ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ مڪاني چونڊون

Editorial

سنڌ جي ٻن ڊويزنن ۾ مڪاني چونڊن وارو معاملو ڪيتري وقت کان اٽڪيل آهي. سنڌ حڪومت چونڊون ملتوي ڪرائيندي رهي آهي پر هن ڀيري اليڪشن ڪميشن چٽو چيو آهي ته ڪراچي حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري 2023ع تي هر صورت ۾ ٿينديون. حيدرآباد ۽ ڪراچي سنڌ جا ٻه وڏا شهر آهن. جتان جي آبادي به ان انتظار ۾ آهي ته اتي مڪاني چونڊون وقت سر ٿي وڃن ته جيئن عام ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪري سگهجي. هن وقت تائين مڪاني چونڊن کي ملتوي ڪرڻ پويان پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جو ڪم معاملن تي ٺاهه نه ٿيڻ ۽ سياسي معاملا آهن. تنهنڪري اهي چونڊون رولڙي جو شڪار ٿينديون رهيون آهن. پر هاڻ وقت اچي ويو آهي جو اهي چونڊون ڪرايون وڃن. ان حوالي سان ڪالهه جيڪا خبر رپورٽ ٿي آهي، ان ۾ اهو واضح ڪيو ويو آهي ته اهي چونڊون ضرور ٿينديون.
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان چيو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري 2023ع تي ٿينديون. اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي حوالي سان پيپلز پارٽي، جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جي درخواستن تي شنوائي ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد جي سمورين وڏين سياسي پارٽين پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي شرڪت ڪئي. اسلام آباد ۽ ٻين جو موقف ٻڌو ويو، آءِ جي سنڌ جو موقف به ورتو ويو ۽ فيصلو 15 نومبر تي محفوظ ڪيو ويو، جيڪو اڄ ٻڌايو ويو. اڱاري ڏينهن چيئرمين اليڪشن ڪميشن سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ اهو فيصلو ٻڌايو. اليڪشن ڪميشن طرفان ٻڌايل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته آئين جي شق 220 تحت سنڌ حڪومت، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي آهي ته هو پولنگ اسٽيشنز جي سيڪيورٽي، ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن، رٽرننگ آفيسرن، پولنگ عملي جي مقرري ۽ پولنگ مواد جي رٽرننگ آفيسرز جي آفيسن تائين منتقلي لاءِ خاص سيڪيورٽي جا انتظام ڪن. وفاقي حڪومت کي هدايت ڪئي آهي ته گهرو وزارت ذريعي مناسب انگ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا سيڪيورٽي اهلڪار فراهم ڪري ته جيئن ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ پرامن انداز ۾ مڪاني چونڊون منعقد کي يقيني بڻائي سگهجي. جڏهن ته چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪن. واضح رهي ته سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ مڪاني چونڊون 3 ڀيرا ملتوي ڪيون ويون هيون. ياد رهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ به اليڪشن ڪميشن کي 15 ڏينهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊيول جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته هاڻوڪي فيصلي کان پوءِ ڪابه اهڙي گنجائش نه بچي آهي، جنهن سان ايندڙ وقت ۾ چونڊون ملتوي ڪيون وڃن. جيڪڏهن پيپلز پارٽي اقتدار جي هيٺئين سطح تائين منتقلي تي يقين رکي ٿي ته کيس ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته جيستائين مڪاني چونڊن جو عمل مڪمل نه ٿيندو، ان وقت تائين اهو ممڪن ڪونهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻنيه ڊويزنن ۾ ڄاڻايل تاريخ تي هر صورت ۾ چونڊون ڪرايون وڃن ته جيئن عوام مڪاني نظام مان لاڀ ماڻي سگهي.

ڪراچي واقعي بابت رپورٽ

ڪراچيءَ ۾ گذريل ڪجهه وقت کان شهرين جي قتل ٿيڻ جا واقعا ٿيندا پيا اچن. جنهن جي ڪري نه رڳو ڪراچيءَ ۾ بدامنيءَ کي هٿي ڏني پئي وڃي پر ان سان گڏ شهرين ۾ هڪ خوف به جنم وٺي رهيو آهي. جڏهن ته وڏي وقت کان پوءِ ڪراچي شهر جو امن امان بحال ٿيو آهي. ڪجهه وقت اڳ مڇر ڪالونيءَ ۾ مڇريل ماڻهن جي ميڙ ٽيلي ڪام ڪمپنيءَ جي ٻن ملازمن کي پٿر هڻي ماري ڇڏيو هو. جنهن کان پوءِ ماڻهن جي سڃاڻپ ٿيڻ شرطِ گرفتاريون پڻ عمل ۾ آيون آهن. ان کان پوءِ ان واقعي جي شفاف جاچ ڪرائڻ لاءِ هڪ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي پڻ جوڙي وئي هئي، جنهن ڪالهه پنهنجي رپورٽ اختيارين کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ان رپورٽ ۾ واقعي کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي ۽ اها سفارش پڻ ڪئي وئي آهي ته سمورن جوابدران کي گرفتار ڪري سخت سزائون ڏنيون وڃن.
ڪراچيءَ ۾ ٽيليڪام ڪمپنيءَ جي ٻن ملازمن جي قتل واري معاملي تي فيڪٽ فائنڊنگ رپورٽ ۾ چيو ويو ته علائقي ۾ پوليس سروس 15 جي سهولت نه هئي. تفصيل موجب ڪراچي جي علائقي مڇرڪالونيءَ ۾ ٽيليڪام ڪمپنيءَ جي ٻن ملازمن جي قتل واري معاملي تي انساني حقن واري کاتي پاران جوڙيل فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو ته علائقي ۾ پوليس سروس 15 جي سهولت مهيا نه آهي، مڇر ڪالوني ڪرائم منشيات ۽ ڊرگ مافيا جو ڳڙهه آهي. رپورٽ موجب هجوم جي هينڊلنگ بابت پوليس کي تربيت ڏيڻ گهرجي، ڪوڙو افواهه ڦهلائيندڙن جي خلاف جاچ ۽ ايڪشن ورتو وڃي. ادارا عوام ۾ افواهن جي تصديق ڪرڻ بابت ڄاڻ ڏين، رپورٽ ۾ ڏنل سفارشن ۾ چيو ويو ته سمورن جوابدارن جي گرفتاري، شفاف ٽرائل ۽ سخت سزا کي يقيني بڻايو وڃي. ملازم حفاظتي اپائن جي حوالي سان تربيت ورتل هئڻ گهرجن.
اسين سمجهون ٿا ته ڪراچيءَ ۾ ان قسم جا واقعا ان ڪري به ٿي رهيا آهن جو اتي قانون حرڪت ۾ ڪونه ٿو اچي. جيڪي به ميڙ ماڻهو مار مهم تي نڪتل آهن، اهي سدائين بچي ويندا آهن ۽ ڪنهن به ريت انهن جو وار ونگو ناهي ٿيندو. تنهنڪري شهري بنا سوچڻ سمجهڻ جي ڪنهن به ماڻهو کي مارڻ چاهين ته ماري ڇڏيندا آهن. تنهنڪري ميڙ کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ڪهڙي ريت منهن ڏين، اها سکيا لازمي ٿي پئي آهي. ان کان سواءِ ڪراچي واقعي ۾ جيڪي ماڻهو به ملوث آهن، انهن کي هر حال ۾ سزا اچڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته انهن نه رڳو قانون پنهنجي هٿ ۾ کنيو آهي پر انساني حقن جي به ڀڃڪڙي ڪئي آهي. تنهنڪري مٿي ڄاڻايل رپورٽ جي روشنيءَ ۾ ڪراچي واقعي جي جوابدارن خلاف ترت ٽرائيل ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button