ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اٽي جي سرڪاري اگهه تي عمل ٻڙي

Editorial

سنڌ ۾ اٽي جي اگهن ۾ واڌ سبب عوام ۾ نه رڳو بي چيني آهي پر پريشاني به گهڻي آهي. گذريل ڪيتري عرصي کان سنڌ جو عوام مهانگو اٽو خريدڻ تي مجبور آهي، ٻئي پاسي مختلف شهرن ۾ سرڪاري اٽي جا اسٽال موجود آهن پر اهي اسٽال اڻ پورا آهن. جيتوڻيڪ اتي اٽو سستو ملي رهيو آهي. ڏهه ڪلو وارو ڪٽو 650 روپين ۾ ملي ٿو پر جيئن ته شهرن جي آبادي گهڻي آهي ۽ اتي ماڻهن کي قطار ۾ بيهي اٽو خريد ڪرڻو ٿو پوي، تنهنڪري گهڻا ماڻهو سرڪاري اٽو خريد نٿا ڪن. جڏهن ته دڪانن تان کين اٽي جو في ڪلو 120 روپين ۾ پوي ٿو. اهڙي ريت عوام رڳو اٽي سبب پريشان لڳو پيو آهي، جڏهن ته کائڻ پيئڻ جا ٻيا اسم ان کانسواءِ آهن. سنڌ حڪومت ان حوالي سان چڪي مالڪن سان به ڳالهيون ڪيون پر اهي ڳالهيون ناڪام ٿيون، ڇاڪاڻ ته چڪي مالڪن جو چوڻ آهي ته کين ڪڻڪ مهانگي اگهه تي ملي رهي آهي، تنهنڪري اهي ان اگهه تي اٽو فراهم نٿيون ڪري سگهن، جنهن اگهه تي حڪومت زور ڀري رهي آهي. چڪي مالڪن جي هڪ هٽي هجڻ ڪري عوام کي ڪافي پريشاني ٿي رهي آهي. ان کانسواءِ مختلف شهرن ۾ جتي جتي به سرڪاري اگهه رکيو ويو آهي، ان تي به عمل نه ٿي رهيو آهي. تنهنڪري عوام احتجاج ڪري رهيو آهي، احتجاج ڪرڻ عوام جو حق آهي. ڪالهه به هڪ اهڙي ئي خبر رپورٽ ٿي آهي، جنهن موجب عمر ڪوٽ ۾ شهرين هڙتالي ڪئمپ لڳائي، احتجاج ڪيو.
عمرڪوٽ ضلعي ۾ سنڌ سرڪار طرفان اعلانيل اٽي جي سرڪاري اگھه تي عمل نھ ٿيو. خوراڪ کاتي وٽ رجسٽرد 516 پٿرن تي خوراڪ کاتي پاران ماھوار في پٿر 12 ٻورين جي حساب سان ڪڻڪ ڏني پئي وڃي، مليل ڪڻڪ 516 پٿرن تي ماھوار 6 ھزار 192 ٻوريون، جڏھن ته 15 ھزار 480 مڻ ۽ جھولي لال فلور مل ڪنري کي ماھوار 25 ھزار مڻ ڪڻڪ سرڪاري ڪوٽا ملڻ باوجود ضلعي جي چئني تعلقن ۾ ڪڻڪ جي سرڪاري اگھه تي عمل ناہي ٿيو، جڏھن ته چڪي مافيا پاران رجسٽرڊ ڪرايل پٿر وڌيڪ ۽ سرزمين تي گھٽ پٿر لڳل آھن، ڪڻڪ جي سرڪاري اگھه تي عمل نه ٿيڻ خلاف ايس يو پي مسلسل 10 ڏينھن بک ھڙتالي ڪئمپ لڳائي هئي، ان باوجود ڊي ايف سي عمرڪوٽ علي محمد ٽالپر ۽ ڊي سي محمد بخش ڌاريجو چڪي مافيا خلاف ڪارروائي نه ڪئي، نه ئي اٽي جا اگهه گهٽ ڪرايا. سياسي سماجي اڳواڻن ايڊووڪيٽ امرچند ڀيل، قادر ڪنڀر، عبدالله، جانڻ سنڌي ۽ ٻين “سنڌ ايڪسپريس” سان ڳالھائيندي چيو ته خوراڪ کاتي جي انتظاميا جي ملي ڀگت ۽ عملدارن جي نااھلي سبب ڪڻڪ جي سڪاري اگهھ تي عمل نه پيو ڪيو وڃي، چڪي مافيا خوراڪ کاتي کان ماھوار ڪوٽا جي ڪڻڪ وٺي مارڪيٽ ۾ اٽو 42 سئو رپيا في مڻ تي وڪرو ڪري پئي، جنهن سبب غريب ماڻهو سخت پريشان آهن، پر ماڻھن جي دانھن ۽ احتجاجن باوجود خوراڪ کاتي جا عملدار توڙي ڊي سي عمرڪوٽ قدم نٿا کڻن. ٻئي طرف رابطي تي اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ ٻڌايو ته ڊي سي پرائيس ڪنٽرول تي اهم ميٽنگ رکي آهي، جلد اٽي جي سرڪاري اگهھ تي عمل ڪرايو ويندو، عمل نه ڪندڙ چڪي مالڪن جا لائسنس رد ڪري کين سزا ڏني ويندي.
اسين سمجهون ٿا ته اٽي جي سرڪاري اگهن تي عمل ٿيڻ گهرجي. اهو ڪم سنڌ سرڪار جي انتظاميه جو آهي ته اها ڪهڙي ريت ان تي عمل ٿي ڪرائي. جيڪڏهن سنڌ حڪومت پنهنجي ئي ڪيل فيصلي تي عمل نٿي ڪرائي سگهي ته پوءِ ان کي اهو حق ناهي ته اها اهڙا اعلان ڪري، جن سان عوام کي ڪجهه رليف جو آسرو ٿئي. وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ پيدا ڪندڙ ملڪ ۾ جيڪڏهن عوام کي سستو اٽو نه ملي رهيو آهي ته ان جي ذميواري سڌي ريت حڪومت تي آهي. عمرڪوٽ ۽ سنڌ جي باقي شهرن ۾ اٽي جي سرڪاري اگهه تي عمل ڪرايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button