ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڇا ڪپتان ڪافي ناھي؟

Editorial-Article-Aijaz Mangi

آمريڪا ۽ روس جي باري ۾ پنھنجي موقف کي تبديل ڪندي پي ٽي آءِ جي سربراهھ کي ڪا پريشاني نھ ھئي. نھ وري آھي. ڇو تھ ھن کي معلوم آھي تھ ھن جي حامين ھن جي ان “ادا” کي قبول ڪري ورتو آھي. انھن جو ھن سان ھونءَ بھ ڪو عقلي رشتو تھ آھي ڪونھ. ھو ھن سان اھڙي عقيدت رکن ٿا، جھڙي عقيدت مريد پنھنجي مرشد سان رکندا آھن. مرشد ڪجھھ بھ ڪري. بظاھر ڪيترو بھ غلط ڪم ڪري، مريدن تي ان جو ڪو اثر نھ پوندو آھي. ھو اھو سمجھندا آھن تھ ان ۾ بھ ڪا روحاني رمز ھوندي.

عمران خان دنيا جي لاءِ ڀلي ھڪ سياستدان ھجي. پر پاڪستان ۾ پنھنجن حامين جي لاءِ ھڪ “سياسي مرشد” آھي. پاڪستان ۾ ان قسم جي حيثيت بينظير ڀٽو کي حاصل ھئي. پاڪستان جي سياسي فضائن ۾ پھريون ڀيرو ھن بينظير لاءِ نعرا بلند ٿيا ھئا تھ “سياسي مرشد….سياسي پير…..بينظير……بينظير” پر ھن جي لاءِ تھ اھڙا نعرا بھ نھ ٿا لڳن. پر پوءِ بھ ھو پاڪستان ۾ پنھنجن پوئلڳن ۾ ھڪ سياسي پير بڻجي ويو آھي ۽ ھو ڪجھھ بھ چوي. ڪجھھ بھ ڪري. ھن جا عقيدت مند ھن جي ھر شيءَ کي سر اکين تي رکي قبول ڪرڻ لاءِ تيار آھن. اھوئي سبب آھي تھ ھن کي ڪڏھن بھ پنھنجن مريدن مان ڪنھن بھ قسم جو ڪو بھ خطرو نھ رھيو آھي. ائين ناھي تھ ھن جي خلاف بغاوتون نھ ٿيون آھن. بلڪل ٿيون آھن. پر ائين جيئن “شخصيت پرستي” يعني (personality Cult) رکڻ وارن ماڻھن جي خلاف انھن جا ويجھا ماڻھو بغاوتن جا ناڪام پرچم بلند ڪندا آھن ۽ اھي ناڪام بھ ٿي ويندا آھن. ھن مھل تائين عمران خان خلاف جنھن بھ بغاوت ڪئي آھي، اھو ناڪام ٿيو آھي. اھو ڀلي اھو ھجي جنھن جي اچڻ تي پي ٽي آءِ جي پنڊال ۾ نعرا بلند ٿيندا ھئا تھ “ايڪ ھي باغي آدمي ھاشمي ھاشمي” يا اھو ڪراچيءَ جو امير ۽ وقتي طور تي ڊيپ پاور (Deep Power) جو پيارو فيصل ووڊا ھجي. ھن جي خلاف تھ وڏي ڪشش رکڻ واري ناري عائشھ گلالئي بھ ناڪام ٿي. ھن جي خلاف ھن جي ٻيون نمبر ۽ اڳوڻي گھرواري ريحام خان بھ ڪتاب لکيو. جنھن ۾ ھن جا سندس راز فاش ڪيا. جنھن ۾ ھن عمران خان ۽ ھن جي ويجھن ساٿين جي لاءِ نھ معلوم ڇا ڇا لکيو پر ان سبب ھن جي پارٽيءَ ۾ ھن جي عقيدت مندن مٿان ڪو اثر نھ ٿيو. ان جو سبب اھو آھي تھ انھن جي وچ ۾ عقل جو نھ پر عشق جو رشتو آھي. اھا ڳالھھ بھ ذھن ۾ رکڻ جھڙي آھي تھ ھر عشق عقيدت وارو نھ ھوندو آھي. ائين جيئن ھر عقيدت ۾ عشق نھ ھوندو آھي. پر ڪجھھ عقيدتون ۽ ڪجھھ عشق پاڻ ۾ ان طرح سان ملي ويندا آھن جو انھن کي الڳ الڳ ڪرڻ ناممڪن لڳندو آھي.

عمران خان جي ڪيس ۾ بھ ڪجھھ اھڙو آھي. عمران خان کي پھرين وڊيوز جي ليڪ ذريعي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ان قسم جو ڌنڌو ڪرڻ وارن تمام جلد محسوس ڪري ورتو تھ پي ٽي آءِ جي حامين پنھنجين اکين جي مٿان عمران سان عقيدت جي پٽي ٻڌي رکي آھي. ھو ڪجھھ ڏسي بھ نھ ڏسندا. ھو ڪجھھ ٻڌي بھ نھ ٻڌندا. ھو ڪجھھ سمجھي بھ نھ سمجھندا. جيڪڏھن انھن جو دماغ ڪنھن سبب جي ڪري انھن کي بغاوت جي طرف وٺي بھ ويندو تھ ھو ان کي “شٽ اپ” چئي، ان جي مداخلت کي رد ڪري ڇڏيندا. عمران خان جا حامي ھن کي دل سان چاھين ٿا. ان ڪري ھو ھن جي ڪنھن بھ تضاد تي ڪا بھ تڪليف محسوس نھ ٿا ڪن. ان سلسلي ۾ جيڪڏھن اسان دنيا ۾ شخصيت پرستي ۽ عقيدي جو پيرو کڻون تھ اسان کي سوين نھ پر ھزارين مثال اھڙا ملندا، جن ۾ اسان کي صاف نظر ايندو تھ جيڪڏھن اھو ڪجھھ ھڪ انڌو بھ ڏسي ھا تھ ھو بھ چوي ھا تھ اھو غلط آھي. پر اھا بھ حقيقت آھي تھ “جڏھن اکين وارا انڌا ٿيندا آھن تھ نابينيءَ ھو اصل انڌن کي مات ڏئي ڇڏيندا آھن”

سياسي عقيدت پرستيءَ جي سلسلي ۾ اسان ھن مھل تائين عمران خان جو قد ڪاٺ نھ ماپي سگھيا آھيون پر اسان کي معلوم آھي تھ دنيا ۾ اھڙا مثال تمام گھڻا رھيا آھن. عمران خان جي ذات ۾ اھڙي ڪشش ناھي، جھڙي ھٽلر ۾ ھئي. پر ھن جا مخالف ھن جي ڀيٽ ھٽلر سان ڪندا رھيا آھن. جڏھن تھ اسان کي پاڪستان تھ ڇا پنھنجي ديس سنڌ ۾ بھ ڪيترن ئي ننڍڙن سياسي پيرن جي باري ۾ ڄاڻ آھي. جڏھن تھ انھن ۾ ڪجھھ اھڙا پير بھ ھئا، جيڪي پنھنجي سياسي نظرئي جي حساب سان پير پرستيءَ جي سخت خلاف ھئا. ھو سياست ۾ سمجھھ ۽ عقل کي تمام گھڻي اھميت ڏيندا ھئا. ھو پاڻ کي سائنسي سوچ وارو سڏيندا ھئا ۽ سائنسي سوچ تي تمام گھڻو اصرار بھ ڪندا ھئا پر ان جي باوجود انھن جا پوئلڳ انھن جي ھر ڪڌي عمل تي آمنا صدقنا چئي ماٺ اختيار ڪندا ھئا. انھن کي محسوس ٿيندو ھو تھ انھن جو عقل ۽ انھن جي سمجھھ ايتري ناھي، جيتري انھن جي سياسي پير ۽ مرشد جي آھي. ان ڪري انھن جي ذھن ۾ شڪ ۽ وسوسا اچڻ بھ ان ڳالھھ جو ثبوت آھي تھ ھو ھن مھل تائين نظرياتي طور تي پچي پختا نھ ٿيا آھن.

ھن دنيا جو جيڪو دونمبري دستور رھيو آھي، ان ۾ اسان جا چڱا موچارا ماڻھو بھ شامل رھيا آھن. انھن جا نالا لکڻ ۾ ڪو حرج بھ ناھي تھ ان سان مضمون جو رخ تبديل ٿي ويندو. ھونءَ بھ “عقلان را اشارا ڪافي است”. باقي جيستائين عمران خان جي ذات بابرڪات جو تعلق آھي تھ پاڻ سدائين جيڪو ڪجھھ سوچيندا آھن، اھو ڪجھھ چوڻ جي قدرت بھ رکندا آھن. ھن دنيا ۾ ڪجھھ ماڻھو سوچڻ ۽ سمجھڻ کان سواءِ ڳالھائيندا آھن. ھو سوچي ڳالھائڻ تھ ڇا پر ڳالھائي بھ بھ نھ سوچيندا آھن. جڏھن تھ ڪجھھ ماڻھو سوچي ڳالھائيندا آھن. وري ڪجھھ ماڻھو ڳالھائڻ کان بعد ۾ سوچيندا آھن. جڏھن تھ ڪجھھ ماڻھو جيڪو سوچيندا آھن، اھو ڳالھائيندا ويندا آھن. عمران خان جو تعلق پوئين قسم سان آھي. انھن جي لاءِ انگريزيءَ ۾ جيڪو محاورو استعمال ڪيو ويندو آھي، اھو محاورو آھي “وڏي آواز سان سوچڻ” عمران خان وڏي آواز سان سوچيندڙ سياستدان آھن.

ھن وقت عمران خان سوچي رھيو آھي تھ ھو آمريڪا جي مخالت ۾ گھڻو اڳيان نڪري آيو آھي. ان ڪري ھن کي انگريزي فلم جي ھيرو فاريسٽ گمپ وانگر گھر واپس ورڻ گھرجي. ان ڪري ھو سائفر واري معاملي کي اڃان تائين سياسي اشو بڻائڻ صحيح نھ ٿو سمجھي. ان ڪري ھو مغروريءَ سان چوي ٿو تھ اھو معاملو پراڻو ٿي چڪو آھي ۽ مٿان ھو اھو بھ چوي ٿو تھ اھا پاڪستان جي حڪومتن جي غلطي آھي تھ ھو آمريڪا کي زوريءَ زبردستيءَ پنھنجا آقا ۽ پاڻ کي غلام بڻائي پيش ڪندا رھيا آھن. پر ان سلسلي ھو روس جي لاءِ بھ اھو چوي ٿو تھ روس وڃڻ ھن جي وڏي غلطي ھئي. انھن سڀني کان اھم ۽ وڏي ڳالھھ اھا آھي تھ ھو ھن مھل بھ ۽ ھيترو ڪجھھ ٿيڻ بعد بھ اھو موقف رکي ٿو تھ ھن کي مستقبل ۾ اسٽيبلشمينٽ جي تعميري تعاون جي ضرورت آھي.

عمران خان جي اھڙي موقف تي ھن ملڪ کي سياسي مبصرن کي مٿي تي ھٿ ڏئي ويھڻ جو ڪو بھ حق حاصل نھ ھجڻ گھرجي. ڇو تھ انھن کي معلوم ھجڻ گھرجي تھ ھو ڪنھن بھ وقت، ڪجھھ بھ چئي سگھي ٿو. دراصل ھو پاڻ کي پاڪستان جو واحد سياستدان سمجھي ٿو، جيڪو سوچي بھ سگھي ٿو. ھو پنھنجن مخالفن جي ان صلاحيت تي تمام گھڻي طنز سان کلندو آھي تھ ھو سوچڻ ۽ سمجھڻ واري دماغ کان پيدل آھن. ھو پاڻ کي سياسي جينئس سمجھندو آھي. ھن جو خيال آھي تھ پاڪستان ۾ سياسي عقل جيترو ھن جي حصي ۾ آيو آھي، ايترو تھ زيڊ اي ڀٽو جي حصي ۾ بھ نھ آيو ھو.

عمران خان ھڪ شخص نھ پر ھو نفسياتي ڪيفيت جو نالو آھي. ھو پنھنجي مڪمل تعبيداري چاھيندو آھي. ھن جي آڏو تھ پنجاب جو مشھور پير بھ ائين پيش ٿيندو آھي، جيئن ھن جا مريد ھن جي سامھون پيش ٿيندا آھن. عمران خان جي ذھني عياشيءَ جي اھا انتھا آھي تھ جن ماڻھن جي آڏو عام خلق جھڪندي آھي، اھي ماڻھو عمران خان جي آڏو جھڪندا آھن. عمران خان پاڻ کي وزير اعظم نھ ھوندي بھ اھڙي شخصيت سمجھي ٿو، جنھن جي صحيح ڪيل شرٽ ڪروڙن ۾ وڪامي ٿي ۽ ھن جا عقيدت مند ھن جي ان ڳالھھ تي فخر ڪن ٿا. جڏھن تھ اھا فخر کان وڌيڪ فڪر ڪرڻ جھڙي ڳالھھ آھي.

عمران خان پنھنجي ان ڪوتاھيءَ ۽ پنھنجي ان خرابيءَ کي اصل ۾ پنھنجي خوبي سمجھي ٿو. ھن جو خيال آھي تھ سوچڻ ۾ ثابت قدمي اصل ۾ ننڍڙن دماغن جو وڙ آھي. بلڪل ائين جيئن انگريزيءَ ۾ چوندا آھن تھ “Consistency is virtue of small minds” ان سلسلي ۾ نھ جارج برناڊشا بھ چيو ھو تھ “جيڪو ماڻھو پنھنجي سوچ ۾ مستقل مزاج آھي، اھو ماڻھو تخليقي صلاحيت جو مالڪ ٿي نھ ٿو سگھي.”

عمران خان بار بار پنھنجا روپ ۽ رنگ تبديل ڪرڻ تي فخر ڪندڙ اھڙو فرد آھي، جنھن وٽ عقيدت مندن جو وڏو تعداد آھي. ھو سياسي پير آھي. ھو ھڪ اھڙو سياسي گرو آھي، جنھن جي گرد صرف ھن جا چيلا ئي چري پري سگھن ٿا. ھو پاڻ کي اھا آزادي ڏيڻ جو حامي آھي، جيڪا ھن جي پارٽيءَ ۾ ٻيو ڪو بھ سوچي نھ ٿو سگھي. ھن پنھنجي سوچڻ سبب پنھنجي پارٽيءَ جي ھر ميمبر کان سوچڻ جي آزادي کسي ورتي آھي. ھن جي ڪنھن بھ ڪارڪن يعني مريد ۽ ھن جي ڪنھن بھ اڳواڻ يعني خليفي کي ھن وانگر سوچڻ جي اجازت ھرگز ناھي.

ھونءَ بھ ھن جا عقيدت مند عام طور ان خيال جا آھن تھ عمران خان جي ھوندي ڪنھن سوچڻ جي ڪھڙي ضرورت؟ ڇا اسان سڀني جي لاءِ سوچڻ جي سلسلي ۾ ھڪڙو ئي ڪپتان ڪافي ناھي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button