سيوهڻ انڊس هاءِ وي کي ڏنل ڪٽ جي کڏ ۾ هڪ ئي خاندان ۽ برادري سان تعلق رکندڙ ويهھ ڄڻا فوت ٿي ويا آهن ۽ تيرنهن زخمي ٿيا آهن عبدالله شاھه اسپتال جي انچارج ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته زخمين ۾ پنجن جي حالت نازڪ آهي انهن فوتين ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار نه شامل آهن هن وقت جي حادثي جي رپورٽ مطابق ڪنوار فوت ۽ گهوٽ شديد زخمي آهي حادثي جي انگ اکر مطابق ويگن ۾ 33 ڄڻا سوار هئا. مري ويلن ۾ اڪثريت ٻارن ۽ عورتن جي ٻڌائي ٿي وڃي هي به رپورٽ ڪيو ويو آهي ته غلام عباس ڦلپوٽي جو ويڙهو ئي ويران ٿي ويو آهي جو سندس زال ٻه پٽ ۽ ڌيءَ فوت ٿي ويا اٿس. سيوهڻ جي ڀر ۾ انڊس هاءِ وي کي برسات جي ٻوڏ دوران ڪٽ ڏئي پاڻي جو نيڪال ڪيو ويو هو.
هن خوفناڪ ۽ هيانءُ ڏاريندڙ واقعي جو سبب غفلت آهي يا لاپراهي اهڙي لاپرواهي جنهن کي بيحسي ئي چئي سگھجي ٿو. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي آيل ڪٽ کي ٻن مهينن ۾ به بند نه ڪرايو، ڪيترائي حادثا معمول بڻنجندا رهيا آهن شايد هي حادثو به انهيءَ آيل ڪٽ جي کڏ ۾ گم ٿي سرد لاش بڻجي وڃي ۽ پوءِ غفلت جي ورڇ ڪامورڪي چالاڪين ۽ ٽيڪنيڪل سببن ۾ ڄاڻائيندي ٿورو ٿورو ڪري ائين ورهايو ويندو ته جيئن ڪنهن به هڪ ڌر تي گناهھ جو ليبل نه لڳي ۽ آخر ۾ قدرت جو وڏو کاتو کولي سڀ ڪجھه انهيءَ ۾ دفن ڪيو ويندو يا لوڙهيو ويندو. هن حادثي جي واقعي ٿيڻ بعد ٻڌايو ٿو وڃي ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاھه نوٽيس وٺندي رپورٽ گھري آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ پ پ پ جي ايم اين اي سڪندر علي راھپوٽي حادثي واري هنڌ پهچي پنهنجي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته “ان حادثي جي ذميوار موٽروي پوليس آهي ۽ هن نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي ذميوار قرار ڏنو.” سندس چوڻ هو ته موٽروي
پوليس کي موجود هجڻ گھربو هو پر ڪنهن سنڌ حڪومت جي نمائندي يا خود وزير اعليٰ سميت پنهنجي ڏوھه ۽ غلطين جو ڪو اعتراف ناهي ڪيو ائين ٿو لڳي ڄڻ سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کي ان ٻه مهينن جي دوران آيل ڪٽ جي ڪا ڄاڻ ئي نه هئي ڪا خبر ئي نه هين ته روڊ کي ڪٽ به آيل آهي موٽروي پوليس ۽ هائر اٿارٽي جن جي دماغ ۾ دولت ۽ تڪبر ڀريل آهي انهن کي ڪنهن جو هاڻي ئي احساس ٿيو هوندو ته ان خوفناڪ آيل ڪٽن تي ٽريفڪ کي انتباهھ ڪرڻ جي لاءِ اينڊيڪٽر لائٽون، سرخ جھنڊيون ۽ اهلڪار مقرر ڪري ها ته جيئن هر ايندڙ گاڏيءَ کي اهو ٻڌايو وڃي ها ته هي خوفناڪ ڪٽ ڪيئن ڪراس ڪيو وڃي ڪهڙي پوائنٽ ۽ ڪٿان گاڏي ڪراس ڪري سنڌ حڪومت جا نمائندا جيڪي وي آئي پي پروٽوڪل ۾ هلندا رهندا آهن، انهن کي اها خبر ئي ناهي ته روڊن رستن جي حالت ڪهڙي آهي ويچاري ضلعي انتظاميه کي ڪهڙي خبر ته خوفناڪ دڳن تي انتباھه ڪرڻ جي لاءِ بندوبست ناهي ٿيل.
پر جي کين خبر به هئي ته ضلعي انتظاميه ۽ سنڌ حڪومت جي ذميواري ٿوڙي آهي جو هاءِ وي اٿارٽي جي روڊن رستن جي خوفناڪين جو نوٽيس وٺي کين تاڪيد ڪري هن حادثي کان پهريان ان ئي روڊ سان ڪيترائي حادثا ٿي چڪا آهن پر ڪنهن جو ڪو گناھه ۽ قصور ناهي ڄاڻايو ويو روايتي الزام ۽ بيانن کان پوءِ معاملو آيو ويو ٿي ويندو آهي ڇا سنڌ حڪومت سنڌ جي تاريخ ۾ اهڙا ڪي حادثا ٻڌائي سگھندي جن ۾ پوليس يا انتظاميا يا ڪنهن به ڏوھه کي ثابت ڪري ان کي سزا ڏياري وئي هجي معاملو آيو ويو ٿي ويندو آهي وڌ کان وڌ اسان جي حڪمرانن جي فرض شناسي ۽ عوام دوستي اها هوندي آهي ته هو ان متعلقه ڪيس ۾ اهلڪارن جون عارضي معطلي ڪندا آهن، ڪجھه وقت گذرڻ کان پوءِ بااثرن جون سفارشون خرچين، تحفن تي وري بحاليون ٿيڻ معمول جي روايت رهي آهي.
سنڌ جي روڊن ۽ رستن جي حالت ڪنهن کان ڪيتري ڳجھي آهي. هاڻي انهيءَ کي دهرائڻ ۾ به اذيت ۽ تڪليف محسوس ٿي ٿئي، جڏهن دانهون ۽ ڪوڪون بي اثر ٿي وينديون آهن تڏهن شڪايت ڪرڻ تي به ارواح ناهي ورندو. هي معاملو ڪنهن هڪ يا ٻن حادثن جو ناهي پر روز جو معمول
بڻيل آهي هاڻي هن ملڪ جي ماهر انجينيئرن، تعميراتي ڪمپنين ۽ حڪومتي ٽيڪنيڪل ٽيمن کان اسان سوال ڪرڻ جي ڪهڙي گستاخي ڪريون ته جڏهن روڊ ۽ رستا تعمير ٿيندا آهن تڏهن هر روڊ جي ٺهڻ جي دوران پاڻي جي قدرتي وهڪرن نيڪالن ۽ لاهين کي نظر ۾ رکي پهريان کان ئي موريون يا پليون تعمير ڪيون وينديون آهي ته ڪڏهن به ڪو پاڻي جو وڏو وهڪرو اچي برساتين يا ٻين سببن جي ڪري ته اهو وهڪرو روڊ کي نقصان ڏيڻ جي بجائي انهن نيڪالن مان وهي وڃي ۽ ڪڏهن به ڪنهن روڊ کي ڪٽ ڏيڻ جي ضرورت نه پئي.
هاڻي حالت اها آهي ته درياءَ جون جيڪي پليون تعمير ڪيون ويون آهن انهن جا ئي پيٽ ايترا سوڙها ڪيا ويا آهن جو وهڪري وڌڻ سان صورتحال ڳنڀير ٿي ويندي آهي دريا جي پيٽ ۾ قبضا قدرتي وهڪرن تي قبضا ۽ رڪاوٽون ته عام جام هاڻي معمول بڻجي چڪو آهي انهيءَ جو باربار دهرائڻ سواءِ ورجاءُ جي ٻيو ڪجهھ به محسوس نٿو ٿئي سنڌ حڪومت پنهنجي سياسي ٽيلنٽ جو مظاهرو اهوئي ڪيو آهي ته هنن سياست ۾ مخالفن تي تنقيد جي ڀرمار ۽ انتظامي فرض شناسي ۾ پارٽي قيادت جي تيمارداري حڪمن جي پوئيواري ۽ بااثر ڀوتارن جون خدمتون، هاڻي جڏهن معاملو هر روز جو ائين هجي ته سنڌ جي عوام جي زندگي ڪيتري اهميت ٿي رکي پاڻ ڪيترائي مضمون هن باصلاحيت حڪومت تي لکي چڪا آهيون ته هڪڙي معاملي تي توجهھ ڏيڻ سان حالتون ستر سيڪڙو بهتر ٿي سگھن ٿيون خاص ڪري ٽريفڪ جو معاملو سڌرڻ ۾ يا سڌارڻ ۾ ته ڪو خرچ ئي نه ايندو، صرف توجھه ڏيڻ جي ضرورت آهي.
اسان کي هي به هر روز ٻڌڻ ۾ ٿو اچي ۽ ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته برساتن کان پوءِ روڊن ۽ رستن تي يا ڪپرن تي آيل ڪٽ کي بند ڪرائڻ جي لاءِ عوام هر روز احتجاج پيو ڪري جوهي جو مثال اسان جي اڳيان آهي ته جوهي جو دادو وارو رستو ڪٽ سبب ايتري حد تائين مصيبت بڻجي ويو آهي جو ماڻهن جو اچڻ وڃڻ به ممڪن ناهي رهيو پهريان پاڻي جي دوران ٻيڙيون هلنديون هيون ته عوام انهن ٻيڙين تي چڙهي رستو پار ڪندو هو پاڻي لهڻ کان پوءِ ننڍي پاڻي ٿيڻ جي ڪري ٻيڙيون به نٿيون هلي سگھن ۽ نه ماڻهو ننڍي سواري تي ڪراس ڪري سگھي ٿو هر روز جا احتجاج ۽ هائي گھوڙا معمول بڻيل آهي هي سڀ ڪجھه بحران بري انتظاميا، بي توجهھ رهڻ يا لاپرواهي ڪرڻ جيڪو معمول جو رويو بڻجي ويو آهي انهيءَ جو هڪ وڏو سبب اهو آهي ته هي حڪمران طبقو ڪهڙي به دور ۾ ۽ ڪهڙي به پارٽي جي نالي سان حڪومت ڪري پر پنهنجي جاگيرداري، پيري تڪبر ۽ پنهنجي مفادن کان سواءِ عوام جي لاءِ ذري برابر به احساس ناهي رکندو خاص ڪري ڀوتارڪي ۽ جاگيرداري جي نفسيات جي اها ڪيمسٽري آهي جو هو پاڻ کي ۽ پنهنجي طبقي کان سواءِ عوام کي ڪا به اهميت ناهن ڏيندا سنڌ جي سڄي بربادي انهيءَ بيحسي جي پيداوار آهي جنهن جو مظاهرو حڪمران ڪندا رهن ٿا. پاڻ ڏسنداسين ته هنن خوفناڪ حادثن جون ڪهڙيون انڪوائريون ٿين ٿيون ڪنهن کي سزائون اينديون، اهو سڀ ڪجهھ هاڻي کان ئي يا هر حادثي ٿيڻ کان پوءِ بي وس عوام ان وقت ئي سمجھي ٿو ڇڏي، انهيءَ ئي ڪري انهيءَ بيوسي جي عالم ۾ زندگي گذاريندي پنهنجي درد کي قدرت جي چادر ۾ ڍڪي ٿو ڇڏي ۽ ان ئي چادر جي پلو سان پنهنجا ڳوڙها اگهي ٿو ۽ اهائي قدرت جي گم جي چادر آهي جنهن سان اسان غريبن جا لاش ڪفن ۾ ڍڪجن ٿا هاڻي به ائين ٿيندو دربدار عوام اوستائين دربدر رهندو جيستائين عوام جي سياسي وارثي نه ٿي ٿئي ڇو ته سياسي وارثي ئي برين حالتن کي بري انتظامن کي بهتر ڪرڻ جي سگھه رکندي آهي جيستائين سياست جو اهو عمل اڳتي نه وڌندو تيستائين برايون ۽ مصيبتون ۽ حادثا، جبر ۽ ظلم گھٽجڻ جي بجاءِ وڌندا ئي رهندا ۽ عوام پنهنجن پيارن جا جنازا کڻندو ئي رهندو هي آهي سنڌ جي جمهوري حڪومت جنهن ۾ بربادين، حادثن، لاشن، بک ۽ بدحالي کان سواءِ عوام کي ڪجھه به ناهي مليو ڪڏهن گاڏين ۾ باهيون ٿيون لڳن ۽ عوام انهن ۾ سڙي ڪوئلو بڻجي ٿو وڃي ته ڪڏهن حادثن ۾ ڪي مرن ٿا ته ڪي معذور پيا ٿين. خيرپور واسين جو حادثو عوام جي لاءِ هيانءُ ڏاريندڙ آهي پر حڪمران طبقي جي لاءِ آئي وئي خبر کان سواءِ ڪجھه به ناهي.