ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

دنيا ۾ اڀرندڙ عوامي تحريڪون ۽ ھن خطي جا تضاد

Editorial-Article- Nisar Leghari

اهو سوال اڪثر دوستن ۾ ڪيو ويندو آھي ته آخر هتي عوام ڪڏھن اٿندو مهانگائي ۽ بيروزگاري انتها تي پهچي چڪي آھي ظلم ناانصافي جو بازار گرم آھي قومي طبقاتي غيرجمهوري قوتن جو جبر انتها تي آھي پو به ماڻھو احتجاج نٿا ڪن، دانهن نٿا ڪن، دانشور، سلجهيل ماڻھو ۽ فڪري طرح بلند ماڻھو چپ آھن، اهو ڇو آھي؟
انهي مظھر جا آخر ڪهڙا سبب آھن، هڪ ڳالهه ته هتي ماڻھو خاموش آھن، احتجاج نٿا ڪن، ها احتجاج دانهون ڪن ٿا پر اهي ٻڌا به ڪونه ويندا آھن دانهون آھون دٻجي وينديون آھن هتي مڪمل فاشزم آھي جنهن ۾ ماڻھن کي جبري گمشدگي سميت هر ظلم برداشت ڪرڻو پوندو آھي ان باوجود احتجاج جاري رهن ٿا. ها هتي وڏيون سياسي تنظيمون هر قسم جون ختم ڪري ننڍيون ننڍيون تنظيمون ڪيون ويون آھن، جن کي ڪنٽرول ڪيو ويندو آھي.
هزارين طريقا آھن جن سان ماڻھن کي تقسيم ڪيو ويندو آھي، انڪري سماج تبديلي طرف نٿو وڌي هي جيڪا ڪوڙي نام نهاد تبديلي آندي وئي اها به هڪ ڍونگ هو جيڪو هن وقت مڪمل طرح ظاهر ٿي چڪو آھي اهڙي صورتحال ۾ ظاهر آھي حالتون خراب ئي رهنديون.
عوامي قوتون خاص طرح کاٻي ڌر ۽ قومپرست ڌريون پاڻ ۾ تمام گهڻيون تقسيم آھن، اهي پاڻ ۾ ايترا اختلاف ڪري پيون هلن جو انهن کي حاڪم فاشسٽ طبقن جو ظلم وسري ويو آھي پر پو به اميد آھي ته اهو جمود جلدي ختم ٿي ويندو.
سوشل ميڊيا به هتي منفي ڪردار انهي معنيٰ ۾ ادا ڪيو آھي جو ماڻھو پنهنجي سموري ڪاوڙ پوسٽن ۾ ڪڍي خاموش ٿي گهرن ۾ ويهي ٿا رهن هنن جي نظر ۾ اهو ڪافي آھي تنظيم ناهي منظم ڪرڻي ان جو حصو ناهي ٿيڻو، بس اهو ڪم ٿي ويو، ڳالهيون ڪافي ڪبيون، هوٽلن تي دانهون ڪبيون، ڪچهري ڪبي پر اهو ڪافي ناهي نظريي پروگرام کي ماڻھن تائين کڻي عوام عام ماڻھن نوجوانن ۾ لهڻو پوندو، انهن کي منظم ڪرڻو پوندو وڏي سياسي سماجي انقلابي سکيا ڏيڻي پوندي، تفرقي کي گهٽ ڪرڻو پوندو، اهو جيترو گهٽ ٿيندو ويندو، اوترو عوام کي فائدو ٿيندو.
حڪمران قوتون عوام جي منظم ٿيڻ انهن جي گڏيل احتجاج يا رد عمل کان لهرائينديون آھن.
هن وقت اسان جي چوڌاري سموري خطي توڙي دنيا ۾ باهه لڳل آھي ايران پنهنجي وڏي تاريخي اٿل پٿل مان گذري رهيو آھي جيڪا تيزي سان وڌندي ويندي. ايران ۾ ايتري ڪاوڙ آھي جو ماڻھن آيت الله خميني جو گهر ساڙي ڇڏيو هي ڪو معمولي واقعو ناهي.
هتي به جنهن طريقي عوام تي سختيون وڌائڻ ميڊيا تي پابنديون لڳائڻ ٻيا فاشسٽ ھٿڪنڊا استعمال ڪرڻ جو عمل تيز ٿيندو اوترو ئي بغاوت احتجاج جوابي رد عمل وڌندو، هتي جي حاڪمن کي به خبر ناهي ته سندن خبر ڪم کي وڌيڪ خراب ڪندو
هر گذرندي ڏينهن عوام جي ڪاوڙ وڌي رهي آھي عقيدن جو جيڪو آفيم ماڻھن جي ذھنن ۾ وڌو ويو آھي ته هي سڀ ڪجهه قدرت طرفان آھي اهو به ختم ٿي رهيو آھي ماڻھو ايترا نااميد آھن جو خودڪشين تي به تيار آھن هن صورتحال ۾ عوامي قوتن فردن جو اهم ڪردار آھي اهي عوام کي تيار ڪن عوام جي رهنمائي ڪن پنهنجي ننڍن ننڍن اختلافن کي وساري اڳتي وڌن ڪجهه وڏا عوامي مقصد طئي ڪجن پو انهن کي عوامي وسيع تر ايجنڊا ۾ تبديل ڪري عوامي حمايت حاصل ڪري سماج کي متحرڪ ڪري اڳتي وڌجي.
هي دور تيز ترين سماجي رابطي جو آھي انڪري خيالن جو ڦھلا گهڻي آساني سان ٿيندو آھي، ان کي ڪارج ۾ آڻي وڏي عوامي را عامه جوڙي سگهجي ٿي ان جي نتيجي ۾ عوام جي جمود کي ٽوڙي ڪاوڙ کي هڪ رخ ڏئي سگهجي ٿو.
عالمي سطح تي اٿل پٿل جا ڪجهه پاسا
هن وقت يورپ ۾ جيڪا روس يوڪرائين جنگ لڳي آھي ان يورپ توڙي دنيا کي لوڏي ڇڏيو آھي، وچ اوڀر ۾ ھڪ طرف ايران آمريڪا سعودي عرب تڪرار آھي ته ٻئي طرف ايران جي تاريخ جي وڏي عوامي تحريڪ جاري آھي جنهن ۾ ٽي سئو ماڻھو عورتون ٻار پوليس هٿان مارجي چڪا آھن هي تحريڪ خود موساد جي رپورٽن موجب هاڻ رڪجڻ کان گهڻو اڳتي نڪري چڪي آھي، ايران خميني جي اسلامي تحرڪ کان پو وڏي تحرڪ ۾ آھي.
بنگلاديش شيخ حسينا واجد جي قيادت ۾ بنگلاديش جي آئين کي مڪمل سيڪيولر آئين ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي ان کان اڳ ايڪهتر جي جنگ ڏوهن ۾ ملوث جماعت اسلامي جي اڳواڻن کي ڦاهين تي چاڙھي جماعت اسلامي تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آھي.
سعودي عرب اسرائيل سان سفارتي لاڳاپا خفيا طريقي بحال ڪري ڇڏيا جلد اهو اعلان ٿي ويندو. شھزادي سلمان چيو آھي ته سعودي عرب ايندڙ ڏھن سالن ۾ يورپ کان به اڳتي هوندو، هتي حيرت آھي ته اصل حڪمران ڪجهه سمجهڻ لا تيار ناهن هر گذرندي ڏينهن عوام تي سختيون ڪري رهيا آھن. تاريخ جو اهو سبق آھي ته ماڻھو هڪ حد تائين تشدد جبر توڙي طاقت کي برداشت ڪندا هي تشدد وڌائيندا پيا رهن اهو خود بغاوت جي ڪيميائي عمل کي تيز ڪندو ويندو ان ۾ ھن وقت شدت ڏسڻ ۾ اچي پئي جلد اسين هي جمود ختم ٿيندي ڏسنداسين.
هتي حڪمران طبقن اهو سمجهيو آھي ته انهي سموري عالمي اٿل پٿل جو گهڻو اثر نه پوندو، انڪري هو ڪافي حد تائين مطمئن آھن هنن طرفان جيڪو سياسي پتلي تماشو لڳل آھي اهو به هلي پيو ماڻھو هنن جي خيال موجب پي ڊي ايم پي ٽي آ جهيڙي ۾ گم رهندا پر سوشل ميڊيا تي اهي سڀ اگهاڙا ٿي رهيا آھن ته اهي اصل ۾ ڪنهن جي اي ٽيم ڪنهن جي بي ٽيم آھن عالمي ميڊيا سوشل ميڊيا وي لاگ سڀ ڪجهه کولي رکي رهيا آھن هنن جا ڪوڙ ظاهر ٿي رهيا آھن ملڪي معيشت بابت سندن ڪوڙ ھرهنڌ ڏسجي پيو وري آ ايم ايف جا قرض ڳرا شرط جلد مهانگائي جي اڳ کان شديد لهر پيدا ڪندا، جنهن سان عوامي بي چيني لازمي وڌندي. اها ڪانه ڪا صورت اختيار ڪندي خود انارڪي انتشار پاڻ به اندروني تضادن جي شدت پيدا ڪندو. هي چيف جي مقرري به ان جو هڪ اظھار هو، اهو جهيڙي جو خاتمو نه پر آغاز هوندو. هٿرادو بيهاريل نظام ڪيترو وقت هلي ٿو اهو جلد خبر پئجي ويندي.

سنڌ جي صورتحال

هن وقت سنڌ کي پيپلز پارٽي حوالي ڪري کيس مسلسل اقتدار ڏئي سنڌ جي عوامي سياسي تحرڪ کي شديد جمود جو شڪار ڪيو ويو آھي هڪ پارٽي جنهن پندرنهن سال ڀينگ ڪئي آھي جتي معمولي ڊپٽي ڪمشنر اربين کربين رپين جي ڪرپشن ڪري ٿو پر ڪنهن کي ڪو شرم نٿو اچي سنڌ ۾ ھي جيڪي ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، ايس ايس پي آفيسر ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪن پيا منشيات وڪرو ڪرائين پيا ڇا اهو سنڌ حڪومت جي سنڀاليندڙن جي مرضي کان سوا ھوندو هي ايترا درويش سادا آھن.
هتي ڪنهن جي حڪومت آھي سنڌ کي سياسي شعور جمهوري تحريڪن قومي حقن گهرڻ جي سخت سزا جاري آھي. شھر ۽ علائقا ڪرپٽ ترين ۽ ظالم ترين وڏيرن جي حوالي ڪيا ويا آھن جن عام ماڻھن جو ساهه سڪائي ڇڏيو آھي محرابپور جي هڪ ميمڻ صحافي کي ٽي وي جي تارن سان گلو دٻائي قتل ڪيو ويو سندس ڪيس هن وقت به بند آھي ڌاڙيل عام ماڻھن کي يرغمال ڪري سرعام ڪروڙين رپين جو ڀنگ طلب ڪري رهيا آھن. پوليس اهلڪار قتل ٿي رهيا آھن ڪير پڇڻ وارو ناهي، انهن ڌاڙيلن جي ڪير سرپرستي ڪري رهيو آھي هنن وٽ اينٽي ايئر ڪرافٽ گنو آھن جيڪي هو سوشل ميڊيا تي رکي رياست جي مذاق اڏائڻ ۾ پورا هوندا آھن، اهو سڀ ڪجهه ڇا آھي سوا انهي جي ته هي بنانا اسٽيٽ آھي جيڪو لکي ٿو اهو عذاب ۾ ھي سڀ ڪجهه برداشت جوڳو ناهي. هتي دنيا جون بهترين لمبر ون ڳجهيون قوتون ڇا ڪري رهيون آھن وري دهشتگردن جي چوڻ تي گورنر مقرر ڪيا ويندا آھن، جيڪي سرعام آئين قانون جي انحرافي ڪندي سنڌ کي ٻن صوبن ۾ تقسيم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو اهي سڀ معجزا هتي ٿي رهيا آھن اهو سڀ ڪجهه عوام جي نفسيات سان کيڏڻ، کين منجهائي رکڻ لا آھي پر گهڻو عرصو هي مشڪريون هلي نه سگهنديون.
ٽيل پيس
اسٽيبلشمينٽ سڌرڻ بجا سياستدان جيڪي هن جا پيدا ڪيل آھن انهن جو پتلي تماشو جاري آھي. اسلام آباد طرف لانگ مارچ اسلام آباد ۾ قائم حڪومت هي سڀ هنن بزرگن جو ئي مچايل سجايل کيل آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button