جيئڻ جي آس ته پَساهه جي پوئين ويل به قائم رهي ٿي، اها آس رجيم پنهنجائي پاڻ ۽ زندگيءَ جي گاڏيءَ کي ساڳي رستي تي آڻي ٿو. هيءَ حياتي ڪيڏي نه ڊگهي، مُسلسل ڏکن ڏولاون سان ڀري پئي آهي ۽ اڻٿڪ ڪوششن جو نالو آهي. هر انسان جي اندر ۾ ان جو ٻيو روپ لڪل هوندو آهي، ظاهري طور انسان ذلتن، اذيتن، ڌڪار، نفرتن، شرمندگين کي مُنهن ڏيندو آهي، پر اصل جنگ ته سندس اندر موجود ماڻهوءَ سان هوندي آهي، جتي هو زندگيءَ جي تلخين ۾ پيو پڄرندو آهي ۽ پنهنجي اندر ۾ ٻرندڙ باهه کي محسوس پيو ڪندو آهي. انهيءَ پيڙاءَ کي هُو ظاهر ته ناهي ڪري سگهندو پر درد کي زبان ناهي ته ڇا ٿيو. ان ۾ ايتري شدت سان ڀريل طاقت ضرور هوندي آهي، جيڪا ڪنهن فولادي انسان کي به ڪمزور بنائي ان جي جذبن تي حاوي ٿي ويندي آهي ۽ انسان سرُخرو ٿي بيهي رهندو آهي.
انور ڪليم جو هيءَ پهريون ڪتاب (رجيم) آهي، جيڪو منهنجي ميز تي مطالعي هيٺ رکيل آهي. عام طور تي اڄ جيڪي ناول نگار ناول لکي رهيا آهن، انهن جي ڪهاڻيءَ تي گهڻو ڪري افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، جن ۾ فن تي ته ڳالهائي نٿا سگهون پر ٽيڪنيڪ طور به ناول ڪافي ڳالهين کان کُٽل ڀانئجن ٿا. جن جي ڪهاڻي خوبصورت نت نون ڪپڙن کان شروع ٿي بند ڪمرن ۾ رنگين لائيٽن جي روشني دوران خوبصورت جسمن تي ختم ٿي وڃي ٿي. اڄ جي ناول ۾ ٿيم کان وڌيڪ ولگرٽي تي زور ڏنو پيو وڃي، جن ۾ گهڻي منظر ڪشيءَ جو مرڪز تعليمي ادارن کي ڪيو پيو وڃي.
انور ڪليم جي ناول رجيم تي هڪ نظر ڊوڙائجي ته موضوع ۾ نواڻ ملي ٿي، ناول جو ڊڪشن ۽ ڪردار نگاريءَ به بهتر نموني سماج جي عڪاسي ڪري ٿو. هن ناول جي هيرو کي پڙهندي مون کي دلت ادب ۾ اوم پرڪاش والميڪي جي آتم ڪٿا ياد اچي وئي، جنهن سان ڪيئن سماج نفرت ڪري هن کي حقارت ڀريل نگاهن سان ڏسي ٿو. ساڳيا رويا ۽ ڪاروهنوار عبدالرحيم سان پيش اچن ٿا، جنهن کي نفرت سان رجيم ڪري سڏيو وڃي ٿو. رجيم مان مُراد تڙيل، ڌڪاريل ۽ سرڪش آهي.
ناول جو هيرو رجيم هن سماج جو اهڙو ڪردار آهي، جيڪو هڪ سنگين ڏوهه سبب ذهني اذيتون، سماجي اڻبرابري، نفرت، رشتن ۾ موجود زهر، جسماني تڪليفون ۽ پيءُ جي وجود جي ڇانءُ کان محرومي کيس نصيب ٿئي ٿي، جنهن جو سبب فقط ئي فقط غُربت آهي. ڪارل مارڪس جي نظريي موجب دُنيا ۾ انسان کي جيئڻ لاءِ سڀ کان پهرين بُکَ کي منهن ڏيڻو آهي. يعني غربت جيڪا فطري نه پر سماجي اڻ برابرين ۽ سرمائي جي غيرمنصفاڻي ورڇ جي ڪري آهي. جيڪا هن ناول ۾ نمايان آهي.
انور ڪليم بنيادي طور ڪهاڻيڪار آهي پر سندس ناول ڏانهن وڌندڙ وک به ساراهه جوڳي آهي. هيءَ ناول سماجي اوڻاين، اوچ نيچ، بي حسي، بي حيائي، نااميدي، رشتن ۾ لڪل مڪروه چهرا، بداخلاقي، ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ عورتن جو پاڻ کي راضي خوشيءَ سان ٻين اڳيان پيش ڪرڻ، سماجي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ منير جي روپ ۾ سڳن رشتن، وقت نه ڏيڻ جي ڪري دلين ۾ ڦٽندڙ نفرتن جو ٻج، اهو سمورو ڪجهه هن ناول جي ڪهاڻيءَ جو حصو آهن.
سموري ناول جو تت ناول جي شروع ۾ ئي ڏنل آهي، “آخر مون پنهنجي ئي اڇلايل ٿڪ کي چٽڻ شروع ڪيو.” ان سٽ جو خلاصو ناول جي آخر ۾ ٿئي ٿو، جڏهن رجيم ماءُ کي افضل سان گڏ بستر تي ڏسي، هن کان نفرت ڪرڻ لڳي ٿو ۽ پنهنجا رستا جدا ڪري هڪ ٿُڪ ماءُ جي پيرن ۾ اڇلائي هليو وڃي ٿو. وري نيٺ غُربت ۽ مفلسي کان تنگ ٿي ماءُ سان ٺاهه ڪري حالتن سان سمجهوتو ڪري وٺي ٿو.
ناول ۾ هڪ هنڌ لکيل آهي؛ “پٽ مان به انهن کي ڪجهه ناهيان ڏيندي ان ڪري توکي به ڪجهه نٿا ڏين.” ان جُملي ۾ سرمائيداري نظام جو ڀوائتو روپ لڪل آهي. جتي توهان کي ڀلي رشتا هُجن يا ڀلي شيون، جيستائين توهان ڪجهه ڏيندا نه توهان کي موٽ ۾ ڪجهه ڪونه ملندو. جڏهن ته ڪجهه ڏهاڪا اڳ حالتون ڪافي بهتر هيون.
ناول جي ڪهاڻيءَ جا کُٽل پاسا جن تي ڳالهائڻ به لازمي آهي.
پهريون؛ افضل ۽ رجيم جي ماءُ جي وچ ۾ هلندڙ افيئر جو جنم اوچتو ٿئي ٿو. جڏهن رجيم گهر اچي پنهنجي ماءُ کي افضل سان ڏسي ٿو. ان کان اڳ ته ٺيڪ ڪهاڻيءَ جي گهرج موجب راز رکيل آهي پر جڏهن رجيم کي خبر پئي ٿي ته پوءِ به پڙهندڙ سمجهي نٿو سگهي ته اصل حقيقت ڇا آهي.
ٻيون؛ رجيم جي ماءُ جو پيءُ کان ڌار ٿيڻ جو ڪارڻ ڇا هو؟ پوري ناول ۾ رجيم سان گڏ پيءُ جو نالو جُڙيل رهي ٿو، پر ڪهاڻيءَ جي ڪنهن به موڙ تي سندس والدين جي جُدا ٿيڻ جو اصل سبب ظاهر ئي ناهي. جنهن کي ليکڪ وائکو ڪري ها ته ڪهاڻي وڌيڪ سُٺي ٿي پئي سگهي.
ٽيون؛ افضل اوچتو ڪراچي پُهچي ٿو وڃي، جيڪو ناول جو ڪمزور ترين پاسو آهي. هڪ ڪردار ڪهاڻيءَ سان گڏ گڏ هلي ٿو ۽ اوچتو هُو ڪراچي پهچي وڃي ٿو.
بهرحال انور ڪليم جي هڪ سُٺي ڪوشش، موضوع جي منفرد چونڊ سندس پڙهندڙن لاءِ هڪ سُٺي ڪهاڻي پيش ڪئي آهي، جيڪا سماج سان ٺهڪيل ۽ غُربت سبب پيدا ٿيندڙ پريشانين سان ڀريل آهي.