پاڪستان آبزرور اخبار ۾ 21 نومبر تي ايڊيٽوريل لڳو آھي، جنھن مطابق خناق Diptheria جي بيماري جيڪا دنيا منجھان ختم ٿي ويل آھي، جنھن جي ويڪسين حفاظتي ٽُڪن واري پروگرام ۾ شامل آھي. ان ڪارڻ پاڪستان ۾ 39 ٻارڙا مري ويا آھن. جيو نيوز مطابق انھن مري ويل ٻارڙن مان 23 يعني 59 سيڪڙو ٻارڙن جو تعلق سنڌ سان آھي. خناق جي بيماري تازي برساتي ٻوڏ کان پوءِ پوري سنڌ ۾ خاص طور ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڦھليل آھي. سنڌ ۾ برساتي ٻوڏ کان پوءِ موت مسلسل آدم بُو بُو ڪري رھيو آھي، جنھن جو تازو شاخسانو خناق جھڙي قابل بچاءُ مرض آھي. گذريل سترھين نومبر 2022ع تي خيرپور ضلعي جي ڳوٺ دائود ڦلپوٽو مان قلندر جي درگاهه لاءِ سُکا کڻي ويندڙ وين انڊس ھاءِ وي تي ٻوڏ ۾ ڏنل ھڪ سئو فوٽ اونھي کاھي واري ڪٽ ۾ ڪلٽي ٿي پئي، جنھن ۾ 12 ٻارڙا ۽ 8 عورتون سھرا لاڏا ڳائيندي اوچتو موت جي منھن ۾ ھليا ويا. خطرناڪ ڪٽ واري جاءِ تي نه سيڪيورٽي ھئي نه وري ڪو خبردار ڪرڻ لاءِ ڪو سگنل ھو، نه ڪو سائن بورڊ ئي ھو. نتيجي ۾ علائقي کان اڻ واقف انڌ جي ۽ رفتار جي گهوڙي تي سوار ڊرائيور ويگن (جنھن کي خيرپور جا ماڻھو دٻو سڏين) ڌُو وڃي پاڻيءَ جي گھري کڏ ۾ ھنيائين ۽ 20 جانيون ضايع ٿي ويون.
ڪجھه ڏينھن اڳ کيرٿر جي دامن ۾ نئين تڪيءَ جي ڪنڌيءَ تي آباد تعلقي جوھيءَ جي ڳوٺ بکر جماليءَ ۾ فقط ڪجهه ڏينھن ۾ 28 ماڻھو مليريا بخار وگهي مري ويا. صحت کاتي ميڊيڪل ٽيمون موڪليون، موت ۽ مرض جو ڪارڻ مليريا جو بخار، رت سميت غذا جي کوٽ کي قرار ڏنو ويو. گذريل سيپٽمبر جي وچ ڌاري ٻوڏ متاثر مغيري برادري جيڪا ڳوٺ ٿلھو خيرپورناٿن شاهه جي رھواسي آھي، سا ٻوڏ کان پوءِ ڪراچي منتقل ٿي وئي ھئي ڪوچ ڀري پنھنجي ڳوٺ واپسيءَ لاءِ موٽي ته سپر ھاءِ وي تي ڪوچ کي باهه لڳي وئي ۽ ذري گهٽ ٽي ڊزن ماڻھو سڙي رک ٿي ويا. سيپٽمبر مھيني جي وچ ڌاري ٽلٽي ڀرسان ٻڏي ويل ھڪ ڳوٺ جا ڪجھه خاندان ٻارين ٻچين پناهه لاءِ قلندر جي نگريءَ لاءِ ٻيڙيءَ ۾ نڪري پيا وزن ۽ ماڻھو وڌيڪ ھجڻ سبب ٻيڙي ملاح جي ڪنٽرول مان نڪري ڪرمپور وٽ ڪلٽي ٿي پئي. نتيجي ۾ ڊزن کان وڌيڪ ماڻھو ٻڏي لڙھي مري ويا. موجوده چوماسي جي برساتن ۽ ٻوڏ ڪارڻ سنڌ ۾ 646 ماڻھو مري ويا آھن. انھي عرصي دوران مختلف حادثن، قابل علاج بيمارين سبب مري ويل ماڻھن جو انگ ٻوڏ ۾ مري ويل ماڻھن کان ٻيڻ تي وڌيڪ آھي. ھن ملڪ جو قانون آھي ته ڪير ڪنھن جو قتل ڪري يا ڪير پنھنجي جان ئي ڇونه وٺي، انھيءَ جي ايف آءِ آر ٿيندي آھي، قانوني چارہ جوئي ٿيندي آھي، ڏوھاري ڪٽھڙِي ۾ ايندو آھي، اھڙو ڪيس رياست وڙھندي آھي پر ھن ملڪ ۾ ۽ شايد سنڌ ۾ اھڙو ڪيس وڙھڻ بدران ماڻھن سان رياست ۽ حُڪومت پاڻ وڙھي رھي آھي ۽ ھن ٻوڏ کان پوءِ ته واه جو وڙھي آھي.
اھو ٺيڪ آھي ته سنڌ ۾ تمام گهڻيون برساتون ماحولياتي گدلاڻ ۽ ڪاربان جي اخراج ڪارڻ ٿيون آھن پر برسات، ٻوڏ کان پوءِ سنڌ حُڪومت جي مجموعي ڪارڪردگي غيرمعمولي مجرماڻي غفلت سان عبارت آھي. جڏھن ٻوڏ آئي ھئي ته سنڌ جي وزيراعليٰ پئي چيو ته جلدي پاڻي نيڪال ڪرائي ڪوشش ڪبي ته ربيع جو فصل پوکرائي وجهجي. جڏھن ته انھن ڏينھن ۾ آبپاشي ماھرن چيو پئي ته کيرٿر جي پھاڙي سلسلي ۽ صحراءِ ٿر وچ ۾ درياءَ جي ٻنھي ڪنڌين ۾ ڦاٿل پاڻي ڇھه مھينا ڪونه نڪرندو. ماڻھو ٻڏندا رھيا، مرندا رھيا، ھڪ ڪروڙ اسي لک دربدر ماڻھن مان اڌ پنھنجن مٽن مائٽن وٽ شھرن ۾ وڃي رھيا. جڏھن ته باقي دربدر خدا جا بندا، ڪينالن جي ڪنارن، روڊن، رستن ۽ خيما بستين ۾ خوار ٿيندا رھيا ۽ نيٺ مجبور ٿي انھن مان به اڌ دربدر ماڻھو پنھنجا ٻار، ٻچا وٺي ٻوڏ ۽ نانگن جي گهيري ۾ آيل پنھنجن ڊٺل گهرن ڏانهن موٽي ويا آھن، جتي نه کين اجهو آھي، نه لٽو آھي نه وري کائڻ لاءِ اٽو آھي.
ڪراچيءَ جي ھڪ پروگرام ۾ ڳالھائيندي پيپلز پارٽيءَ جي سربراهه ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جنھن جي پارٽيءَ جي سنڌ ۾ گذريل 14 سالن کان حُڪومت آھي، تنھن چيو آھي ته ٻوڏ واري صورتحال جي نتيجي سنڌ خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ٿيندي جنھن سان غربت جي شرح 75 سيڪڙو ٿي ويندي. جنھن جو مطلب اھو نڪري ٿو ته سنڌ جيڪا اڳ ۾ ئي غربت، جھالت جو شڪار آھي اھا وڌيڪ جاھل، ڏُٻري ۽ غريب ٿيندي. سنڌ ۾ آيوڊين جي کوٽ ظاھر ٿيڻ کان پوءِ ھڪ عرصي کان سنڌ ۾ آيوڊين مليل لوڻ استعمال ڪرڻ جو قانون موجود آھي پر ھتي ھر شھر ڳوٺ ۾ دوڪانن تي عام رواجي لوڻ وڪرو ٿي رھيو آھي. نتيجي ۾ سنڌ ۾ نه فقط ننڍي قد ۾ ڊينڊڙائپ ۾ خودڪفيل ٿي وئي آھي پر سنڌ جو نئون نسل آيوڊين جي کوٽ ڪارڻ عقل کان به عاري ٿي ويو آھي، جنھن جو ھڪ مثال سنڌ يونيورسٽيءَ جي تازي ٿيل انٽري ٽيسٽ مان ظاھر آھي ته 18 ھزار کان مٿي ٽيسٽ ڏيندڙن مان فقط 25 سيڪڙو شاگردن ڪواليفاءِ ڪيو آھي. ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ 5 لک حمل واريون عورتون پنھنجي مستقبل جي مھمان سميت خوراڪ جي کوٽ، ويم جي سھوليت جي اڻھوند ۽ جهٽڪي جي بيماري جي ٽڪن کان پري ھجڻ سبب خطري کي منهن ڏئي رهيا آھن.
سنڌ ۾ ٻارھن خطرناڪ بيمارين کان بچاءُ لاءِ حفاظتي ٽُڪن جو پروگرام موجود آھي، جن ۾ نمونيا، دستن جي بيمارين، خناق، ٽي بيءَ کان بچاءُ جي ويڪسين موجود آھي پر اھو ٻڌي ۽ پڙھي اچرج ٿي ٿئي ته پنج سال جي عمر ۾ ٿيندڙ بيمارين ۾ سڀ کان وڌيڪ موت به ساهه کڻڻ جي بيمارين، نمونيا، دستن وگهي ٿين ٿا. جڏھن ته دنيا ۾ ذري گهٽ گُم ٿيل بيماري “خناق” سنڌ جي ٻارڙن ۾ ڪاھي پئي آھي. انھيءَ کان وڌيڪ نااھلي ۽ الميو ٻيو ڇا ھوندو ته حفاظتي ٽُڪن جي صورت ۾ بچاءُ موجود ھجڻ باوجود انھن بيمارين سميت مليريا بيماريءَ ۾ ٽيسٽ ۽ علاج جي اڻ ھوند ڪارڻ ماڻھو بيمار ٿي مري رھيا آھن. خيرپور ناٿن شاهه تعلقي جي جوھي برانچ ۽ ڪولاچي واهه جي وچ واري علائقي ۾ ٽي لک کان وڌيڪ ماڻھو ٻوڏ جي پاڻيءَ جي گهيري ۾ زندگي گھاري رھيا آھن پر پاڻيءَ ۾ ٻُڏي ناڪارہ بڻيل تعلقي اسپتال سميت انھي سموري علائقي ۾ ڪنھن به صحت مرڪز تي چوويھه ڪلاڪ ويم جي سھوليت موجود ناھي.
چوماسي جي برسات ۽ ٻوڏ دوران 1082 صحت مرڪز پاڻيءَ ۾ ٻُڏل ھئا، انھن مرڪزن مان اڪثر مرڪز ھن وقت به گهربل سھوليتون ميسر ڪرڻ کان قاصر آھن. انھن صحت مرڪزن ۾ چوويھه ڪلاڪ ويم جي سھوليت ۽ حفاظتي ٽڪن جي مرڪزن جي به آھي. حفاظتي ٽڪن جي پروگرام جنھن جي رپورٽن تي غيرجانبدار ادارا اڳ ۾ ئي سوال اٿاريندا ھئا، انھن جي فعاليت ٻوڏ کان پوءِ وڌيڪ خراب ٿي آھي.
ٻوڏ کان متاثر سنڌ ھن وقت به امداد جي مرحلي منجھه ڦاٿل آھي. سنڌ نه فقط ٻوڏ ۾ دربدر بلڪه اڻپوري خوراڪ، آيوڊين جي کوٽ، اڻپورين صحت جي سھوليتن ڪارڻ ڪمزور، غريب، ڪاھل، جاھل ۽ بيمار بڻجي رھي آھي ۽ ھڪ بيمار، لاچار، نٻل نئون نسل، نئين مستقبل به ڏئي رھي آھي. جڏھن ته روڊن رستن جي اڻ ھوند ۽ خسته حالي، چيڪ ۽ بيلنس، مانيٽرننگ، سپروين جي ناقص نظام ۽ خراب حُڪمراني ڪارڻ ڪرمپور وٽ ٻيڙيُن، ڊُونڊيُن مان ڪِري ڌِڪا کائي، ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ٻُڏي، سپر ھاءِ وي تي ڪوچن ۽ انڊس ھاءِ وي جي وينن جي غيرمحفوظ سفر ۾ سڙي، ٻُڏي، ڌڪا کائي ۽ خناق جهڙي قابل بچاءُ مرض ۾ مري رھي آھي.
ھتان جي رياست کي نه وفاقي ۽ سنڌ حُڪومت کي اھو ياد آھي ته سنڌ جي ھر شھري جي جان مال جا ھو امين ۽ ساکِي آھن، جنھن کي نه نڀائڻ ملڪ جي قانون مطابق جرم آھي. قلندر جي نگريءَ تي سونا قبا اڏائيندڙن، ھر آئي ڏينھن ان جي درگاهه تي سايون، نيريون ڳاڙھيون چادرون چاڙھيندڙن کي ياد ڪرڻ گهرجي ته ھن رياست، حُڪومت جي مجرماڻي غفلت سبب ھڪ ھزار جي لڳ ڀڳ بيگناھن جي موت سميت سيوھڻ جي نگريءَ جي سفر تي سُکا کڻي، قلندر لال سان خوشيون ونڊڻ نڪتل اھا ماءُ به سندن ئي ذميواري ھئي، جنھن پنھنجي سڪيلڌي پٽ ۽ پنھنجي نياڻين سان سيوھڻ ڏانھن زندگي ۽ مستقبل جي سلامتيءَ جو سفر ڪيو ھو، پر موت ئي سندن ميزبان بڻجي سچل جي نگريءَ جو آلاپ بڻجي ويو. شايد ھي اھا ئي بيداد نگري آھي جنھن ۾ دور جديد جي چرٻٽن جو راڄ آھي.