ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

زليخان گنب: ھڪ اڪيلي ڇوڪريءَ ۽ اڪيلي عورت – II

Editorial-Article- Hameed Soomro

2010ع کان پوءِ ڊينگيءَ جو ملڪ ۾ شور ٿيو آئون ان جو آگاھيءَ جو سيشن ڏيڻ لاءِ صحت کاتي پاران سندس اسڪول ۾ ڊينگيءَ جو سيشن وٺڻ ويس ته ڏاڍي پنھنجائپ سان ملي. ائين پوليو جا قطرا پيارڻ جي آگاھي مھم ۽ واڪ جي سلسلي ۾ سندس اسڪول وڃڻ ٿيندو ھو ته ڏاڍو آدرڀاءُ ڪندي ھئي. ان دوران به سندس مرڪ جڏھن ٽھڪ جي صورت وٺندي ھئي ته کيس اھي ئي ڳلن ۾ چُگھه پوندا ھئا. سندس زندگيءَ جي داستان جو قصو به سندس ٻاروتڻ ۽ ان جي تعليم جيان عجيب غريب ڏکيائين مشڪلاتن ۽ آزمائشن سان ٽمٽار آھي. کيس پھرين نوڪري ملي سا به جوھيءَ کان اسي ڪلوميٽر پري مسجد اسڪول ميھڙ ۾، جتي سندس ڪا ڄاڻ سڃاڻ ڪانه ھئي پر ھن نه فقط اھا نوڪري ڪئي بلڪه پنھنجي مدد سان اسڪول ڀرسان پاڙي اوڙي جي عورتن سان ملي اھو بند ٿيل اسڪول ھلائي ڏيکاريو. ھن جڏھن اھو اسڪول ڇڏيو ته انھي اسڪول ۾ ذري گهٽ 80 ٻار داخل ھئا. ان کان پوءِ ھوءَ جوھي بدلي ٿي آئي ۽ سندس نالو آپا زليخان پئجي ويو. ھوءَ جوھي گرلس ھاءِ اسڪول ۾ نياڻين جي تعليم جي واڌ ويجھه لاءِ سرگرم رھي. جيڪڏھن ڪا ڇوڪري اسڪول اچڻ بند ڪندي ھئي ته ھو کيس نياپا ڪري گهرائي وٺندي ھئي. ان جي مائٽن کي قائل ڪندي ھئي. زليخان اسڪول ۾ سماجي سرگرمين، شاگردن ۾ تقريري مقابلن ۾ خاص دلچسپي ورتي ۽ جوھي جهڙي پراڻ پرست ماحول کي روشن خيال بنائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. سندس شادي اھڙي گهر ۾ ٿي جتي اڳ ۾ ڇوڪرن جي تعليم ئي گهٽ ھئي پر ھن پنھنجي ٻن پٽن سميت ٽن نياڻين کي يونيورسٽي سطح جي تعليم ڏياري.
جوھيءَ ۾ قائم اڪبر جسڪاڻي ميموريل ليبريري پاران جوھيءَ ۾ مختلف ميدانن ۾ مشڪل حالتن ۾ ڪارناما سرانجام ڏيڻ وارن سان فردن سان “پنھنجن جي پچار” سلسلي ۾ پروگرام ڪرايا ويا ته ھڪ پروگرام جوھيءَ جي ناليوارين چئن عورتن سان به ڊسمبر 2017ع ۾ ملھايو ويو جنھن ۾ آپا زليخان به شرڪت ڪئي. انھيءَ پروگرام ۾ زليخان گنب چيو ته ڇوڪرين جي تعليم تي جوھيءَ جا پڙھيل لکيل ماڻھو بابا ۽ اسان تي ٽوڪون ڪندا ھئا پر بابا ۽ مون ڪڏھن به ھمت نه ھاري ۽ بابا پرائمري استاد ھوندي مون سميت چئني ڀينرن کي اعليٰ تعليم ڏياري. آپا زليخان جي ھڪ ڀيڻ ھن وقت نذرٿ ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرر جڏھن ته ٻه ٻيون ڀينر تعليم جي پيشي سان لاڳاپيل آھن.
زليخان گنب جوھيءَ جي اھا عورت ھئي، جيڪا سوشل ميڊيا فيس بوڪ تي پنھنجي اصلي اڪائونٽ تان متحرڪ رھي. سماج ۾ اڀرندڙ روزمرہ جي مامرن تي پنھنجي راءِ ڏيڻ کان اصل نه مڙندي ھئي. سماج کي اڳتي وڌڻ ۽ خاص طور تي عورتن کي سماجي ۽ سياسي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ اتساھيندي رھي. پنھنجي بابا ۽ امڙ جي موت کانپوءِ اتفاق اھڙو ٿيو جو سندس جيون ساٿي نورل لغاري جنھن سان ھن شادي ڪري ريتن رسمن کي ھُت ڪري بيھاريو ھو، کيس اڪيلو ڇڏي پنج ٻارڙا جهوليءَ ۾ وجھي ھليو ويو ته به ھن ھمت نه ھاري. اڪيلي عورت جوھي جهڙي شھر ۾ پنھنجن ٻارن جي تعليم ۽ نيپاڄ به ڪري ۽ سندن تحفظ به ڪري. سو ھن لاءِ ڏاڍو ڏکيو ٿي پيو ۽ ھن پوءِ ٻي شادي به ڪئي پر مقدر جو کيل اھڙو جو ھوءَ به ٻه مھينا اڳ اوچتو دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو. وقت گهڻو نڪري ويو ھو. جھد مسلسل ۾ زليخان جا اعصاب شل ٿي ويا ھئا ۽ وقت سان وڙھندي ھوءَ به ٿڪي پئي ھئي ۽ پوءِ ھوءَ به 15 نومبر تي ھيءَ دنيا ڇڏي ھلي وئي پر اھو ضرور ٻڌائي وئي ته عورت پنھنجي تي اچي ته نه فقط سماج جي گندين ۽ تعليم دشمن روين سان وڙھي سگھجي ٿو. پنھنجي پيرن تي بيھي سگهجي ٿو پر پنھنجو اولاد به پڙھائي پاڻڀرو ڪري سگهجي ٿو.
زليخان سان ھم ڪلاسي واري ناتي اھا بدنصيبي چئبي ته کيس جِھل، جھالت، پراڻ پرستيءَ سان جهيڙي ۾ ڪڏھن وانگي نه ٿي سگهيس. ورثي ۾ مليل مولودن جي محفل کانپوءِ جڏھن اڪبر جسڪاڻي، شريف ٿھيم ۽ اسماعيل کوسو ذريعي مارڪس، لينن، مائوزيتنگ ۽ جي ايم سيد جي مجلس ۾ ويھڻ، انهن کي پڙھڻ ۽ پرکڻ ويٺس، تيسين تمام گهڻي دير ٿي چڪي ھئي ۽ زليخان عورت جي پاڻڀري ٿيڻ جي جنگ ۾ اڪيلي سر سندرو ٻڌي تمام گهڻو اڳتي ۽ پري نڪري وئي ھُئي. انھي جنگ ۾ کيس ڏاڍا گهاءُ لڳا جيڪي سھندي ھوءَ روح تائين رھڙجي ويئي ۽ کيس شوگر، “گائوٽ (سنڌن جي سور جو مرض )” ۽ ڦڦڙن ۽ ساهه کڻڻ جھڙيون بيماريون وڪوڙِي ويون ۽ پوءِ نورالعين ۽ قرت العين کي يونيورسٽيءَ مان ماسٽر ڪرائڻ کان پوءِ ٻن پٽن فاروق، آفاق ۽ ھڪ ڌيءَ حرا کي يونيورسٽي سطح جي تعليم ڏيڻ جو ارمان کڻي ھيءَ دنيا ڇڏي ھلي وئي پر جوھيءَ تي پنھنجي ڇاپ ضرور ڇڏي وئي. اھا ڇاپ جيڪا زندگيءَ جي مشڪل ترين گهڙين ۾ جاکوڙ جي ڇاپ آھي، اھا ڇاپ جيڪا عورت جي پنھنجي پيرن تي بيھڻ جي ڇاپ آھي، اھا ڇاپ جيڪا جوھيءَ ۾ فقط زليخان گنب جي ڇاپ آھي. جنھن جي ڀيٽ فقط زليخان سان ڪري سگهجي ٿي. اھا جيڪا ڇوڪري ھئي ته به اڪيلي ھئي ۽ عورت بڻي ته به اڪيلي ئي رھجي وئي. پنھنجي بابا ابراھيم گنب جيان جيڪو به جوھيءَ جي عورت دشمن تعليم دشمن ريتن رسمن سان اڪيلو اڪيلو وڙھندي سرخرو ٿي ويو ھو.

(پورو ٿيو)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button