ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

غريب ضلعن جي ترقي

Editorial

جڏهن وسيلن جي ورڇ منصفاڻي نموني نه ٿيندي آهي ته پوءِ ملڪ ۾ اڻبرابري جنم وٺندي آهي ۽ ان سان احساس محروميءَ کي هٿي ملندي آهي، نتيجي ۾ هڪ پاسي غريب هوندا آهن ۽ ٻئي پاسي وري امير هوندا آهن. پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ به گذريل ستن ڏهاڪن کان ائين ٿيندو پيو اچي. ملڪ ۾ صنعت جي حوالي سان رڳو ڪراچيءَ تي گهڻو ڌيان ڏنو ويو آهي، جنهن ڪري روزگار جا موقعا به ڪراچيءَ ۾ گهڻي کان گهڻا آهن. ان کان سواءِ جيڪي ٻيا ضلعا آهن، اتي ان قسم جو ڪو ڌيان ڪونه پيو ڏنو وڃي، نتيجي ۾ نه رڳو انهن ضلعن ۾ بيروزگاري آهي پر ان سان گڏ صنعت جو شعبو به بنهه گهڻو پٺ تي پيل آهي. تنهنڪري جيڪي به وسيلا آهن، اهي ڪراچيءَ تي خرچ ٿي رهيا آهن ۽ انهن وسيلن جو وڌ کان وڌ لاڀ ماڻيندڙ مقامي ماڻهو نه پر ڌاريو آهي. تازو جڏهن سنڌ ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ته اهي ضلعا وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، جيڪي هر حوالي سان پٺ تي پيل آهن. جن کي ٽيڪو ڏيارڻ لاءِ منصوبا بندي واري وزارت پنجن سالن تي ٻڌل ترقياتي رٿائون شروع ڪري رهي آهي. ان مان اها به خبر پوي ٿي ته ملڪ جا وڌ ۾ وڌ ضلعا پٺ تي پيل آهن. ڇاڪاڻ ته انهن لاءِ نه ترقياتي رٿائون شروع ڪيون ويون نه ئي وري انهن تي ڌيان ڏنو ويو آهي.
ڪالهوڪي آيل خبر موجب، منصوبا بندي واري وزارت پاڪستان جي 20 غريب ترين ضلعن جي ترقي لاءِ 5 سالن تي ٻڌل منصوبي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.منصوبا بندي واري وزارت سموري پاڪستان جي 20 غريب ترين ضلعن لاءِ خصوصي ترقياتي قدمن تي ٻڌل 5 سالن واري منصوبي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي جنهن کي سينٽرل ڊيولپمينٽ ورڪنگ پارٽي منظوريءَ لاءِ ايڪنڪ ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي. هن منصوبي جي پهرين فيز جي لاڳت 40 ارب روپيا آهي، جيڪو وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وچ ۾ 50 سيڪڙو لاڳت جي ڀائيواريءَ جي بنياد تي مڪمل ڪيو ويندو. وفاقي وزير احسن اقبال سي ڊي ڊبليو پي اجلاس جي صدارت ڪندي چيو ته پاڪستان جي اقتصادي تاريخ ۾ هي پنهنجي نوعيت جو پهريون منصوبو آهي، جتي وفاقي حڪومت غريب ترين ضلعن جي ترقي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. چونڊيل 20 ضلعن ۾ بلوچستان جا 11، سنڌ جا 5، خيبرپختونخوا جا 3 ۽ پنجاب جو 1 ضلعو شامل آهي. هنن مان ڪيترائي ضلعا ٻوڏ جي تباهين سبب سخت متاثر ٿيا آهن. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته هن منصوبي جو بنيادي مقصد ملڪ جي غريب ترين ضلعن ۾ بنيادي ڍانچي ۽ انساني سرمائي جي ترقي ۾ ٽارگيٽيڊ سيڙپڪاري ذريعي جامع ترقي ۽ برابري واري ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي. هن فيصلي کي هڪ سٺو فيصلو چئي سگهجي ٿو. جنهن سان ايندڙ وقت ۾ انهن ضلعن ۾ موجود عوام کي فائدو ٿيندو. پر سوال اهو آهي ته پٺ تي پيل ضلعن جو تصور ڇو ٿو اڀري؟ اها ڪهڙي رٿابندي آهي جو هڪڙا ضلعا سهولتن کان بنهه وانجهيل آهن، جڏهن ته ٻيا ضلعا هر قسم جي سهولت مان فائدو وٺي رهيا آهن. هڪڙيون آباديون آهن، جتي پيئڻ جي پاڻيءَ جي سهولت ڪونهي پر ٻيون آباديون آهن، جتي هر شيءِ دستياب آهي. تنهنڪري هي رٿا رڳو پنجن سالن لاءِ شروع نه ڪرڻ گهرجي پر اهي شهر ۽ اهي ضلعا جتي وڌيڪ رٿائن ۽ ترقياتي ڪمن جي ضرورت آهي، انهن کي اولين ترجيح تي رکيو وڃي ته جيئن ضلعن جي ترقيءَ ۾ جيڪو زمين آسمان جو فرق لڳو پيو آهي، ان کي گهٽائي سگهجي. ان کان سواءِ ان ڳالهه تي به زور ڏنو وڃي ته ننڍن توڙي وڏن شهرن کي جديد بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته جيئن ماڻهن کي هڪجهڙيون سهولتون ۽ موقعا ملي سگهن. ڇاڪاڻ ته سڀئي شهري برابر هئڻ گهرجن.
اسين سمجهون ٿا ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ضلعن ۾ هن وقت وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي پر اها سوچ رڳو ٻوڏ تائين محدود نه هئڻ گهرجي بلڪه عام حالتن ۾ به ان پاسي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي ته جيئن عوام کي هر قسم جون سهولتون جتي ڪٿي ملي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button