لڳاتار ۽ ڇڪي ملندڙ گاريون دڙڪا ۽ چٿرون: ھاڻي انھن ملندڙ تنبيھن ڪري گھڻي ڪا ڳڻتي ناھي رھندي!
ڇوته سنڌ جي سياست جي چڪڻ ڀري گس تي وک وڌائڻ سان گس گام جي ڪس ته ڪا گھڻي نٿي لڳي پر واٽھڙن جي وات جي گڦ گھڻو گھائي ٿي ڇڏي! ھا پر لڳاتار پنڌ ڪندو رھڻ ڪري اس، ڇانو، پگھر، اڃ جي ڀيڙ سھي وڃڻ پڄاڻان ھاڻي واٽ تي ويٺلن جي باھوڙ “ساڙ ڪروڌ چاھه ۽ موھه” وارا ابتا سبتا تير، تکا جملا ۽ اوڀاريون لھواريون ھڪ ڪن مان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڇاڻي چار چڱا اکر سھيڙي ڦوڳ اڇلڻ سکي ورتو اٿم.
ڪم ڪندو رھان ٿو!
ڪڏھن جيل ته ڪڏھن ريل! اڀري سڀري حال تي ڪميءَ جي چال پر اڳتي سرندو رھان ٿو.
اھڙي رڻ ڀوميءَ ۾ جتي ھاٿين جي جنگ ڇڙيل آھي ۽ مان ڪوئن جيان وٿين ڪنڊن پاسن کان نڪرڻ جي لڳاتار اوک ڊوک ڪندو رھان ٿو!
۽ ان پتوڙ جيڪي سبق پڙھايا آھن، اھي ھي ته ھن مانڊاڻ ۾ رتو ڇاڻ ۾ ڏاڍ ڏھڪاءُ ۾ ۽ وڏي والار ۾ ڪير به ڪنھن جو ناھي! ھرڪو ارھو آھي، رٺل آھي ۽ پرچائڻ جي آس ۾ نراس ۾ منھن ٻئي پاسي ڪري ويٺل آھي. اصل ڇتڪتائي جو واسو آھي. گھڻائي ڪارنھن جي ٻٽي کوهھ تري ۾ کرڙيون ھڻي ھڻي ساڻي ٿي پويان ساھه پساھه پورا ڪندي اڀرڻ جا جتن ڪندڙن کي پاچي کان ڇڪي ڪيرائي رھي آھي ۽ ڪنھن جي به ڪرڻ تي سڀ ڪريل گڏجي واڇون ٽيڙي ڏند ڇيڪ ڪندي خوش ٿي رھيا آھن. جيڪي ڪي ٻاٽ مان ماٺ مان ڏاڍ ۽ ڏھڪاءُ مان ٽانڊاڻا بڻجي دائرن مان نڪتا، تن مان ڪن کي “نقاب پوش بندوق بردار پاڻ ھرتڙي آقا!
کنڀي گم ڪري ڇڏيو. ورھيـن کان گم ته ڪن کي عذاب اذيتون ڏيئي چچري ٽنگ پروڻ ڪري اڇلي ڇڏيو، ته ڪي وري مڻيي جي موھه ۾ ولھا ٿيا.
پو به ڪي چئوڏس اوندھه انڌڪار جي راڄ ۾ به اوچا ڳاٺ پھاڙن جا ڄڻ ٽانڊا ٽانڊا اڀ ۾ اکيون کپايون “پوئين ويڙھه به وڙهھ!” ھرڻ جيان ڇال سموھيون ساهھ سنڀاريون جھڙپ ڏيڻ ڪاڻ واجھه وجھندا رھن ٿا
باقي “پير منھنجي پڄا!” واري ڪار لڳي پئي آھي!
اھڙي ساھه سڪائي ڇڏيندڙ ويل ۾ اوھان جو اھو ڪمنٽس:
“مون توهان ۾ ڪجھه مثبت تبديلي نوٽ ڪئي آهي، پنهنجي جدوجهد جاري رکندا!”
توڻي جو ان ئي ڪمنٽس جي پڇاڙ ۾ اوھان دعا به ڏني آھي پر الائي ڇو اھا “دعا ڄڻ ڏند ڪڍي مون تي کلندي ھجي!” مڃان ٿو ته وطن وڏي مانڌاڻ ۾ اڙيل آھي ۽ مان پورو ئي نٿو پوان. لڳاتار وقت، پگھر ۽ رت ڏيڻ لا به اڳتي اڃا به اڳتي سرندو رھان ٿو پر وطن جي اڃ نه پئي لھي سگھي ته “گاريون دڙڪا چٿرون ھدايتون ۽ تبرا” جام ٿين ٿا ايڏا جو ڪير وڌيڪ ھڪ به ڦوڙ ھڻي ته جيڪر پراڻي ڦٽ کي ئي اکيلي اڊيڙي ٿو ڇڏي.
ھا پر “چچريل چيريل رتو رت” پو به سانت سلھاڙيو وڌندو ٿو رھان پر اوھان جي ان ڪمنٽس: “مون توهان ۾ ڪجهه مثبت تبديلي نوٽ ڪئي آهي، پنهنجي جدوجهد جاري رکندا!” ڇيهھ ڇني ڇڏيا آھن ۽ ويچار ڌارا کي کنڊ ھڻي من جو خيرپور ناٿن شاھه ٻوڙي ڇڏيو آھي!
اھو ڪمنٽس شعوري آھي الائجي لاشعوري آھي يا وندر ورونھن!
جي اجھو ھاڻي مون ۾ “ڪجھه مثبت تبديلي!” آئي آھي ته معنيٰ باقي مون پاڻي پئي ڇاڻيو! سڀ ڪجھه اڪارت ھو! ھيو ته اڳواٽ ڇو ڪونه ڏسيو ويو!!!
ھا پر جي کڻي اھا ڪار ئي ھئي به ته چڱي دوست يا سگھڙ ساٿي تي اھا رھت رھي ته اڳواٽ ڇو نه مونکي منھنجي ناڪارائپ آئينو بڻائي ڏيکاري وئي!
ڇا پاڻ جيڪي به ڳالھيون رٿون رايا ۽ ويچار ڌارائون ھڪ ٻئي سان کلندي گدگد ٿيندي ونڊ ڪندا رھيا آهيون سي سڀ ڀوڳ ھئو! چرچو ھئو!!!
مان ته پنھنجـن دوستن جو ھڪ جيڏن جو ۽ ساڳي ڪرت ڪندڙن جو آئينو ۽ اولڙو آھيان! ڇوته مان سمجھان ٿو ته “اھو سچ ئي ته آھي! جنھن لا اسين وڙھون ٿا!” پو اسان به عام رواجي بنھه غير سياسي ماڻھن وانگر اھي ٻوڪاٽ ڪريون ته “ٻين کي ڇڏيو پنھنجو ڪم ڪريو!” ان جو ته اھو مطلب ٿيو ھو گند ڪن اوھان انھن کي ڪا به ھدايت تنبيهھ يا پڇاڻو نه ڪريو. چاڪي جي ڏاند وانگر گول گول ڦرندا رھو!
ڪجھه به ھجي پر اسان ڏوھه ڪوڙ سازش ۽ جھالت کي کليو نه ڇڏينداسين. ڇوته انھن ڪارڻن ڪري ئي اسان لڳاتار کاھيءَ ۾ ھيٺ وڌيڪ ھيٺ ڪري رھيا آھيون.
کاھي مان نڪرڻ لا، دشمن کي مات ڏيڻ لا، منزل ماڻڻ لا، چڱائي سکيا ۽ پڇاڻو ته اوس ڪرڻو ئي پوندو!
ڇڙواڳي ئي ته مات ڏانھن ڌڪو ڏئي ڇڏيندي آھي انڪري ئي مان منزل ڏانھن ويندڙ راھه تي ڦٽل ڪنڊا گند، ڀتر، ٺڪر ۽ آڏا پٿر پري ڪندو راھه سنواريندو ھلندو آھيان. جيئن منھنجي پويان ايندڙ سھنج سولائيءَ سان راھه اڪرن ۽ منزل ماڻين.
پو ڀل ھڪ ھزار گاريون ڇڙٻون ۽ چٿرون ڇونه پلئه پون.
مان نادانن جي ارھائي ته سمجھي سگھان ٿو بس دانائن جھڙن ماڻھن جي ميش ھڻي ماري ٿي وجھي!
مان سنڌ وطن جو اھو سپاھي آھيان جنھن سان ان جي زال به سھمت نٿي ٿئي ڇوته پنڌ ڏاڍو اڻانگو آھي!
آخري لفظ: “اوھان جو اھو ڪمنٽس مونکي بنھه ھنيانءُ منجھه تکو تير ٿي لڳو آھي بنهھ ايئن جيئن حسين بن منصور کي شبلي جو گل!”