوڪرين تي روس حملا جاري رھيا. عالمي ميڊيا دعويٰ ڪري رھي ھئي ته ان ڏينھن يوڪريني شھر زيپوريزيا ۾ صبح وقت 16 روسي حملن ۾ 43 ماڻھو مارجي ويا. آمريڪا موٽ ۾ بس ايترو ڪيو جو يوڪرين کي فضائي دفاعي نظام ڏيڻ جو اعلان ڪيو. خبر ناھي ڇو يوڪريني صدر زيلنسڪي کي جنگ کان اڳ وارن ڏينھن ۾ اھو سمجهھ ۾ نه آيو ته آمريڪا پلس نيٽو يا يورپ ۽ روس ۾ ھلندڙ تڪرارن ۽ عداوتن جي ٽڪرا جو مرڪز يوڪرين بڻجي سگھي ٿو، جنھن مان يوڪرين جي حصي ۾ صرف تباھي ئي اچڻي آھي. نتيجتن يوڪرين جي ھن وقت خون ۽ بارود سان تباھي جي تاريخ لکجي رھي آھي. زيلنسڪي جيڪڏهن نيٽو کي روس خلاف بندوق ھلائڻ لاءِ پنھنجو ڪلھو استعمال نه ڪرڻ ڏي ھا ته کيس خوبصورت يوڪرين جي ڌرتي تي روسي بارود جي بو سونگھڻي نه پوي ھا، شھرن جا شھر مٽجندي نه ڏسڻا پون ھا.
اڃان اھو واقعو ٿيندي ڪجھه ئي ڏينھن گذريا ته آڪٽوبر جي آخر ڌاري جنگي محاذ تان ھڪ ٻي خبر آئي ته بحيرہ اسود (Black Sea) ۾ ڪريميا جي بندرگاھه (اھو يوڪريني علائقو جنھن تي روس 2014ع ۾ بنا ھٿيار ھلائڻ جي قبضو ڪري ورتو ھو) سيوسٽاپول Sevastopol جي ويجھو بيٺل جديد روسي جنگي جھاز ايڊمرل ميڪروو Admiral Makarov کي يوڪرين تباھه ڪري ڇڏيو. ھي جھاز 409 فوٽ ڊگھو ميزائل بردار جھاز ھو. يوڪرين ھن جھاز کي پاڻي واري ھڪ ڊرون ذريعي تباھه ڪيو. يوڪرين پاران ان حملي جي وڊيو به جاري ڪئي وئي. يعني ھن جنگ ۾ اڏامندڙ خودڪش ڊرونز سان گڏ پاڻي وارو ڊرون به استعمال ٿيو. حملي سان ٻنھي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ ۾ تيزي اچي وئي ۽ روس جواب ۾ نه رڳو يوڪرين تي سوپر سونڪ ميزائلن سان حملا ڪيا پر بحيرہ اسود مان احتجاج جي طور تي يوڪرين جي اناج جي روانگي کي معطل ڪري ڇڏيو. يوڪرين پنھنجي غذائي جنسن جو واپار دنيا سان ھن ئي لنگهھ جي ذريعي ڪندو آھي جنھن تي ھاڻي روس جو مڪمل قبضو آھي. ترڪيه جي ڪوششن سان ڪجھه وقت پھرين اڃان ھي بند رستو ان شرط سان روس کوليو ھو ته يوڪرين انھيءَ ڪمائي ملندڙ رقم جنگ تي خرچ نه ڪندو. جنھن سان دنيا مان غذائي کوٽ گھٽجي ھئي. خير، چند ڏينھن بعد وري خبر آئي آھي ته روس پاڻمرادو ان معاھدي ۾ واپسي ڪئي ۽ آبي رستو کولي ڇڏيو آھي. روس جي بچا واري وزارت جو چوڻ آھي ته يوڪرين فوجي ڪارروائي لاءِ ھيءَ راھداري استعمال نه ڪرڻ جي لکت ۾ يقين دھاني ڪرائي آھي.
انھن جنگي حالتن ۽ روس تي ڪريميا حملن ۾ انڪري به تِک ۽ تلخي وڌي جو روس تازو يوڪرين جي 4 شھرن ڊونيسڪ، لوھانسڪ، خيرسون ۽ زيپوريزيا تي نه صرف قبضو ڪيو پر اتي ريفرينڊم ڪرائي انھن کي پنھنجي ملڪ ۾ شامل ڪري ورتو. عالمي تجزيي ڪارن موجب روس انھن شھرن کي Nuclear Shield ۾ به آڻي ڇڏيو.
ان بعد يوڪرين روسي فورسز تي حملن ۾ تيزي آندي ۽ ڪريميا جي پل ۽ روسي وار شپس تي حملا به ڪيا. ھوڏانھن روس ۽ برطانيا وچ ۾ ھنن ڏينھن ڇڪتاڻ اڃان به وڌي وئي آھي جو روس نه رڳو برطانيا تي پنھنجي نورڊ اسٽريم گئس پائيپ لائن (روس کان جرمني کي بالٽڪ سمنڊ اندران سپلا ٿيندڙ گئس پائپ لائين) ۾ ڌماڪي جو الزام ھنيو آھي پر پنھنجي بحري ٻيڙي ايڊمرل ميڪاروو تي حملي جو به الزام ھڻي ڇڏيو آھي. عالمي ميڊيا دعويٰ ڪئي آھي ته برطانيا تي روسي ڪروز ميزائلن جي حملي جو خطرو وڌندو پيو وڃي. روس کي پنھنجي سرمٽ ميزائل تي وڏو ناز آھي. جيڪو ھڪ ئي وار سان برطانيا کي صفحي ھستي تان مٽائي سگھي ٿو.
ٻئي طرف ناروي کي روسي حملي جو ڊپ ورائي ويو آھي جنھن پنھنجي فوجن کي الرٽ ڪري ڇڏيو آھي. پولينڊ ته ڪجهھ ڏينھن اڳ روسي ائٽمي حملي جي ڊپ سبب آمريڪا کي پنھنجي ملڪ ۾ ائٽمي ھٿيار تعينات ڪرڻ لاءِ منٿون ڪيون.
عالمي ميڊيا جي توجهھ يوڪرين جنگ تي آھي، جتان روز نيون خبرون اچي رھيون آهن، جيڪي وڌندڙ عالمي تڪرارن ۽ آئندي جي جنگي ميدانن ۾ مورچا بندين جي نشاندھي ڪن ٿيون. برطانيا دعويٰ ڪئي آھي ته روس ھاءِ ٽيڪ ھٿيار ٻاھر ڪڍيا آھن ۽ ھن پنھنجي ساٿاري ملڪ بيلاروس ۾ ھائپر سونڪ ائٽمي ميزائل ڪنزھل تعينات ڪري ڇڏيا آھن ته جيئن روس نيٽو کي اکيون ڏيکاري ان کي روس تي حملي کان باز رکي.
6 نومبر تي اھا خبر به آئي آھي ته آمريڪا ۽ يورپ کي ڊپ آھي ته روس پنھنجي جنگي ٻيڙي تي ٿيل حملي جو بدلو وٺندو سو آمريڪا دنيا جي سڀ کان وڏي پنھنجي ائٽمي آبدوز کي ڪاري سمنڊ ۾ تعينات ڪرڻ لاءِ روانو ڪري ڇڏيو آھي.
عالمي ميڊيا موجب يوڪرين کي سوئيڊن کان دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ تيز ترار توپ ملي وئي آھي سوئيڊن اھڙيون 12 توپون فراھم ڪيون آھن جيڪا 30 سيڪنڊن ۾ تيار ٿي 30 گولا فائر ڪري وجھي ٿي.
ڪينيڊا جي فوسز يوڪريني فوجين کي گوريلا جنگ جي سکيا پئي ڏي. جرمني به يوڪريني فوجين کي ٽرينڊ ڪري پيو. اھا يوڪرين جنگ ئي آھي جنھن سبب يورپ ۾ روس، آمريڪا ۽ يورپ کي ھڪٻئي خلاف Long distance Missiles تعينات ڪرڻا پيا. روسي حملن سبب يوڪرين ۾ آمريڪا جو به اصل امتحان جلد شروع ٿيڻ وارو آھي ته سخت سردين ۾ يوڪرينين کي ٿڌ ۽ ممڪنا روسي ائٽمي حملي کان ڪيئن ٿو بچائي؟ ڇو جو جنگ جي چڻنگ ٻارڻ وارو خود اھو ۽ نيٽو ئي ته آھن.!!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button