سوويت عوام کي هندستان جي قومي آزاديءَ جي تحريڪ جي هڪ وڏي اڳواڻ جي حيثيت سان گانڌيءَ جي ياد انتهائي پياري آهي. گانڌي جو نالو آزادي لا هندستاني عوام جي جدوجهد جي سڄي دور سان واڳيل آهي، ان جدوجهد سان جنهن جي نتيجي ۾ بيٺڪي راڄ جو خاتمو ٿيو ۽ آزاد ملڪ جو قيام عمل ۾ آيو.
گانڌي هندستان جي سياست تي پهرين عالمي جنگ وقت ظاهر ٿيو، جڏهن ته برطانيا جي سامراجي استحصال خلاف بيچينيءَ ۾ اضافو ٿيندو پئي ويو. روس ۾ عظيم آڪٽوبر سوشلسٽ انقلاب ٻين مظلوم قومن جيان هندستاني عوام لا به هڪ اتساهيندڙ مثال هو. آڪٽوبر کانپو واري دور ۾ هندستان ۾ سامراجي جبر خلاف هڪ انتهائي طاقتور تحريڪ اڀري هئي. گانڌي ان تيزيءَ سان وڌندڙ بيٺڪيت مخالف تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي ۽ عوام جي وسيع حصن کي ان ۾ شامل ڪيو. گانڌيءَ جي اها ئي خدمت کيس انڊين نيشنل ڪانگريس جي کانئس اڳ وارن ليڊرن جي ڀيٽ ۾ وڏو بڻائي ٿي. ڇاڪاڻ ته انهن ليڊرن ڪالوني ۽ ان تي راڄ ڪندڙ ملڪ وچ ۾ شدت اختيار ڪندڙ تضادن کي مٿين سطح تي ڳالهه ٻولهه ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. جنهن ۾ عوام جو ڪو حصو نه هو. انهن ليڊرن عوام جي سياسي سرگرمين ۾ طريقي سان رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. گانڌيءَ جي قيادت ۾ آزاديءَ جي جدوجهد دوران انڊين نيشنل ڪانگريس وسيع عوامي تنظيم بڻجي وئي. هڪ نموني گڏيل سامراج دشمن محاذ جي هڪ فورم جي حيثيت حاصل ڪري وئي. جنهن جي اڳواڻي قومي بورجوازي ڪري رهيو هو.
گانڌي 1947ع تائين هندستاني عوام جي عوامي سامراج دشمن تحريڪ جي اڳواڻي ڪئي. جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ آزادي حاصل ڪئي، پر ان سان گڏ گانڌي هندستان جي سماجي لاڳاپن ۾ موجود رهندڙ وڌيڪ ظالماڻين نشانين خلاف به جرئتمنداڻي جدوجهد ڪئي.
گانڌي هندو مسلم ڇڪتاڻ جو مقابلو ڪرڻ ۾ جيڪا خدمت ڪئي، ان کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. استعمارين “ويڙهايو ۽ حڪومت ڪيو” جي اصول مطابق انهن اختلافن کي ڄاڻي واڻي ڀڙڪايو هو ۽ اڄ به رجعت پرست عنصر ان کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. گانڌي عوام کي متحد ۽ منظم ڪرڻ جي نيت سان پنهنجي انسان دوست آدرشن جي نالي تي آزاديءَ جي جدوجهد دوران 1947ع ۾ مذهبي لائين تي ورهاڱي جي موقعي تي، جڏهن هندو مسلم وڳوڙ غير معمولي شدت اختيار ڪري ويا هئا ۽ آزادي کانپو به هندو مسلم اتحاد جي مڪمل بي ڊپائي ۽ خلوص سان پرچار ڪئي. گانڌي جون اهي بي لوث سرگرميون انتهاپسند، رجعت پرست ۽ شائوني طاقتن جي نفرتن جو نشانو بڻجي ويون ۽ هنن سندس زندگي ختم ڪرڻ جو شرمناڪ قدم کنيو. گانڌيءَ جي قتل دنيا ۽ سمورن ملڪن جي ترقي پسند عوام کي ڏکارو ڪري ڇڏيو. گانڌي هڪ ٻي خوفناڪ لعنت يعني ذات پات جي نظام خلاف جدوجهد ڪئي. ان کي عام طور تسليم ڪيو وڃي ٿو ۽ ان جي تعريف ڪئي وڃي ٿي. گانڌي جو جائز طور اهو مڃڻ هو ته متڀيد جو خاتمو ڪرڻ کانسوا ۽ ذات پات جي نظام ۾ هر قسم جي حق ۽ سهولت کان محروم ڪيل ماڻهن کي انساني حق ڏيڻ کانسوا سوراج جي، حقيقي آزاديءَ جي ڳالهه ڪرڻ ڏکيو آهي. هي حقيقت ته هندستاني آئين ۾ متڀيد کي تعزيري ڏوهه قرار ڏنو ويو هو، گانڌي جو زبردست ڪارنامو هو. جيتوڻيڪ اهو هڪ کليل راز آهي ته ذات پات جي نظام جو ملڪ ۾ هاڻي به انتهائي وسيع اثر موجود آهي.
مان هتي گانڌي جي فلسفياڻن خيالن جو ذڪر نه ڪندس، ڇاڪاڻ ته اوڀر جي سوويت عالمن جي ڪيترن ئي تازن ڪتابن ۾ ان جو تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي. مان گانڌيءَ جي عالمي نقطه نظر ۽ سماجي ۽ سياسي سرگرمين جي رڳو بنيادي اصولن جو ذڪر ڪندس، يعني اهنسا جا اصول جيڪي بغير ڪنهن شڪ شبهي جي امن پسند ذريعن جو اظهار هئا ۽ سندس انسان دوست خيال، گانڌيءَ جو آدرش ۽ خيال جبر جو خاتمو ڪرڻ لا سندس آواز، انهن سڀني لا جيڪي انسان هٿان انسان جي استحصال جي خاتمي لا جدوجهد ڪن ٿا ۽ انهن سڀنيءَ لا جيڪي قومن وچ ۾ امن جا حامي آهن، انتهائي ويجها ۽ سمجهه جوڳا آهن ۽ انساني سماج جي زندگي مان جبر ۽ جنگ جو مڪمل خاتمو ڪرڻ واري سڀ کان وڌيڪ ۽ سڀ کان مستقل مزاج حامي مارڪسي لينني نظريي جا پوئلڳ آهن.
پر جديد دنيا جي حالتن ۾ جڏهن سامراج ۽ بيٺڪي نظام اڃا موجود آهي. جڏهن سرمائيدار ملڪن ۾ پورهيت عوام جو استحصال شدت اختيار ڪري رهيو آهي ۽ جڏهن دولت ۽ غربت وچ ۾ تضاد وڌندو پيو وڃي. جڏهن سامراجي توسيع پسندي ۽ جديد بيٺڪيت ڪيترن ئي اسرندڙ ملڪن جي آزاديءَ لا خطرو پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن اهنسا جي اصولن کي ٺوس تاريخي صورتحال کان ڌار ڪري قطعي مڃي وٺجي ته ان سان ڪجهه صورتن ۾ بدي ۽ تباهيءَ جي قوتن کي فائدو پهچي سگهي ٿو ۽ هندستان کي پاڻ عملي طور عدم تشدد جي اصول کان انڪار ڪرڻو پيو جڏهن مثال طور گووا ۽ ديوا جي علائقن کي هندستان سان ڳنڍڻ جو سوال پيدا ٿيو.
ان ڪري گانڌي جي اعليٰ ۽ انسان دوست آدرشن جو، جيڪي سندس عدم تشدد جي اصول جي بنياد تي هئا، انتهائي قدر ۽ تعريف ڪرڻ باوجود به ان ڳالهه سان ڏکيائيءَ سان ئي اتفاق ڪري سگهجي ٿو ته ان اصول کي سمورين صورتن ۾ غيرمشروط طور استعمال ڪري سگهجي ٿو. پر گانڌي ازم جي ڪجهه اصولن سان اسان جو اختلاف يعني هڪ سوشلسٽ ملڪ جي پاليسي بابت سندس ڪجهه خيالن سان اسان جو اختلاف به ان عظيم انسان جي قدر ۽ احترام جي احساس کي متاثر نه ٿو ڪري.
ان ڪري گانڌي کي اسان آزادي جو بي لوث حامي، پرجوش محب وطن، قومن وچ ۾ دوستي جي پرچار ڪندڙ ۽ هڪ پڪو انسان دوست سمجهون ٿا. بيٺڪي نظام خلاف جدوجهد ۾ سندس خدمتون ملڪ کي ڌارئي جبر کان آزاد ڪرائڻ ۾ سندس زبردست حصي ۽ سندس انسان دوست آدرشن جو قدر ڪندي گانڌي کي هڪ عظيم سپوت ۽ آزاد هندستاني رياست جي هڪ باني جي حيثيت سان ڀيٽا پيش ڪيون ٿا.
سوويت يونين ۾ گانڌي جو تمام احترام ڪيو وڃي ٿو. گانڌي جي سوانح عمري (حق جي ڳولها) جنهن کان سوويت عوام جو وسيع حصو واقف ٿي چڪو آهي، ٻه ڀيرا وڏي انگ ۾ ڇپجي چڪي آهي. اهو ڪتاب سوويت يونين ۾ “منهنجي زندگيءَ” جي نالي سان ڇپيو. ملڪ جي سمورين لائبريرين ۾ موجود آهي.
(هلندڙ)