ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جو سياسي تماشو

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

ملڪ ۾ 2014ع کان وٺي جيڪو تماشو عمران خان سياست جي نالي ۾ شروع ڪيو هو، اهو اڃا تائين جاري آهي ۽ اهو ڪيتري وقت تائين جاري رهندو آهي، ان لاءِ في الحال ڪجهه نٿو چئي سگهجي. عمران خان جي حڪومت کي اتحادي پارٽين عدم اعتماد وسيلي هٽايو ۽ هن اعلان ڪيو هو ته حڪومت مان نڪري هو وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندو. هو خطرناڪ سياسي پارٽين لاءِ نه ٿيو آهي پر انهن ادارن لاءِ ٿيو آهي، جن کيس اقتدار جو رستو ڏيکاريو ۽ وزير اعظم جي عهدي تي ويهارڻ لاءِ سڀئي رنڊڪون ختم ڪيون. انهن ادارن ۾ ان وقت جي عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ پيش پيش هيون. نواز شريف کي نا اهل ڪرائي عمران خان کي هيرو طور پيش ڪيو ويو ۽ ان تي سڀئي توانايون خرچ ڪيون ويون پر نتيجو سڀني جي سامهون آهي. نه رڳو عمران خان ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو پر هن ملڪي ساک کي به دنيا ۾ خوار ڪيو. سندس ڪيل گند کي وري به پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ صاف ڪرڻ جون ڪوششُون ڪري رهيون آهن.
سياست ۾ ڪنهن جي ڳالهائڻ تي پابندي لڳائڻ غيرآئيني ۽ غير جمهوري عمل آهي پر سياست وسيلي ڇا ڳالهايو وڃي ۽ ڇا نه ڳالهايو وڃي، اهو هڪ سياستدان کي چڱي ريت خبر هوندي آهي. هاڻوڪن ڏينهن ۾ جيڪي ڪجهه عمران خان ڳالهائي رهيو آهي، ان جي گهيري ۾ نه رڳو فوج آيل آهي پر ٻيا ادارا به سندس بيانن جي نشاني تي آهي. هو عدليه مان پنهنجي مرضيءَ جو فيصلو چاهي ٿو. هاڻ جڏهن جنرل قمر جاويد باجوه الوداعي دورا ڪري رهيو آهي ۽ سندس ريٽائرمينٽ جي تاريخ به ويجهي اچي رهي آهي ته عمران خان نئين آرمي چيف جي مقرريءَ کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ۾ لڳو پيو آهي ۽ هو لاڳيتو اهڙا بيان ڏئي رهيو آهي، جن مان لڳي ٿو ته کيس اهڙو خوف آهي، جنهن جي ڪري هو هڪ اهم عهدي کي تڪراري ڪرڻ ۾ لڳو پيو آهي. سندس تازو بيان به ان سلسلي جي ڪڙي آهي.
سندس چوڻ آهي ته آرمي چيف جي مقرريءَ کي ڪڏهن به تڪراري ناهي بڻايو، مون کي نه پنهنجو آرمي چيف گهرجي، نه ڪو جج ۽ نه ئي نيب چيئرمين گهرجي، فقط ميرٽ جي ڳالهه ڪندو آهيان. لالا موسيٰ ۾ لانگ مارچ کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته لنڊن ۾ هڪ تماشو ٿي رهيو آهي، جيڪو دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ ناهي ٿيندو. وزيراعظم ۽ ٻيا گذريل چئن پنجن ڏينهن کان لنڊن ۾ موجود آهن ۽ اتي وڃي فيصلو ڪيو پيو وڃي ته پاڪستان جو آرمي چيف ڪير هوندو، چورن جو ٽولو لنڊن ۾ ملڪ جي سڀ کان اهم عهدي ۽ مستقبل جا فيصلا ڪري رهيو آهي، اهو سڀ ڇا ٿي رهيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته مون تي الزام لڳايو ويو ته مون آرمي چيف جي مقرريءَ کي تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي، مون ته ائين ڪڏهن به ناهي ڪيو، فقط اهو چوندو آهيان ته جيڪو ميرٽ تي پورو لهي ان کي آرمي چيف بڻائڻ گهرجي. مون کي ته ڪو پنهنجو فوجي سربراهه نه گهرجي، نه مون کي پنهنجو ڪو جج، نه نيب چيئرمين ۽ نه ئي ڪو آ جي گهرجي. مون کي ميرٽ تحت بهترين ماڻهو گهرجن، شريف ڀائر چاهيندا آهن ته هر ماڻهو انهن جو پنهنجو هجي، شهباز شريف جنهن ماڻهوءَ کي اسلام آباد جو آ جي بڻايو، ان کي سيف سٽي ڪيس ۾ سزا ٿيڻ واري هئي. عمران خان وڌيڪ چيو ته ڪنهن مهذب ملڪ ۾ ائين ناهي ٿيندو ته روپوش ماڻهو ملڪ جا فيصلا ڪري. سزا ماڻيندڙ همراه ۽ سندس پٽ احتساب کان ڀڄي ويا ڇو جو سندن ٻاهر ملڪيتون آهن، ڊيلي ميل ڪيس بابت شهباز شريف کي ڀُل آهي ته برطانيا ۾ سندس مرضي موجب فيصلو ٿيندو. شهباز شريف تي ڊيلي ميل طرفان چوري جو سنگين الزام مڙهيو ويو آهي، هو نٿو ڄاڻي ته هن ڀيري ڪٿي ڦاٿو آهي.
آرمي چيف جي مقرريءَ ۾ وزير اعظم جو ڪردار فقط ايترو هوندو آهي ته هو ان سمري مان ڪنهن هڪ نالي جي چونڊ ڪندو آهي، جيڪا کيس موڪلي ويندي آهي ۽ انهن نالن ۾ اهي ئي نالا شامل هوندا آهن، جيڪي ميرٽ تي پورا لهندا آهن. هن وقت جيڪي چار سينيئر جرنيل آهن، اهي ميرٽ تي آرمي چيف مقرر ٿيڻ جي اهل آهن. تنهنڪري ان معاملي ۾ عمران خان سان ڪا صلاح مشورو ڪرڻ ان ڪري به ضروري ناهي ڇو ته هو نه حڪومت جو حصو آهي ۽ نه ئي هو پارليامينٽ ۾ آهي. اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کان پوءِ هو نا اهل ٿي چڪو آهي ۽ سندس ميانوالي واري سيٽ خالي لڳي پئي آهي. جيڪڏهن هو ميرٽ جي ڳالهه ڪري رهيو آهي ته پوءِ کيس پريشان نه ٿيڻ گهرجي. ملڪي تاريخ ۾ فوج جهڙي اداري جو سربراهه ڪڏهن ڪنهن به سيويلين وزير اعظم جو ماڻهو ناهي رهيو. ان ڪري جو ان جي ذميواري پنهنجي اداري کي سنڀالڻ هوندي آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته فوجي اسٽيبلشمينٽ حڪومتي معاملن تي سدائين اثر انداز ٿيندي رهي آهي.
عمران خان جيڪو لانگ مارچ ڪري رهيو آهي، ظاهري طور ته اهو پي ڊي ايم جي حڪومت خلاف آهي پر اصل ۾ ان جو هدف اسٽيبلشمينٽ آهي، جنهن تي هو لاڳيتا حملا ڪري رهيو آهي ۽ اهي ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيو آهي ته هو حاضر سروس فوجي آفيسرن جا نالا به کڻندو جيڪي هن تي حملي ۾ ملوث آهن. هن تي ٿيل حملي جي باري ۾ اڃا اهڙي جاچ نه ٿي سگهي آهي جنهن مان اهو ثابت ٿئي ته واقعي هن تي ٿيل حملو ڪا سازش هو، جنهن ۾ کيس مارڻ جي رٿا بندي ڪئي وئي هئي. هو پاڻ تي ٿيل حملي لاءِ اهو چوي ٿو ته کيس گوليءَ جا ٽڪرا لڳا آهن. گوليءَ جا ٽڪرا ڪهڙي ريت لڳا آهن؟ ان تي اعليٰ سطحي جاچ ٿيڻ گهرجي.
هن وقت هو لنڊن ۾ ٿيندڙ سياسي معاملن جون شڪايتون ڪري رهيو آهي پر کيس اهو ڇو وسري ويو آهي ته ڪنهن زماني ۾ لنڊن ۾ ڪي اهڙا پلان ٿيا هئا، جن وسيلي کيس اقتدار ۾ آندو ويو هو. تڏهن اهي سڀ معاملا اتان ئي طئي ٿي رهيا هئا ۽ کيس پاڪستان ۾ حڪومت ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو پئي ويو. ان وقت به هو اها ڳالهه ڪري ها ته ملڪي معاملا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ طئي ٿي رهيا آهن. پر جيئن ته اهي سڀ معاملا عمران خان جي حق ۾ هئا، ان ڪري انهن تي ڪڇڻ به هن مناسب نه سمجهيو.
آرمي چيف جي مقرريءَ کي عمران خان ڪيترو به تڪراري ڪري پر اها ٿيڻي آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ئي ٿي ويندي. جنهن لاءِ نواز شريف پنهنجن اتحادين سان معاملا به طئي ڪري ڇڏيا آهن. ان حوالي سان مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف ملڪ جي نئين فوجي سربراهه جي مقرري ۽ ٻين معاملن بابت وزيراعظم شهباز شريف سان لنڊن ۾ ڪجهه اهم ملاقاتن کان پوءِ وڌيڪ صلاح مشوري لا پي ڊي ايم پارٽين جي اڳواڻن مولانا فضل الرحمان، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اختر مينگل سان فون تي رابطو ڪري خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. هلندڙ مهيني ٿيندڙ اهم مقرري بابت نواز ليگ جي سربراهه اتحادي پارٽين جي اڳواڻن سان رابطا شروع ڪري ڇڏيا آهن. نواز شريف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ بي اين پي سربراهه اختر مينگل سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ سياسي صورتحال سميت اهم مقرري جي معاملي تي صلاح مشورا ڪيا. ٽيليفونڪ رابطي دوران تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي قومي سلامتي خلاف بيان بازي تي قانوني ڪارروائي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اڳواڻن چيو ته عمران خان انتظامي معاملن کي سياست جي ور چاڙهڻ چاهي ٿو، لانگ مارچ عمران خان جو حق آهي پر ملڪ جي سلامتيءَ تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو ۽ اهم مقرري جي معاملي تي ڪوبه دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو. اڳواڻ ان ڳالهه تي سهمت ٿيا ته عام چونڊن سميت ٻين سياسي فيصلن تي به هڪٻئي سان مشورا ڪيا ويندا. ذريعن موجب ٽيليفونڪ رابطي دوران نواز شريف جو چوڻ هو ته عمران خان هڪ انتظامي معاملي کي پنهنجي سياست جي ور چاڙهڻ چاهي ٿو، ماضي جي روايتن کان هٽي قانون موجب نئين مقرري ميرٽ تي شفاف طريقي سان ٿيندي. آصف زرداريءَ جو چوڻ هو ته عمران خان هن مقرريءَ کي تڪراري بڻائي قومي، رياستي ۽ دفاعي ادارن کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو پر اهڙي ڪا به ڪوشش ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي.
ملڪ جي عوام تبديليءَ جي نالي تي جيڪو تماشو ڏٺو آهي، اهو جيڪڏهن اڃا به جاري رهيو ته سياست جهڙي اهم شعبي کي اڃا به وڌيڪ نقصان پهچندو. عمران خان جو ڪرپشن خلاف نعرو به هاڻ دم ٽوڙي چڪو آهي، ڇاڪاڻ ته هن تي به ڪرپشن جا ڪيس ٿي رهيا آهن. توشا خانا وارو ڪيس هن لاءِ وڌيڪ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو پر تنهن هوندي به هو پاڻ کي صادق ۽ امين چئي رهيو آهي. عمران خان جي سياست ملڪ ۾ ڪابه اهڙي تبديلي نه آڻي سگهي، جنهن جا خواب هن عوام کي ڏيکاريا هئا. هن پنهنجي سياست وسيلي نه رڳو سازشون ڪيون آهن پر ملڪ ۾ فاشسٽ مزاج رکندڙ سياست کي هٿي ڏني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button