پروفيسر نوراحمد جنجهي، هڪ گهڻ رخي شخصيت جو ڌڻي، بلند پايه محقق، نثر نويس، شاعر، ماهر لسانيات، اديب لبيب، تصوف، فلسفي ۽ تاريخ جو مايه ناز استاد، مشرقي توڙي مغربي ٻولين تي مهارت تامه رکندڙ ، سنڌي مترادفات، اصطلاحات، پهاڪن، تي عبور رکندڙ دردمند دل جو ڌڻي حساس ليکڪ آهي. سندن بيش بها تحريرن ۾ سچائي، سادگي، سلاست، پختگي، افڪار، نظريات ۾ شائستگي، شگفتگي، رواني ۽ ميٺاج جو معيار باقائدگي سان برقرار رکيو اچن. هو قحط الرجال جي دور ۾ باقائدگي سان علم و ادب جي مختلف صنفن ۾ خدمت ڪندا پيا اچن، جنهن جو واضح ثبوت اِن مان ملڻ مشڪل نه آهي. ته پاڻ تقريبن پنهنجي هر سال جنم ڏينهن تي گھٽ ۾ گھٽ ٻن سنڌي توڙي انگريزي ۾ مفيد معياري گرانقدر علمي ڪتابن جو ارمغان پڙهندڙن تائين پهچائڻ جو سلسلو جاري رکيو اچن. هڪ اهڙي انتهائي نازڪ ۽ حوصله شڪن دور ۾ جڏهن هر شيءِ تي حاوي ٿيندڙ سوشل ميڊيا سموري دنيا ۾ انقلاب جا واڄٽ وڄائيندي، ساري جڳ جهان کي هڪ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ الله نه ڪري، ڪتابن جي ڪائنات تي موسم خزان پئي محسوس ٿئي.
اهڙي لونءَ ڪانڊاريندڙ دور ۾ پڻ سائين نور احمد جي باوقار مستقل پڙهندڙن جو حلقو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. هو هن نازڪ دور ۾ پڻ هر سال پنهنجي پڙهندڙن کي سندن لکڻين لاءِ منتظر رکندو پيو اچي. پاڻ اڄ به علم ۽ آگاهي جي افق تي مناره نور بنجي چوٽ تي چمڪي رهيا آهن، قلم ۽ قرطاس جي جڳ هُن جو هر هر سر جيل لفظ ٻاٻيهي جي ٻولي پيو محسوس ٿيندو آهي. خاص ڪري لغت جي لحاظ سان نون لفظن ۽ اضافي وساريل وٿ کي ورجائڻ، اصطلاحن جو نئين گهاڙيٽي سان وجود بخشڻ هن ڳالهه جي ثابتي آهي ته سائين نور احمد وٽ جتي جتي ندرت جو جهان آباد آهي اتي مطلب ۽ معنيٰ تي قدرت پڻ رکن ٿا. عجيب اتفاق چئبو جو هو ڪثير المشاغل، عديم الفرصت هئڻ باوجود ڪتابي ڪائنات سان گڏ باقائدي روزانو سوشل ميڊيا تي پڻ چاهيندڙن لاءِ علم افشاني ڪندي مولانا روم رحه، حافظ رحه ۽ عطار جهڙن عظيم علمي اثاثن جي افڪار نظريات جي تشريح و توضيح، اشعار جي تفهيم اشعار جي صورت ۾ ڪندا آهن. ڪاش هن علمي چشمه صافي مان اسان جي نئين ٽهي ۾ علمي استفادو حاصل ڪندي، ماضي جا موتي ۽ مرجان مان پنهنجو دامن پُر ڪن. بهرحال انهي سلسلي ۾ علمي جهان ۾ سائين نور احمد جنجهي صاحب جي معياري ۽ موقر سماجيات ۽ بشريات جي اهم عنوان تي سندن تازه تصنيف “جو چاهين سو چونڊ تون” جي نانءُ سان املهه اٺاويهن عنوانن تي مختلف مزاجن، سئوڻن ساٽن، ريتن رسمن، بودوباش، افعال ۽ ڪردار، نيڪي بدي، حق ناحق عدل و انصاف جهڙن مختلف موضوعات تي بصيرت افروز روح پرور رهنمائي ڪئي آهي. هيءَ ساھه سان سانڍڻ جهڙي سون ورني سوکڙي مشهور معياري اشاعتي اداري، ڪويتا پبليڪيشن، ظاهري توڙي باطني خوبين سان مزين ڪري لائق پڙهندڙن تائين پهچايو آهي. بلاشبه ڪتاب جو هر مضمون معلومات افزا ۽ صاحب بصيرت لاءِ ته چشم ڪشا ۽ ڄاڻ جي کاڻ محسوس ٿئي ٿو. ڪتاب جا مختلف موضوعات جيئن ته ماڻهو ماڻهو جو، سال مٿان سال، ويراوير وڌندڙ دنيا، گهڙيا سي چڙهيا، خيال جي آزادي ۽ سماج ۾ سهپ، جهڙا املهه عنوان، معلومات جو بيش بها خزانو چئبا، سندن بلند پايه خامھ فرسائي ۾ جتي پنهنجي پر شڪوه ماضي جو تذڪرو آهي، اتي حال کي خوشحال بنائڻ لاءِ مفيد مشورا هنيين سان هنڊائڻ جهڙا آهن. ڪتاب جو لفظ لفظ اسانجي سياسي، سماجي، معاشي، معاشرتي، تهذيبي ۽ اخلاقي زندگي کي مفيد ۽ معياري بنائڻ لاءِ رهبري ۽ رهنمائي ڪري ٿو.
ڪتاب جو مختصر مگر جامع جاندار مهاڳ ته بار بار پڙهڻ ۽ پروڙڻ لا من چاهي ٿو. لفظ لفظ دعوت فڪر چئبو، هيءُ ڪتاب خصوصن اسانجي باشعور نئين ٽهي لاءِ ته هڪ معياري ۽ مفيد آئينو چئبو جو هميشه سچ چوندو آهي. جو چاهين سو چونڊ اصل وڃايل حقيقي انسان جي تلاش ۾ وڏو معاون ۽ مددگار چئبو، جنهن ۾ لائق ۽ فائق عظيم انسان کي جنهن بلند خيالي، وسعت قبلي، سچائي، اوچائي، سنجيدگي، وقار ۽ سرفرازي جو سبق سيکاريل آهي. اهو باشعور “بشريات” جي طالب علم لاءِ هڪ نئون اُنس ۽ اتساھه پيدا ڪندڙ سونهون چوڻ ۾ آئون ڪو به مبالغو نٿو محسوس ڪريان. غور ڪبو ته فطرت، انسان لاءِ آزادي سان ٻئي رستا کولي ڏنا آهن، هڪ راهه سچائي، سورهيائي، سياڻپ، امن ۽ اهنسا جي سئين واٽ، ٻئي طرف انڌ، اوندھه اوجهڙ واري پرخار وادي، پوءِ انسان جو چاهي سو چونڊي. شال ڌڻي پاڪ اسانکي اوتڙ، اوجهڙ، بدي، بڇڙائي، بي وڙائي، حرص، هٻڇ، حسد، هوس، جي پر آشوب رستي کان پناھه ۾ رکي ته ٻيڙائي پار چئبا. فطرت سان بغاوت ڪندڙ قومن جي زوال جي ڪهاڻي تاريخ جي اوراق پارينه ۾ پڙهڻ سان ڏندين آڱريون ٿيون اچي وڃن. يقينن هي مختصر ڪتاب “جاده حق” جي پانڌيئڙن لاءِ سچ، ساڃاھه، سرت، سپت جو سبق سيکاريندو.
ڪتاب ظاهري توڙي باطني خوبين سان مزين معياري اشاعت، خوبصورت روح پرور ٽائيٽل مضبوط جلد معياري ڪاغذ تي 160 صفحن تي مشتمل باوقار پرهندڙن تائين پهچايو ويو آهي. هر ناليواري ڪتاب گهر تان ملي سگهي ٿو. لائق پڙهندڙن ۾ آس آهي ته اھي هن ڪتاب کي حسبِ سابق جيءَ ۾ جايون ڏئي هر گهر ۽ لائبريري جي زينت بڻائي علمي استفادو حاصل ڪندا. جيئن هي علمي ۽ قلمي جوت جلندي رهي. اميد جو ڏيئو هميشه روشن رهي ۽ سهڻي سنڌ ۾ علم جي شمع سدا فروزان رهي.