ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ خلاف سازشون ۽ نئون انقلابي شعور

Editorial-Article- Irshad Leghari

سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ سنڌين جي وجود بابت عوامي نيشنل پارٽي جي شاهي سيد جو تازو بيان، (جنهن ۾ هن سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ سنڌين جي اڪثريت مٿان اعتراض واريو آهي) هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ خلاف ڌاري آبادي جي بدنيتي کي وائکو ڪري ويو آهي. واضح ڪندا هلون ته اهڙو موقف ڪو پهريون ڀيرو سامھون ناهي آيو. سنڌ، جنهن خلاف سن ستيتاليهه کان وٺي مختلف قسمن جون سازشون جاري آهن، تنهن ۾ سنڌ جي زرعي زمين توڙي شهرن کي هٿ وٺي ڌارين جي حوالي ڪرڻ جي ڪُڌي ڪِرت ۾ جُنبيل رياستي گروهه، سنڌ ۾ هٿ سان ويهاريل ماڻهن هٿان اھڙو موقف سامهون آڻيندا رهيا آهن. جهڙو موقف تازو شاهي سيد اختيار ڪيو آهي. اهڙي صورتحال کان پوءِ اها ڳالهه بنادير سمجهڻ گهرجي ته پاڻ ڪيترو به ڀائر ڀائر چئون پر جيڪي ڌُريان ئي ڌاريا آهن، سي پنهنجا مِٽ ڪڏھن به نٿا ٿي سگهن. بهرحال اچو ته اول ماضي ۾ جهاتي پائي ڏسون ته ڪهڙي ڪهڙي دور ۾ سنڌ جون زمينون ۽ شهر ڌارين جي والار هيٺ ايندا رهيا آهن.
دراصل هي قصو ته سنڌ مٿان انگريز سامراج جي قبضي کان شروع ٿئي ٿو ۽ تنهن ڏينهن کان اڄ تائين جنهن رفتار سان سنڌ ۾ غير سنڌي ماڻهو آباد ٿيا آهن، اها رفتار هاڻي پنهنجي اوج تي پهچي چڪي آهي. جنهن کان پوءِ هاڻي ڌرتيءَ ڌڻين جو اهو ڊپ بي بنياد ناهي ته ان رفتار سان ايندڙ ڌاري آبادي جي نتيجي ۾ ايندڙ ڏهاڪن ۾ سنڌي، سنڌ ۾ هڪ عددي ٿورائي بڻجي پنهنجي ڌرتيءَ تي مليل نالي ماتر حقِ حاڪميت به وڃائي ويهندا.
ٿيو هيئن جو انگريزن سنڌ ۾ جيڪو جديد آبپاشي نظام اڏايو، ان سنڌ جي معيشت ۾ انقلاب ته آڻي ڇڏيو پر سنڌ ۾ زراعت جي اهڙي ترقي ۽ زمين جي آبادي پنجاب مان ڌارين جي آبادي کي سنڌ ڏانهن جئين ڇڪيو، سو سڀ رياستي رٿابندي سان ئي ٿيو. جنهن ۾ سکر بئراج ۽ جمڙائو ڪينال کان پوءِ ڌارين خاص طور تي پنجاب جي زميندارن ۽ هارين جي سنڌ ڏانهن اچڻ واري تيزي رڪارڊ ۾ موجود آهي. اڳيان هلي ون يونٽ جي دور ۾ ڪوٽڙي ۽ گڊو بئراج ٺهڻ سان نيون زمينون آباد ٿيڻ جي نتيجي ۾ پنجاب مان ايندڙ ڌاري آبادڪاري کي ويتر هٿي ملي.
پنجابين کان پوءِ پٺاڻن جي سنڌ ۾ لوڌ ايوبي آمريت ۾ تيزي سان داخل ٿئي ٿي. جنهن ۾ اتر کان پٺاڻ آبادي سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ڏانهن منهن ڪيو. جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آهي ۽ هاڻي وڃي پنهنجي انتها کي پهتو آهي.
وري ٿورو پوئتي مُڙي ٿا ڏسون ته 1878ع ۾ سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي کان پنجاب تائين ريل جو رستو ٺهڻ کان پوءِ سنڌ عملي طور پنجاب سان ڳنڍجي وئي. ايئن سکر وٽ لئسنڊائون پل ڪوٽڙيءَ واري پل ٺهڻ کان پوءِ پنجاب مان ريل رستي ڌاري آبادي جي اچ وڃ ويتر سَوَلي ٿي پئي. ايئن پنجاب مان گهڻي تڻي آبادي اچي سنڌ جي زرعي زمين کي والاريو.
زرعي زمين کان سواءِ سنڌ جي شهرن تي قبضي جي جيڪا تاريخ آهي، تنهن ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت هاڻوڪي پاڪستان مان اٽڪل لکين هندو ۽ سک هتان لڏي ويا. جڏهن ته لکين ماڻهو مذهب جي نالي ۾ سرحد جي ٻئي پار کان پاڪستان ڏانهن لڏي آيا. اها سموري لڏپلاڻ سنڌ ۽ پنجاب ڏانهن ٿي، جڏهن ته تڏهوڪي سرحد (هاڻوڪي خيبر پختونخوا) ۽ بلوچستان ڏانهن ايڪڙ ٻيڪڙ ڪا لڏپلاڻ ٿي هوندي.
ٿيو هيئن جو هندستان مان لڏي آيلن جي گهڻائي وڏن شهرن ڏانهن منهن ڪيو ۽ آباديءَ جي واڌ جو دٻاءُ سڀ کان گهڻو سنڌ جي شهرن تي پيو. جتي 1941ع کان 1951ع جي وچ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي آباديءَ ۾ ڌاري آبادي جي واڌ ٿي. ٻئي طرف آباديءَ جي ٻه- طرفي لڏپلاڻ ۾ سنڌ مان لڳ ڀڳ ڏھه لک ماڻهن هندستان هجرت ڪئي، جڏهن ته هندستان مان هزارين ماڻهو سنڌ ۾ داخل ٿيا. 1941ع جي آدم ڳڻپ موجب سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ 23 هزار هئا ۽ ورهاڱي کان پوءِ انهن جو انگ وڌي 479,000 ٿي ويو.
1941ع جي آدم ڳڻپ موجب سنڌ ۾ 11.85 سيڪڙو آبادي شهرن ۾ رهندڙ هئي. جڏهن ته ڏهن سالن کان پوءِ 1951ع ۾ ٿيل آدم ڳڻپ موجب شهري آباديءَ جو حصو وڌي 29.2 سيڪڙو ٿي ويو. جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي آباديءَ ۾ تمام وڏي واڌ آئي. دراصل سنڌ ڏانهن ايندڙ ان سموري ڌاري آبادي جو سنڌ سان ڪو به تاريخي ۽ ثقافتي ميلاپ نه هو. تنهن ڪري پاڻي ۽ تيل جي ميلاپ جيان اهي هڪ ٻئي کان الڳ ٿلڳ ئي رهيا ۽ ايئن هندستان مان ايڏي وڏي انگ ۾ آيل پناهگيرن سنڌ جي مکيه شهر ڪراچيءَ جو ثقافتي مهانڊو ئي بدلائي ڇڏيو ۽ اڄ سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي انهي تاريخي الميي جو ئي اهو نتيجو آهي جو هاڻ پٺاڻ، برمي، بنگالي، افغاني، بهاري ۽ اهڙا ٻيا ڪئين رولاڪ سنڌ جي اصل ڌڻين کي چوڻ لڳا آهن ته اوهين سنڌ جي سيڪريٽريٽ ۾ ڇو آهيو؟
پاڻ جيڪو مٿي پسمنظر ڏيئي آياسين، تنهن جو مقصد اهو آهي ته جيئن پاڻ سنڌ تي ڌارين جي والار ۾ رياستي گروهن جي ڪُڌي ڪِرت کي سمجهي سگهون.
هاڻ سوال اهو آهي ته سنڌ خلاف ان سازش کي روڪجي ڪيئن؟ ته پوءِ ان سوال جو سڌو جواب اهو ئي آهي ته جيستائين نئين قانون سازي نه ٿيندي تيستائين اھو سلسلو روڪي نه سگهبو. ان تناظر ۾ سنڌ دوست ڌرين کي گهرجي ته اهي پهرئين مرحلي ۾ اهڙي نئين قانون سازي لاءِ سنڌ جي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ عوامي رابطي جي مهم شروع ڪري سنڌي عوام کي ڌارين جي والار بابت پيرائتي آگاهي ڏين. ان مهم ۾ اوهان کي اندازو ٿي ويندو ته ڌاري آبادي خلاف جدوجهد جو اڳيون مرحلو ڪيئن ۽ ڪٿان شروع ڪرڻ گهرجي. باقي وقتي مذمتون ۽ وقتي احتجاج گهڻو ئي ڪري چڪا آهيون. انهن سان جيڪڏهن فرق پوي ها ته اهو شاهي سيد ايتري بيخوفي سان سنڌين خلاف نه ڳالهائي ها، جيڪو هڪ پاسي سنڌ جي ڪجھه قومپرستن سان ڳلي ڀاڪر به پائي ٿو ته ٻئي پاسي سنڌ ۾ والار ڪندڙ غيرقانوني پشتونن ۽ افغانين جو سهولتڪار به ٿيو هلي.
ياد رکو!! پاڻ ڪنهن به طرح نااميد ۽ مايوس ناهيون. پاڻ کي ويساھه آهي ته سنڌ جو اڄوڪو نوجوان نسل ۽ ان نسل مان اڀرندڙ نئين قيادت سنڌ جي تاريخي، تهذيبي ۽ آئيني حقن کي لازمي مڃرائيندي. ڇو ته قومي وجود جي بقا جي اها هڪ اهڙي اڻٽر گهرج آهي، جنهن کان سنڌ جو ڪوبه ساڃاهه وند ۽ سُجاڳ فرد ڪن لاٽار ڪري سگهي ئي نٿو.
ان حوالي سان پاڻ هتي هڪڙو ننڍڙو مثال به ڏيندا هلون. اهو هيئن ته سنڌ جي سورهيه سپوت شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي سٻاجھي پٽ ذوالفقار ڀُٽي جي فين ڪلب هڪ تازي ٽوئيٽ ۾ ڪراچي اندر افغانين جي غير قانوني والار جي جيڪا نشاندهي ڪئي آهي، سا ڇا ايئن ئي آهي!؟ نه ڪڏهن به نه. اها نشاندهي پنهنجي ديس سان ان پيار ۽ انقلابي شعور جي ثابتي آهي، جيڪا رڳو ٽوئيٽ تائين محدود ناهي رهڻي. اهو وطن دوست انقلابي شعور جيڪو ڪڏهن سنڌ جي گدلين ٿيندڙ ڍنڍن بابت عالمي سطح تي آواز اٿاري ٿو، ڪڏھن سنڌوءَ جي ٻُلهڻ جو نِيارو نسل بچائڻ لاءِ جاکوڙي ٿو، ڪڏهن سنڌ جي تاريخي ماڳ مڪانن کي عالمي تهذيبي ورثن سان جوڙي، انهن جي سارسنڀال لاءِ سڏ پڙاڏو بڻجي ٿو، ڪڏھن سنڌ جي ڀرت کي سگهھ ۽ سونهن جي نئين عالمي سُڃاڻپ بڻائي اڳيان آڻي ٿو سو ڪيئن نه سنڌ جي وارثي ڪندو؟ لازمي ڪندو. ايئن سنڌ جي قومي شعور جي باقي ڌارائن مان پڻ مرحليوار اها سُجاڳ نوجوان اڳواڻي اڳيان اچي رهي آهي، جيڪا اڳتي هلي ڪنهن هڪ ئي سنگ ۾ سهيڙجي هِڪ ٿيڻي آهي ۽ اهو ئي دور آهي جنهن ۾ هي ديس پنھنجو اهو وقار ماڻي وٺندو جنهن وقار جي بحالي لاءِ سنڌ جي سُرخ راهن ۾ اسان جي اڻ ڳڻين رَتن گُلابن جي لَهوءَ جي لالاڻ مهڪي ٿي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button