ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پوليس، سماج ۽ صحافي

Editorial-Article-Rashid Laghari

حيدرآباد ۾ آ جي سنڌ پوليس جو ٻن ڏينهن وارو دورو پڄاڻي تي پهتو آهي. آ جي حيدرآباد جي آمد وقت حيدرآباد جا روڊ ۽ چوڪ پوليس جي نفري سان سٿيل هئا. آ جي سنڌ ٻوڏ متاثرن لا قائم ڪيل خيما ڳوٺ جي اعزاز ۾ ڪوٺايل تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب تي اچي ميٽ دي پريس کي خطاب ڪيو. ان کانسوا حيدرآباد چيمبرس آف ڪامرس جي عهديدارن جي تقريب کي پڻ خطاب ڪيو. آ جي سنڌ جي صحافين سان ملاقات دوران هن سمورن صحافين سان ملاقات ڪئي ۽ سوالن جا تفصيل سان جواب ڏنا. آ جي سنڌ جي آمد وقت حيدرآباد ۾ سيڪيورٽي جا انتظام پڻ سخت ڪيل هئا.
آءِ جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ چيو ته پوليس جو ڪم ئي عوام جو تحفظ ڪرڻ آهي. هن چيو ته اسان اي ٽريول تي ڪم ڪري رهيا آهيون، بسن ۽ ٽرينن ۾ سفر ڪندڙ ماڻهن جي ڊيٽا تائين رسائي ممڪن ٿي سگهندي. ڪو به روپوش جوابدار اهڙي ٽيڪنالاجي کانپو نه بچي سگهندو. هن اعتراف ڪيو ته ڪراچي ۾ قتل ڪيس وڌيڪ ٿيا آهن، جنهن جو وڏو ڪارڻ نشي جو استعمال آهي. نشي جي علاج سان ئي قتل جي وارداتن کي روڪي سگهون ٿا. اڳ ۾ ڪراچي ڪرائيم جي حوالي سان 6 هين نمبر تي هو هاڻ 136 تي اچي ويو آهي. هن چيو ته حيدرآباد اڄڪلهه بدلجي ويو آهي. جيڪا نفري 30 سال اڳ ۾ هئي. اڄ به اها ساڳي آهي. جيڪي 300 اهلڪار ڪراچي ويا اهي واپس نه آيا آهن. هن چيو ته هاڻ قتل ۽ منشيات جي ڪيسن جي جاچ ايس ايڇ اوز ڪندا. ٿاڻي جي مقرري وقت اهي پابند هوندا ته ٿاڻي جي جاچ وٺڻي آهي ته پو ڪيسن جو آ او به ٿيڻو پوندو. پي ٽي آ جي ريلي لا، 5 هزار نه پر 2 هزار فورس موڪلي هئي، حيدرآباد ۾ پوليس عملدارن کي گڏجاڻي ۾ منشيات جي خاتمي لا پوڻا 4 ڪلاڪ اجلاس ڪيو آهي. هن چيو ته سماج ۾ مسئلا موجود آهن، گهڻن مسئلن کي منجهايو به ويو آهي. رخ صحيح آهي يا نه ان کي به ڏسڻو آهي. هن چيو ته پوليس ۽ صحافت ۾ سڀ خراب ناهن. جان ۽ مال جي حفاظت پوليس ڪري ٿي. صحافين جي مسئلن بابت ڪميٽي جوڙي نوٽيفيڪشن اڄ ڪڍنداسين. جنهن ۾ ميمبر نوٽيفاءِ ڪڍنداسين. صحافين جي تحفظ لا اڳ ۾ ٺاهيل ڪميٽيز جي ڪاپي ملي ته اڃا رهنمائي ملي سگهندي. هن چيو ته نارڪوٽيڪس جي خاتمي جي ذميواري پوليس جي آهي. نارڪوٽيڪس جو ناسور سماج ۾ موجود آهي. جنهن سان سماج ۾ خرابي پيدا ٿي رهي آهي. ڪرائيم ڪري مال ميڙيو پيو وڃي. هن چيو ته مونکي الله کي ناراض ناهي ڪرڻو. هن چيو ته مختلف ضلعن ۾ منشيات جو اچڻ ڪمزوري آهي. ماڻهو منشيات جو ڌنڌو ڪن پيا. پوليس کي جاچ وسيع ڪرڻي پوندي، اهو به ڏسڻو پوندو ته منشيات فروش جيل ۾ آهي يا ٻاهر آهن. هن وقت قانون سخت ٺاهيا ويا آهن. 50 گرام چرس جي سزا به سخت آهي.
هن چيو ته ڪيسن کي پوليس ئي تيار ڪندي آهي. انويسٽيگيشن بهتر انداز سان ڪيون ته جوابدار قانون کان نه بچي سگهندا. هن چيو ته اسان وٽ وڏو ٽاسڪ آهي. منشيات فروشن جون لسٽون ٺاهيون پيا. جنهن ۾ 10 آفيسر شامل هوندا. 25 سئو آ ايس ئي مقرر ڪري سکيا ڏني ويندي. اتان 3 سالن لاءِ اهي بدلي نه ٿيندا. هن چيو ته ڪيسن جي جاچ لا تحقيقاتي ٽيمن ۾ ايماندار آفيسر شامل ڪيا ويندا. ڪيسن ۾ شامل نامعلوم جوابدارن جي نشاندهي ٿيڻ ضروري آهي. جنهن لا فارنزڪ ٽيڪنالاجي کان مدد ورتي ويندي. سچ کي سامهون رکي ڪيس ٺاهيو وڃي. ڪوڙ کي ڇڏي سچ جو ساٿ ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پوليس کي مسئلا درپيش آهن. پوليس ڪنهن به ڏوهه جو ڪيس رجسٽرڊ ڪرڻو هوندو آهي. ڪوبه اهڙو ڪم نه ڪريون، جنهن سان بيگناهه ڦاسي پون. هن چيو ته نارڪوٽيڪس ۽ قتل ڪيسن کي اهميت ڏني پئي وڃي. اڳ ۾ ايس ايڇ او جاچ آفيسر نه ٿيندا هئا. هاڻ قانون آندو آهي ته ايس ايڇ او ئي قتل ۽ منشيات جي مک ڪيسن جو جاچ آفيسر هوندو. جيڪو ايس ايڇ او ٿاڻي تي ايندو، ان لا لازمي هوندو ته ڪيسن جو انويٽيگيشن آفيسر مقرر ٿئي. ڪيس جي جاچ آفيسرن جي پڻ ٽريننگ ڪنداسين. ڪوشش هوندي ته پوليس ۾ بهتري آڻيون. ٽريننگ جا ايشو موجود آهن.
هن چيو ته ٽريننگ لا شهدادپور ۾هڪ هزار اهلڪارن جي سکيا لا، 4 لک ۽ 5 لک جو بجيٽ هوندي آهي، هن چيو ته سي ٽي ڊي کي ٽيڪنالاجي ڏني ويندي. پرپوزل تيار ٿي ويو آهي. هن چيو ته حيدرآباد ۾ ريپڊ ريسپانس فورس ۽ ڪرائوڊ مئنيجمينٽ يونٽ قائم ڪيو ويندو. هن چيو ته انويسگيشن برانچ کي بهتر ڪيو ويندو، فرسٽ فيز ۾ 2 هزار اي ايس آ کي انويسٽگيشن آَفيسر جي سکيا ڏني ويندي. آ او جي نااهلي سبب قتل ڪيس خراب ٿي وڃن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ هڪ لک 18 هزار پوليس وٽ فورس موجود آهي هن چيو ته پي ٽي آ وارن جي سيڪيورٽي لا ڊمانڊ 5 هزار اهلڪارن جي هئي. جن کي 2 هزار اهلڪار ڏنا، جنهن ۾ 15 سئو جي نفري واپس اچي وئي آهي. هن چيو ته ايس ايس پي جي بدلي ۽ مقرري جو اختيار آ جي کي نه پر وزير اعلى وٽ آهي. پوليس کي ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ضرورت آهي. دنيا ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ئي ڪرائيم کي روڪيو ويو آهي. ٻاهر ملڪن ۾ ٽريفڪ پوليس نظر نه ڏيندي. پوليس ڪنهن به سياسي دٻا ۾ نه اچي، اسٽريٽ ڪرائيم جو مسئلو موجود آهي. اسٽريٽ ڪرائيم کي روڪيو به ويو آهي. ڪراچي ۾ 43 هزار سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳايون ويون آهن. سي سي ٽي وي پروجيڪٽ تي ڪم ڪيو ويندو. سمارٽ ڪئميرا لڳايون وينديون، هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي استعمال سان 1.8 ملين ڊيٽا اپ ڊيٽ ٿي آهي. سفر ڪندڙ ڏوهاري تائين پهچڻ لا پڻ ٽيڪنالاجي کان ڪم وٺون پيا. سيو سٽي پروجيڪٽ تي گهرو کاتو اجازت نٿو ڏئي. جنهن لا، 21 بلين جي بجيٽ پڻ منظور ٿي آهي. ضلعن ۾ سٺا ايس ايس پي لڳن ته اتي ايس ايڇ اوز به سٺا ايندا. هن وڌيڪ چيو ته بدلي ٿيس ته قبول ڪندس. پنهنجي اختيار کي ذميواري سمجهان ٿو.
حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر لالا رحمان سمون آ جي سنڌ کي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ آجياڻو ڏيندي چيو ته غلام نبي ميمڻ ڪنهن به تعارف جو محتاج ناهي. حيدرآباد ۾ غلام نبي ميمڻ ايس ايس پي به رهيو. 2009ع ۾ ايس ايس پي حيدرآباد آيو ته منهجو پي اغوا ٿيو. غلام نبي ميمڻ جي ڪوشش سان ئي بنا ڀنگ ڀرڻ جي آزاد ٿيو. هن چيو ته هتي امن امان جو مسئلو آهي. منشيات فروشي جو مسئلو آهي. منشيات فروشي پوليس کانسواءِ نٿي ٿي سگهي. پوليس بنا سبب جي ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪندي آهي. پري ۽ پوسٽ پوليسنگ تي ڪم ٿيڻ گهرجي. هن سفارش ڪئي ته صحافين ۽ پوليس وچ ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ لا ڊويزنل سطح تي 5 رڪني ڪميٽي ٺاهي وڃي. جنهن ۾ ڊي آءِ جي پريس ڪلب جا عهديدار ۽ ايڇ آر سي پي جا ميمبر کنيا وڃن، جيڪي منشيات ۾ صحافي ملوٽ هجن ته اهي به سامهون اچي ويندا. جيتوڻيڪ اهڙي ڪميٽي ٺهڻ سٺو عمل آهي. جنهن سان صحافت جي نالي تي ڪڌو ڪاروبار ڪندڙ اگهاڙا ٿيندا. پوليس ۽ ڪامورن جي منشيات يا ٻئي ڌنڌي جو پردو پڻ چاڪ ٿي سگهندو. شرط آهي ته اها ڪميٽي به پنهنجي ايمانداري سان ڪم ڪندي رهي. ائين نه ٿئي جو ڪميٽي به ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي بدران ڪک رکڻ شروع ڪري ڇڏي. اهو سڀ ڪجهه اهڙي سماج ۾ ممڪن به هوندو آهي. جنهن تي به عامل صحافي جي نظر هجڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button