فوٽ بال ورلڊ ڪپ کي اشتهار بازن جي ضرورت آهي، پر اشتهار ڏيندڙن کي ورلڊ ڪپ جي گهڻي ضرورت آهي. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽوئيٽر تي اشتهار بازن جي ضرورت آهي. پر انهن جو ڪم ٽوئِيٽر کان سواءِ هلي سگهي ٿو.
ميڊيا ۾ هن وقت وڏين خبرن مان ٻه خبرون طاقت ۽ ان جي کوٽ جو واضح مثال پيش ڪري رهيون آهن. ورلڊ ڪپ بنهه وڏو ايونٽ آهي. ڌرتيءَ تي موجود اسان اٺ ارب ماڻهن مان تقريبن پنج ارب ان کي ڏسندا. اهو ٽور ڊي فرانس. (ٽي ارب 60 ڪروڙ) اولمپڪس (2016ع ۾ ريو ڊي جنيرو ۾ ٽي ارب 60 ڪروڙ) ۽ 2019ع ۾ ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ڏسندڙ ٻه ارب 60 ڪروڙ ماڻهن کان اڳيان آهي.
اشتهار ڏيندڙ ڪابه ڪمپني جيڪا اهو چاهيندي آهي ته ان جو اشتهار سڄي دنيا ۾ ڏٺو وڃي، ان لاءِ دنيا جي آباديءَ جي ٽيون حصو لڳ ڀڳ هڪ حصي تائين رسائي اهڙي ڳالهه آهي جنهن کي توهان ڪن لاٽار نٿا ڪري سگهو. ڀلي توهان جي ڪجهه مارڪيٽن ۾ ميزبان ملڪ حڪومت خلاف سياسي دٻاءُ ئي ڇو موجود نه هجي.
توهان حڪمت عملي تحت فيصلو ڪري سگهو ٿا ته توهان جي مارڪيٽن ۾ بجيٽ ڪنهن ٻي جاءِ بهتر انداز ۾ خرچ ٿئي پر جيڪڏهن توهان فيصلو ڪري وٺو ٿا ته توهان ان تي قائم رهو ٿا.
تنهنڪري اشتهار ڏيڻ واريون وڏيون ڪمپنيون پنهنجي جاءِ تي قائم آهن. آمريڪي فنانشل ۽ ميڊيا ڪمپني بلومبر ايڊيڊس، فوڪس ويگن ۽ ڪوڪا ڪولا سوڌو وڏين ڪمپنين سان رابطا ڪندي ان سان انهن جي موقف جي باري ۾ پڇيو آهي.
بلومبر رپورٽ ڪيو آهي ته فيفا کي ست اسپانسرن مان ڪنهن به ناهي چيو ته اهو انساني حقن جي حوالي سان ڳڻتي جي اظهار لاءِ پنهنجي عالمي اشتهاري رٿائن مان ڪا تبديلي ڪندو.
بلومبر قومي ٽيمن جي جن 69 اسپانسرن سان رابطو ڪيو آهي، انهن مان 20 انساني حقن سان پنهنجي لاڳاپي جي تصديق ڪئي پر انهن کي اهو نه ٻڌايو هو ته ان جي مارڪيٽنگ ۾ ڪا تبديلي اچي سگهي يا جيڪڏهن اچي ته ڪيئن اچي.
تيرهن اسپانسرن جو چوڻ هو ته اهي ردوبدل ڪندا، پر ماڻهن مان وڌيڪ اهي ڪمپنيون، جن جو قطر سان گهڻو ڪاروبار آهي.
جيستائين قطر جو تعلق آهي ته ان ۾ وسيع تر نقطو اهو آهي ته اهو هن وقت انتهائي طاقتور پوزيشن ۾ آهي. اهو گذريل سال روس ۽ آمريڪا کان پوءِ دنيا جي ڪو برآمد ڪندڙ ٽيون وڏو ملڪ هو. ان جي واپار جو دارومدار ان تي ئي آهي، ورلڊ ڪپ جي ميزباني تي ناهي.
هاڻي ان ڳالهه جي ٽوئيٽر سان ڀيٽ ڪريو. جڏهن کان ايلون مسڪ ان جي سربراهه ٿيو آهي. ڪيترين ئي ڪمپنين سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي پنهنجا اشتهار روڪي ڇڏيا آهن يا معطل ڪري ڇڏيا آهن. انهن ڪمپنين ۾ جنرل ملز. (غير آمريڪي لاءِ اهو ڏٻي ۾ بند خوراڪ جنهن ۾ چيرويز، ڊنڪاروس ۽ هاڪن ڊاس شامل آهي، ٺاهيندڙ وڏي ڪمپني آهي، ۽ جرمن ڪار ساز ڪمپني آئو ڊي شامل آهن.
جنرل ملز کي هڪ پاسي رکي ڇڏيو، ڇاڪاڻ ته اها هڪ آمريڪي ڪارپوريشن آهي، پر جرمن ڪار ڪمپني آئو ڊي، ڇا انساني حقن جي معاملي تي ايلون مسڪ جو رڪارڊ قطر جي رڪارڊ سان اخلاقي طور وڌيڪ قابل ملامت آهي، جنهن جو سهڪار آئو ڊي سان لاڳاپيل ڪمپني ڊبليو وي خوشيءَ سان ڪري رهي آهي.
پڪ سان مسڪ ماحول جي معاملي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، هن اليڪٽرانڪ گاڏيون ٺاهڻ شروع ڪيون آهن، ان لاءِ ٿي سگهي ٿو ته ان جو وزن ان جي پڙ ۾ اچي، جڏهن ته ٻئي پاسي قطر جي قدرتي گيس جي برآمد هوندي.
اصل ۾ منهنجو خيال ناهي ته ڪنهن معاشي مبصر کي اهڙي ريت اخلاقي مسئلن جي باري ۾ پنهنجي راءِ ڏيڻ گهرجي. هر ڪنهن کي راءِ ڏيڻ جو حق آهي پر آئون نٿو سمجهان ته هن هنڌ جي نشاندهي ڪرڻ صحيح آهي، جتي طاقت موجود هجي. ٽوئيٽر جي معاملي ۾ طاقت اشتهار ڏيندڙن سان گڏ آهي. جڏهن ته ورلڊ ڪپ جي معاملي ۾ ائين ڪونهي ڇو؟
جواب جا ڪئين حصا آهن. انهن مان هڪ اهو آهي ته ورلڊ ڪپ جا بنيادي ڏسندڙ آمريڪي ڪونه آهن. ان ڪري دنيا ۾ آمريڪي نظريو ۽ ان جا کوڙ سان شهرين جا قدر ان دائري ۾ ناهن آيا، جڏهن ته ٻئي پاسي آمريڪا شهري ٽوئيٽر تي موجود آهن.
(واشنگٽن ڊي سي ۾ اهو لکندي، منهنجو خيال آهي ته لبرل آمريڪي شهرين لاءِ ڪافي ڏکيو آهي ته اهي اهو قبول ڪن ته اهڙي دنيا به موجود آهي، جنهن ۾ اهي تصور جيڪي هتي ٿيندڙ بحٿ تي غالب آهن. ان تي ڪنهن ٻي جاءِ وڌيڪ ڌيان ناهي ڏنو ويو).
هڪ ٻيو جواب اهو آهي ته ٽوئيٽر تي اشتهار ڏيڻ سان توهان کي بنهه وڏي مارڪيٽ جي اهم حصي تائين رسائي ملي آهي. ٽوئيٽر توهان کي انڊيا، چين، نائيجيريا، انڊونيشيا وغيره جي اڀرندر عالمي وچولي طبقن تائين وٺي ويندو.
ان جي باوجود آن لائين اشتهارن ۽ مرڪزي ڌاري جي ميڊيا جي وچ ۾ هڪ ٻيو فرق آهي. آن لائين آمدني وڌي رهي آهي، جنهن سان مرڪزي ڌارا ۽ روايتي ميڊيا جي آمدنيءَ ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. پر ورلڊ ڪپ مرڪزي ڌاري جي ميڊيا جو ايونٽ آهي، بلڪه سڀ کان وڏو.
ان ڪري اهو مقابلي جو هڪ طريقو پيش ڪري ٿو. جيڪو خاص طور تي ٽيلي ويزن جي لاءِ اهم آهي. جيڪڏهن توهان پنهنجي اسم يا سروس لاءِ اهڙي ريت ڌيان حاصل ڪرڻ چاهيو ته فقط پنهنجي پراڻي طريقي سان ئي اشتهار تي ممڪن بناڻي سگهو ٿا ته توهان وٽ وڌيڪ رستا موجود نه آهن.
آخري ڳالهه تعلق قائم رکڻ جي آهي. مسڪ جي واپار جو بلڪل الڳ، ٽوئيٽر تي اشتهار توهان جي ڪمپنيءَ کي انهن ماڻهن سان جوڙي ٿو، جيڪو ٽوئيٽ ڪندا آهن. ورلڊ ڪپ دوران اشتهار توهان جو تعارف دنيا جي عظيم ترين رانديگرن سان ڪرائي ٿو. توهان ڪنهن سان لاڳاپيل کي ترجيح ڏيندا؟
قصو ڪوتاهه، منهنجو خيال آهي ته وڏو نقطو سڌو سادو آهي، ڇو ته فوٽ بال کي سڄي دنيا ۾ غلبو حاصل آهي ۽ ٽوئيٽر کي نه آهي. مون کي لڳي ٿو ته هن مشڪل وقت ۾ اهو گهڻو ئي اطمينان جوڳو آهي.
**
انڊپينڊنٽ اردو جي ٿورن سان