
سنڌ حڪومت جي ترجمان اعلان ڪيو آهي ته سنڌي قوم کي تمام جلد اھڙي تکي ۽ تيز رفتار ريل گاڏيءَ جو تحفو ڏينداسين جنهن ۾ سفر ڪري ھو ڪلاڪن بدران منٽن اندر پنهنجي منزل تي پهچي ويندا. انهيءَ ريل گاڏيءَ کي انگريزيءَ ۾ چئبو آهي بلٽ ٽرين! مطلب ته جيئن بندوق مان نڪتل گولي منٽن بدران سيڪنڊن ۾ پار ٿي ويندي آهي تيئن ھي ريل گاڏي به مسافرن کي گولي وانگر پنهنجن پنهنجن ھنڌن تي رسائي ٿي. امن امان سان خلق کي سفر جي سھوليت ڏيندڙ ھن گاڏيءَ جي رڳو نالي تي ويچار ڪيو ته ان مان سامراجي ذھنيت جي بدبو اچي ٿي يا نه!
اھڙيون جديد ريل گاڏيون آمريڪا، جرمني، جاپان، چائنا ۽ يورپ جي گهڻن ئي ملڪن ۾ گذريل ويهن سالن کان ھلنديون رهيون آهن ۽ بنھه آرام سان ڪروڙين مسافرن کي سندن ڏورانھين منزل تي رسائين ٿيون. وڏي ڳالهه ته هي ريل گاڏيون گهڻي ڀاڱي ماحول دوست آهن ڇاڪاڻ ته شمسي توانائي يا سگهارين بئٽرين جي سگهه تي ھلن ٿيون. نه ڪوئلو ٻارين ۽ نه ڊيزل يا ڪو آئل جنهن مان نڪرندڙ دونھون ھوا ۾ ڪاربان مونو آڪسائيڊ پکيڙي سڄي ڪائنات جي فطري نظام کي برباد ڪندو رهيو آهي. ٻي اهم حقيقت آهي ته انهن سڌريل ملڪن جا رهواسي پڙهيل ڳڙهيل ۽ باشعور آهن. اسان وارين مسڪين ٻڍڙين جيان بينظير ڪارڊ تي پوليس جون لٺيون ۽ گرمي سردي ۾ ذلت ڪونه سهنديون آهن.
ھاڻي سوچيو ته اسان جي پوئتي پيل سنڌي قوم کي اھڙي جديد پر نھايت مھانگي سھوليت حاصل ڪرڻ جيترا مالي وسيلا آهن؟ ھرگز نه! جنهن سنڌ ۾ پبلڪ باٿ روم نه آهن، ٻوڏ جي پاڻيءَ ھيٺ ٽن مهينن کان ٻڏل ٻنين ٻارن مان ڌپ سڙاند ڪري ويل بدبو دار پاڻي ڪڍڻ جون موٽرون ۽ مشينون نه آهن، ۽ جي ٿوريون گهڻيون آهن به ته اهي سنڌ جي حاڪمن، آفيسرن، سردارن ڀوتارن ۽ سندن واٺن جي قبضي ۾ آهن جن جو آئون اکين ڏٺو شاهد آهيان. جنهن کي اعتبار نه اچي سو مون سان گڏ ٽنڊو ڄام، بدين، ميرپورخاص، ٽنڊو محمد خان، خيرپور ميرس ۽ دادو ضلعن ۾ ھلي پنهنجي اکين سان ڏسي!
عالمي سامراجي بئنڪن ۽ مالي ادارن جي کربين ڊالر قرضن ۾ ڦاٿل ملڪ پاڪستان جي غريب مسڪين ڪروڙين محنت ڪش انسانن جي لاءِ اهڙي اڻ ٿيڻي منصوبي واسطي وڌيڪ اربين ڊالر قرض کڻي اسان جا ھي بدترين حڪمران ايندڙ صديءَ ۾ ڄمندڙ نسلن کي به ڄمڻ کان اڳ ۾ ئي قرضن ۾ نه وڪوڙيندا ته ٻيو ڇا ڪندا؟ عالمي سامراج ته پاڪستان ٺهڻ کان وٺي يعني قائداعظم محمد علي جناح جي حياتيءَ ۾ ئي وزير اعظم لياقت علي خان کي واشنگٽن گهرائي اھڙا عوام دشمن معاھدا لکائي ورتا جن جي جبري زنجير ۾ اڄ تائين اسان جھڙا ستر سالا سنياسي ٻاوا به قابو آهن. اسان کي جيڪڏهن انهيءَ نسلن کي غلامي ۾ ڦاسائيندڙ عالمي سامراجي سازش جي ڄاڻ هجي ها ته گهٽ ۾ گهٽ آئون ته قرضي اولاد ئي نه ڄڻيان ها جيڪو ڄائي ڄم کان قرضن ۾ ڪارو ٿي وڃي ۽ شايد منهنجا ٻيا به گھڻائي سامراج دشمن دوست ۽ سياسي شعور رکندڙ ساٿي انهيءَ ڄار ۾ ٻچڙن کي ڦاسائڻ کان بچا ڪري سگهن ھا.
سنڌ سرڪار جي گذريل 15 سالن واري ڪارڪردگي دنيا ۾ ايتري قدر وائکي ٿي چڪي آهي جو هاڻي ايشيائي بئنڪ، يونيسڪو، يونيسف ۽ ٻين انٽرنيشنل ڊونرس جنهن به مقصد لا امداد ڏني آهي، ان جي نگراني ڪرڻ خاطر پنهنجو خاص عملدار مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو اٿن. هي جيڪو گولي وانگر اڏامندڙ ريل گاڏي جو منصوبو آهي، سو به يا ته ترڪي جي سرمائيدارن ڪيو هوندو يا وري چائنا وارن، جن کي چين کان مصر ۽ اتان ڀونوچ سمنڊ ڪناري کان يورپ جي ملڪن تائين واپار وڌائڻ جو سون کان به وڌ گس ملي ويندو. جيتوڻيڪ امريڪي حڪومت سيپيڪ رٿا جي ننهن کان چوٽي تائين مخالفت ڪئي آهي. پر يورپي يونين هاڻي چائنا سان بگڙيل واپاري لاڳاپن کي سڌارڻ خاطر امريڪا جي هر فرمائش پوري ڪرڻ لا تيار ناهي. خاص ڪري جرمني، فرانس، هالينڊ، آسٽريا، بيلجيئم، اٽلي ۽ اسپين، جيڪي پنهنجي پنهنجي ايجاد کي وڪرو ڪرڻ لا چائنا جهڙي دنيا جي سڀ کان وڏي آبادي واري ملڪ سان واپار ڪرڻ چاهين ٿا. سمجهڻ جهڙي حقيقت آهي ته امريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي دور ۾ سندس نفرت واري پاليسي سان برطانيا کانسوا يورپ جي باقي ملڪن نفرت ڪئي ۽ ٽرمپ کي ڪڏهن به ڪا عزت نه ڏنائون، ساڳي ريت ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدر جوبائيڊن جي دور ۾ نه رڳو يورپي عوام پر خود امريڪا ۾ سندس پنهنجا ووٽر ان ڪري ڪاوڙيل آهن جو هن ڪورونا جي بيماري ڪارڻ پکڙيل بيروزگاري، مهانگائي ۽ ٻين عام مسئلن مان امريڪي ماڻهن جي جند ڇڏائڻ بدران سي آ اي جي پراڻي انسان دشمن پاليسي تي عمل ڪندي دفاعي بجيٽ کي وڌائڻ کان علاوه ايران، يمن ۽ چائنا سان هٿ چراند ڪرڻ لا اربين ڊالر بجيٽ ۾ رکي ڇڏيا. اها رقم جيڪڏهن سامراجي ناجائز مقصدن بدران ڪروڙين بيروزگار امريڪين کي روزي ڪمائڻ جا موقعا ڏيڻ لا ڪتب آڻي ها ته جوبائيڊن لا هڪ سال ايتري نفرت نه وڌي وڃي ها.
پاڻ واپس موٽي اچون ٿا پنهنجي اڏامندڙ ريل گاڏي واري تصوراتي منصوبي تي، جيڪو بينظير ڀٽو شهيد هائوسنگ اسڪيم وانگر ناڪام ٿيندو، ڇاڪاڻ ته جيسين سنڌ ۾ انسان دوست ۽ ديانتدار قيادت نه هوندي، تيسين هر هڪ رٿا ڪاغذن ۾ ئي ڳري ميڻ ٿي ويندي. اهڙن وڏن وڏن منصوبن جا هزارين فائيل پلاننگ ۽ ڊولپمينٽ کاتي کان چيف منسٽر سيڪريٽريٽ تائين پهچندي پهچندي ڪاغذي فائيلن ۾ ئي ڪيڙن ماڪوڙن جو کاڄ ٿي ويا. مثال طور هڪ ڀيري مان ۽ منهنجو 1969ع کان ٿيل گهاٽو دوست عبدالله شاهه وڪالت واري سندس آفيس ۾ (وزيراعليٰ ٿيڻ کان اڳ) ڪچهري پيا ڪريون ته شاهه صاحب فرمايو، “دستگير! مان جيڪڏهن سنڌ جو چيف منسٽر ٿيندس ته ڪاڇو، ڪوهستان ۽ ٿرپارڪر مصنوعي ڪڪرن وسيلي مينهن وسائي اهڙي طرح آباد ڪري ڇڏيندس جيئن سعودي عرب، دبئي ۽ ٻين عرب رياستن ۾ ڏسي آيو آهيان”. شاهه صاحب ٻڌايو ته سعودي عرب جتي صدين تائين ڪڻڪ پيدا نه ٿي، اتي هاڻي ڪڻڪ جي پيداوار ايتري ٿي چڪي آهي جو عوام کي سستو اٽو ڏيڻ کانپو به سندن هر هڪ شهر ۾ گودام ڪڻڪ سان ڀريل آهن. عبدالله شاهه اها ڳالهه ان ڪري ڪئي جو 1972ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت قائم ٿيڻ شرط هو ممتاز علي ڀٽو جي وزارت ۾ خوراڪ کاتي جو وزير بڻيو هو. ان زماني ۾ خلق کي اٽو ڏيڻ لا راشن ڊيپو ٺاهي، راشن ڪارڊ ورهايا ويندا هئا.
پرامن احتجاج ۽ جمهوري سرڪار
هر ڀيري، هر مهيني ۽ هر سال اسان ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران پنهنجن حقن لا بک هڙتال ۽ پرامن مظاهرو ڪندڙ نوجوان استادن، ڊاڪٽرن، نرسن، ڪمند جي آبادگارن، ماسترن ۽ ماسترياڻين، تي پوليس جي لٺبازي، عورتن جي بي حرمتي، ليڊي پوليس جون ناجائز نموني مائرون ۽ ڀينرن کي ٽنگو ٽالي ڪري پوليس موبائيل گاڏين ۾ اڇلائي ٿاڻن ۾ کڻي لاڪپ ڪرڻ جون وارداتون ڏسي ڏسي رت جا ڳوڙها ڳاڙهيندي اهو سوچيندا آهيون ته پيپلز پارٽي جي مارشل لا خلاف سلوگن “جمهوريت بهترين انتقام آهي جو مقصد پورهيت عوام کان پلاند ڪرڻ هو ڇا”. گذريل 15 سالن جي بدترين حاڪميت ۾ پ پ حڪومت وٽ هڪڙو به اهڙو ساکائتو اڳواڻ نه ڏٺوسون جيڪو هڙتالي ملازمن سان ڳالهه ٻولهه وسيلي سندن احتجاج کي ماٺو ڪري سگهي! ڇا عوامي حڪومت اهڙي هوندي آهي، جيڪا مظلوم نرسن، پوليو جي دوا جا ڦڙا پيئارڻ وارين گهٽي گهٽي ۽ ڳوٺ ڳوٺ ۾ پيرين پنڌ هلي ڪري در در وڃي ٻچڙن جي حياتي بچائڻ لا گرمي توڙي سردي ۾ رلنديون رهن ٿيون. تن کي لٺيون، ٽيئر گئس ۽ مڪون هڻي روڊن ۽ رستن تي سندن تذليل ڪئي وڃي؟ ٻڏي مرڻ جو مقام آهي، سنڌ جي پوليس اختيارن لا جن پنهنجي فورس کي اهڙي بڇڙي ظالماڻي تربيت ڏيئي پنهنجي ئي پوليس ڊپارٽمينٽ لا لکين ماڻهن جي دلين ۾ نفرت جا آڳ الا ڀڙڪائي ڇڏيا آهن.