ٻوڏ متاثرن جي بحالي وارو عمل اڃا تائين اڻ پورو لڳو پيو آهي. حڪومتي سطح تي ڀلي اهي دعوائون ٿينديون رهن ته بحاليءَ جو عمل تيزيءَ سان جاري آهي يا وري ڪن علائقن ۾ مڪمل ٿي ويو آهي پر جڏهن حقيقتن کي پرکيو وڃي ٿو ته ڪجهه ٻيا معاملا سامهون اچن ٿا. نتيجي ۾ نه رڳو ٻوڏ متاثر پريشان آهن پر انهن جي حوالي اسان حڪومت جيڪي خبرون ڪري رهي آهي، اهي غلط بيانيءَ تي ٻڌل آهن. اهڙي ريت نه ته بحاليءَ جو عمل پورو ٿي سگهيو آهي ۽ نه ئي ٻوڏ متاثرن جي پنهنجن علائقن ڏانهن واپسي ممڪن ٿي سگهي. اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکندي مختلف سياسي ۽ سماجي ڌرين پاران احتجاج جو سلسلو جاري آهي. جنهن جو اهم ترين مقصد اهو ئي ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي ترت ڪئي وڃي ۽ جتي جتي به بوڏ متاثرن ۾ پاڻي بيٺل آهي، اهو نيڪال ڪيو وڃي. پر هيستائين نظر ائي اچي رهيو آهي ته شروع ۾ جهڙي ريت حڪومت متحرڪ هئي، هاڻ اها سستيءَ جو مظاهرو ڪري رهي آهي. جنهن ڪري سياسي سماجي ڌرين پاران آواز پڻ اٿي رهيا آهن.
سنڌ جي مختلف شھرن ۽ ڳوٺن مان برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ فنڊن ۾ ڪرپشن خلاف ٻوڏ متاثرن جي بحالي ڪميٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر بدر چنا، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ايس يو پي اڳواڻ روشن ٻرڙو، ايس ٽي پي مرڪزي اڳواڻ حيدر شاهاڻي، اي جي پي جي نذير قريشي، پنهل ساريو، فنڪشنل جي رفيق مگسي، لياقت ملاح، عابد شاهاڻي، رشيد ڏيٿو، سردار اياز ميمڻ، شڪور ناز خاصخيلي، اياز سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد ۾ نسيم نگر چوڪ کان ڀٽ شاهه درگاهه لطيف تي دانهن ڏيڻ لا مارچ پهتو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت هٿ سان لکين سنڌين کي ٻوڙي دربدر ڪيو، جيڪي متاثرين بي يارو مددگار آهن. عالمي ادارا ۽ مختلف ملڪ ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ لکين ڊالر فنڊ موڪلي رهيا آهن پر انهن پئسن مان ٻوڏ متاثرين کي هڪ رپئي جو به فائدو نه پهتو آهي. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اڄ به پاڻي بيٺل آهي، جنهن ڪري اهي ڳوٺ آبادي لائق نه رهيا آهن. هنن چيو ته پ پ سرڪار ٻوڏ متاثرن جي امداد کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهي آهي. هنن چيو ته سياري جي مند شروع ٿي وئي آهي پر ٻوڏ متاثرين کي ڪنهن به قسم جا گرم ڪپڙا ۽ ٻيو سامان فراهم نه ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته سياسي ڀوتار ۽ ڪامورا متاثرين جي بحالي جا فنڊ هڙپ ڪري ويا آھن. ڪامورن ٻوڏ متاثرن لا آيل مال ۽ رقم هڙپ ڪري ڇڏي آھي، ٻوڏ متاثرين کي برسات نه پر سنڌ حڪومت جي مجرماڻي غفلت تباهه ڪيو آھي، ترت سيد مراد علي شاهه جي سنڌ حڪومت کي برطرف ڪري هنن مٿان سنڌي ماڻھن کي ٻوڙڻ جو ڪيس داخل ڪيو وڃي. هنن چيف جسٽس سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي ته ٻوڏ متاثرين جي فنڊن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن جو فوري نوٽيس وٺي ان جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي ۽ ٻوڏ متاثرن جي مستقل بحالي لاءِ انتظام ڪيا وڃن. ان کانسواءِ نوشهروفيروز ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ خلاف سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽيءَ جي سڏ تي سوين ماڻهن چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو جي اڳواڻيءَ ۾ ڊي سي آفيس سامهون ڌرڻو هنيو. ڌرڻي دوران ڊي سي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو خطاب ڪندي چيو ته ضلعي جا هزارين ٻوڏ متاثر بک بدحالي ۽ بيمارين جي ور چڙهي ويا آهن، ٻوڏ جو پاڻي اڃا تائين علائقن مان نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، ماڻهو ٿڌ ۾ بيحال ٿي رهيا آهن، مليريا ۽ ٻيون بيماريون حياتيون کسي رهيون آهن، پر ڊي سي تاشقين عالم برسات ۽ ٻوڏ متاثرن لا ڪي به قدم نه کنيا آهن، نااهل ڊي سي کي فوري طور تي هٽائي ضلعي جي برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي واهر ڪئي وڃي. هوڏانهن ميرواهه گورچاڻي ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن هائي اسڪول کان بس اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ ۽ ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي شگن لال ڪولھي، ايڊووڪيٽ رفيق ڪنڀار، محبوب نوننداڻي ۽ ٻين چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي واري عمل تيز ڪيو وڃي، سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏئي بيروزگاري ۽ بدامني تي ضابطو آندو وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته هن وقت جڏهن سياري جي مند به ذري گهٽ شروع ٿي وئي آهي ته اهڙي حالت ۾ ٻوڏ متاثر وڌيڪ پريشانين کي منهن ڏيندا. تنهنڪري نه رڳو ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ جي عمل ۾ تيزي اچڻ گهرجي پر برسات جو پاڻي هنگامي بنيادن تي نيڪال ڪرائڻ لاءِ بندوبست پڻ ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته ٻوڏ متاثرن جو مسئلو روڊن رستن تي حل نٿو ٿي سگهي. ان لاءِ سنجيدگيءَ سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان کان سواءِ اهو جاچڻ جي ضرورت آهي ته حڪومت کان بحاليءَ جي عمل ۾ ڪٿي ڪوتاهي ٿي رهي آهي.