
محترمه بينظير ڀٽو جي ڏيهه واپسي هجي، عمران خان ۽ طاهر القادريءَ سان گڏ ڪجهه طاقتور حلقن جي بيٺڪ هجي، جنهن ۾ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي حڪومت جو خاتمو هجي، اهي لنڊن پلان سڏيا وڃن ٿا. جن تهمينا درانيءَ جو ڪتاب “ماءِ فيوڊل لارڊ” پڙهيو هوندو، انهن کي خبر هوندي ته ان کان اڳ جنرل ضياءَ جي مارشل لا جي ڏينهن ۾ آمريت جي خاتمي لاءِ غلام مصطفيٰ کر جي سربراهيءَ ۾ هڪ لنڊن پلان جو ذڪر ملي ٿو، پر هينئر هڪ ٻئي لنڊن پلان جو ذڪر ٿي رهيو آهي. هيءَ لنڊن پلان، اتحادي حڪومت جي حوالي سان آهي، هن لنڊن پلان جي پٺيان وقت جو وزير اعظم شهبازشريف، اڳوڻو وزير اعظم نواز شريف، اڳوڻو صدر آصف زرداري، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اتحادي اڳواڻ ٻڌايا وڃن پيا. هن پلان تحت، جيڪي گائيڊ لائينز جوڙيون ويون آهن، انهن مطابق عسڪري هائوس کان وٺي، حڪومتي ايوانن تائين جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان جو عڪس ڏسي سگهجي ٿو. ان سان گڏ ڪجهه ٻي سوچ ويچار به ٿي رهي آهي، جنهن جا سويلين حڪمرانيءَ ۾ سٺا نتيجا سامهون نه ايندا ۽ ماضي ۾ ان نوعيت جا جيڪي تجربا ٿيا، انهن کي ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ سٺو سنئوڻ قرار نه پيو ڏنو وڃي. هي چيو پيو وڃي ته اتحادي حڪومت عمران خان جي مارچ کي بي اثر بنائڻ لاءِ هنگامي حالتون لاڳو ڪري سگهي ٿي ۽ ان جي گنجائش آئين ۾ موجود آهي. ان حوالي سان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي حڪومتن کي آئين مطابق ڪم نه ڪرڻ جي الزام ۾ گهر ڀيڙو ڪرڻ جا چوٻول آهن. ان حوالي سان گورنر، صدر کي هڪ رپورٽ موڪليندا، جن ۾ سبب ڄاڻايا ويندا. ان پلان جي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي گڏيل اجلاس مان منظوري وٺڻي پوندي. صدر،جنهن جو واسطو پي ٽي آءِ سان آهي،اهو ان آئيني پلان تي ڪيتري حد تائين عمل ڪرڻ ڏيندو؟ ان بابت چيو ٿو وڃي ته هو ان پوزيشن ۾ نه هوندو ته اتحادي حڪومت جي رستي ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري سگهي. ان نوعيت جو تجربو، ماضي ۾ ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ٿي چڪو آهي، جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو، پنهنجن نادان صلاحڪارن جي چڪر ۾ ايندي نعپ جون حڪومتون ختم ڪيون هيون. هينئر به ڀٽو شهيد جي ان قدم کي اڻ وڻندڙ ۽ غير جمهوري قرار ڏنو وڃي ٿو. پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ به سکن جي بغاوت کي چيڀاٽڻ لاءِ مسز اندرا گانڌي هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو، ان جو نتيجو هن جي جان ۽ سندس پٽ راجيو گانڌي جو قتل هو. هيءَ ساڳيو راجيو گانڌي هو،جنهن جي قتل جا جوابدار ڪجهه ڏينهن اڳ آزاد ٿي ويا، جوابدارن ۾ هڪ عورت به شامل هئي.
هينئر جنهن لنڊن پلان جو چوٻول آهي، ان جو واسطو، هڪ طرف عام چونڊون وقت کان اڳ ڪرائڻ سان آهي، ان سان گڏ، نگران حڪومت بدران ستن مهينن کان هڪ سال تائين جي حڪومت جي قائم ڪرڻ جي تجويز ۽ ان سان گڏ اهم مقرري آهي. عمران خان، هاڻ ٿورو ٿڌو ٿي ويو آهي، توڙي جو هو پراڻن الزامن کي ورجائي ٿو، پر هو ان پوزيشن ۾ ناهي ته لانگ مارچ جي اڳواڻي ڪري. لانگ مارچ جي اڳواڻيءَ جي معاملي تي پي ٽي آءِ اندر اختلاف سڀني ڏٺا. پهرين شاهه محمود قريشي کي لانگ مارچ جاري رکڻ لاءِ چيو ويو، وري اسد عمر کي سامهون آندو ويو. ان تبديليءَ جي حوالي سان پي ٽي آءِ جي اندر قريشيءَ تي اعتماد نه ڪرڻ وارو معاملو به ٻڌايو پيو وڃي. ممڪن آهي ته ائين نه هجي، پر حڪومتي ڌر ته پنهنجي مخالف جي سمورين ڪمزورين کي پنهنجي مفاد ۾ استعمال ڪندي آهي. هيءَ تاثر به ڏنو پيو وڃي ته عمران خان جو لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪندڙن کي رڳو ويڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪا معنيٰ نٿو رکي. اهو ئي سبب آهي، جو مارچ مان ڪشش ختم ٿي وئي آهي. هاڻ رڳو خاناپري ڪئي پئي وڃي. جيڪڏهن حڪومت خلاف مهم ائين ئي هلندي ته ان سان اتحادي حڪومت کي ڪوبه لهر ۽ لوڏو نه هوندو.
پي ٽي آءِ اندر، ماڊريٽ سوچ گهٽ نظر اچي ٿي، ڇاڪاڻ ته ڪارڪن توڙي اڳواڻ، جيڪي عمران خان سان ويجهڙائپ رکن ٿا، اهي انتهائي جذباتي سوچ رکن ٿا. انهن جي ان سوچ جو محور طاهرالقادري به ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته هن ماضي ۾ نوازشريف جي حڪومت ختم ڪرڻ لاءِ انتهاپسنديءَ جو مظاهرو ڪيو هو. ان کانپوءِ هڪ مذهبي جماعت به ساڳي ماڊل کي اپنايو هو. ان نوعيت جي سوچ ۽ انداز کي ڪنهن به صورت ۾ سياسي قرار ڏئي نٿو سگهجي. هيءَ طريقيڪار ڪنهن مذهبي cult جو ٿي سگهي ٿو. ان حوالي سان دنيا ۾ ڪيترائي مثال به موجود آهن، جتي مذهبي سوچ رکندڙن گڏيل آپگهات ڪيا. ان حوالي سان جاپان، اهڙي سوچ سان گهڻو ڀرپور آهي. اتحادي حڪومت کي هٽائڻ سياسي معاملو آهي، ان ڪري ان کي ان ئي طريقي سان هٽائڻ جي حڪمت عملي هجڻ گهرجي. لانگ مارچ جو تصور ته چين جي ڪميونسٽ اڳواڻ مائوزيتنگ جو آهي، اسان وٽ به ڪيترائي اهڙا لانگ مارچ ڪيا ويا،سڀني ڏٺو ته اهي سمورا مارچ Calculated هئا. اهي جيئن ئي وفاقي گادي واري شهر ۾ پهتا ته حڪومت ختم ٿي وئي يا وري اهو به ٿيو ته مارچ رستي ۾ ئي هو تهحڪومت جي خاتمي جو اعلان ڪيو ويو. هيءَ سڀ لانگ مارچ، انتهائي خطرناڪ سياسي Polarization جو نتيجو هئا. انهن اڳواڻن، جن ان حڪمت عملي کي اپنايو، اها توڙي جو سياسي نوعيت جي هئي، پر آخرڪار انهن کي به ميثاق جمهوريت ڪرڻو پيو. پي ٽي آءِ جي قيادت کي به سوچڻ گهرجي ته ڪهڙي ريت سياسي معاملن کي سياسي حڪمت عملي تحت حل ڪرڻ ۽ نتيجا حاصل ڪرڻ گهرجن. سياست ۾ انتهاپسنديءَ جا لاڙا ماضي جو حصو ٿي ويا آهن، ان ڪري اسٽريٽ پاور هجي يا رياستي طاقت جو استعمال، اهي هڪ حد تائين نتيجا ڏيندا آهن. طاقت جو اجايو استعمال Counter productive ٿيندو آهي.
ملڪ ۾ فقط عام چونڊن ڪرائڻ لاءِ لانگ مارچ جو استعمال،ڪنهن به سياسي پارٽي جو حق ٿي سگهي ٿو.ممڪن آهي ته اها طاقت جي زور تي حڪومت کي گهر ڀيڙو ڪرڻ واري سوچ رکندي هجي. ائين ٿيو به آهي ته ڊگهي عرصي تائين حڪمرانن جي خلاف عوامي بغاوتون ٿيون، پر اهي گهڻو ڪري آٽوڪريٽ حڪمرانن جي خلاف ڪامياب ٿيون. اهو به سڀني ڏٺو ته فوجي آمرن خلاف، عوام ۾ نفرت جي سگهه تمام گهڻي رهي آهي، ان ڪري اهڙين حڪومتن کي گهر روانو ڪيو ويو. اسان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن، جن ۾ ايران جي ڊاڪٽر مصدق جي جمهوري حڪومت، ايلسواڊور ۽ چليءَ ۾ ساڳي نوعيت جا منظر ڏٺا. هاڻ اهو زمانو به ناهي ته طاقت جي زور تي وزير اعظم هائوس تي قبضو ڪجي.
ملڪ ۾ عمران خان جي حڪومت کي جنهن انداز سان هٽايو ويو، اهو جمهوري طريقيڪار هو يا نه، ان تي بحث ڪرڻ اجايو آهي، پر ان پٺيان Motivation طاقت هئي،جنهن جيئن ئي عمران خان مان هٿ ڪڍيو ته هو ڦهڪو ڪري ڪري پيو. ان مان ٻئي ڳالهيون ثابت ٿي ويون، هڪ ته عمران خان خلاف جيڪي قوتون هيون،انهن کي رستو ڏنو ويو، ٻيو هيءَ ته عمران خان جي پنهنجي حڪومت به عوامي طاقت جي بنياد تي قائم نه هئي، بقول فواد چوڌري جي حڪومت سمورا معاملا آئوٽ سورس ڪيا هئا،جنهن جو اهڙو ئي نتيجو نڪري سگهيو پئي. سينيٽ جي چونڊن تائين عمران خان کي Facilitate ڪيو ويو. ان کانپوءِ صورتحال خراب ٿيڻ شروع ٿي وئي. موجوده حڪومت به انهن ئي قوتن سان ويجهڙائپ رکي ٿي، جن عمران خان کي اقتدار ۾ آندو هو. اها ڳالهه سمجهڻي پوندي ته عمران خان،طاقت جي زور تي جنهن اهم مقرريءَ کي ملتوي ڪرائڻ گهريو پئي،ان ۾ ناڪام ٿي ويو آهي. هن اهم ادارن يا انهن جي آفيسرن خلاف مهم هلائي، اها به بيڪ فائر ثابت ٿي. اهڙي ملڪ ۾ جتي حڪومتي ايوانن تائين پهچڻ لاءِ واڳ ڌڻين جي آشيرواد جو هجڻ لازمي سمجهيو وڃي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن به مهم جوئيءَ جي گنجائش گهٽ آهي.
اهي ڌريون، جيڪي طاقتور حلقن جي ويجهو يا آسپاس رهن ٿيون، انهن جو خيال آهي ته عمران خان جي يوٽرن وٺڻ جو وقت اچي ويو آهي. هو جيڪي يوٽرن غلط وقت تي وٺندو رهيو، انهن کيس نقصان پهچايو. هينئر هڪ ڀيرو ٻيهر پي ٽي آءِ کي سفارتي ڪوششون ڪرڻيون پونديون. صدر عارف علوي ته اعتراف ڪري چڪو آهي ته هن جيڪي ڪوششون ڪيون،انهن ۾ کيس ناڪامي ٿي. ان سان گڏ اهي جن مختلف هنڌن کان ساڳي نوعيت جون ڪوششون ڪيون، اهي به عمران خان کي ڇڏي چڪا آهن يا انهن کي پارٽيءَ جي صفن مان ٻاهر ڪڍيو ويو آهي. ان سان گڏ ڪجهه ٻين طاقتور حلقن جي پي ٽي آءِ ۾ موجود هجڻ جا افواهه به آهن،پر اهي سڀ ريڊ لائين جي ويجهو پهچي ويا. ان ڪري وڌيڪ زور آزمائيءَ جي گنجائش گهٽ آهي. اهڙي صورتحال ۾ عمران خان جو انقلاب حقيقي هجي يا غير حقيقي،ان جو رنگ ڪهڙو به هجي يا بي رنگو هجي، ان جي گنجائش نظر نه اچي رهي آهي. ان حوالي سان زميني حقيقتن جو جائزو وٺي، نئين حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. اتحادي حڪومت اصل ۾ ماضي ۾ نوازشريف ۽ ٻين سان ڪيل ناانصافي جو هرجاڻو آهي.