ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

صدارتي نظام آڻڻ جي بار بار وڪالت

Editorial-Article- Mohammad Khan Sial

ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي سربراهه عمران خان ملڪ ۾ صدارتي نظام قائم ڪرڻ جي بار بار وڪالت ڪئي آھي ۽ تازو اھڙو بيان به جاري ڪيو اٿس. سندس چواڻي صدارتي نظام سٺو سسٽم آھي. قانون جي اصلي اھميت تائين، سچي حڪمراني نٿي ٿي سگهي. صدارتي نظام مضبوط سسٽم آھي. اڄ جيڪي خراب اقتصادي حالتون آھن سي ٿيڻيون ھيون.
اھو پنھنجي جاءِ تي اھم سوال آھي ته صدارتي نظام جي عوام جي ڀلائيءَ خاطر ايڏي ڪا خاص اھميت آھي ڇا جو عمران خان اھڙو مطالبو بار بار ڪندو رھي ٿو. اھو اھم سوال آھي ته جيڪڏھن ھو ٻيھر اقتدار ۾ آيو ته ڇا پنھنجن بيانن موجب عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪارناما ڪندو يا وري سکڻا بيان جاري ڪري، عام ماڻھن کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رھندو. نه رڳو ايترو پر سندس اھو بيان به ڇپِيو آھي ته ھو ٻيهر اقتدار ۾ اچي پنھنجي مرضيءَ سان فيصلا ڪندو رھندو. عمران خان ته اھي به بيان ڏنا آھن ته ھو وزيراعظم ھو ته وٽس اختيار ڪونه ھئا. بھرحال، سندس اصل نيت ڪھڙي آھي سو بردباريءَ سان سوچڻ گهرجي.
جيڪڏھن عمران خان وٽ وزيراعظم طور اختيار بلڪل ڪونه ھئا ته پوءِ ھن پاڻمرادو وفاقي سرڪار ڇو ڪونه ڇڏي ڏني ۽ پوڻن چئن ورھين جي عرصي تائين اقتدار ۾ ڇو برقرار رھيو؟ نيٺ کيس قومي اسيمبليءَ جي ووٽن ذريعي پاڪستان جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ھٽايو ويو. جيڪڏھن رضاڪاراڻي طور وفاقي سرڪار ڇڏي ڏئي ھا ته ھاڻي عوام ۾ مقبول ھجي ھا پر ائين ڪونه ڪيائين ۽ پنھنجي اقتدار سان چنبڙيل رھيو! جيڪڏھن اختلاف طور سرڪار ڇڏي ڏئي ھا ته عوام جي کيس مقبوليت ھجي ھا. جيڪڏھن ٻيھر اليڪشن وڙھي ھا ته عوام سندس کليو کلايو حمايت ڪري ھا. عمران خان ڪيترن سالن کان سياسي طور رڳو سکڻن بيانن تي گذر سفر ڪندو رھندو آھي. ھن عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڪي خاص ڪارناما ڪونه ڪيا آھن، الٽو ھن سخت اختلافي قدم کڻي، عام ماڻھن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي. يعني عمران خان وزيراعظم طور عوام جي ڀلائيءَ لاءِ اھم قدم کڻڻ بدران بار بار ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي آڻي عام ماڻھن جو جيئڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو ھو ۽ ھن انٽرنيشنل مانيٽرنگ فنڊ (آءِ ايم ايف) سان بين الاقوامي ٺاهه ڪري ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو ھو. اھا دکدائڪ سچائي آھي ته سندس پوڻن چئن ورھين واري سندس سرڪار ختم ٿيڻ کانپوءِ به سندس ٺاهه موجب ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي جاري آھي.
عمران خان ھاڻي وري خطرناڪ مطالبو ڪري رھيو آھي ته صدارتي نظام قائم ٿئي. سوال اھو آھي ته جيڪڏھن ملڪ اندر صدارتي نظام قائم ٿيو ۽ اقتدار ۾ آيو ته وٽس تمام گهڻا اختيار اچي ويندا ۽ انھيءَ ڪري ملڪ جي تباھيءَ لاءِ سولائيءَ سان قدم به کڻي سگھندو. عام طور اھا ڳالهھ مڃي ويندي آھي ته ترقيءَ لاءِ ڪوشش ڪندڙ ملڪن ۾ صدارتي نظام ذريعي ڊڪٽيٽرشپ آڻڻ جو اھم ڪردار ھوندو آھي. جيڪڏھن ملڪ اندر ٻيھر آمريت قائم ٿي وئي ته سندس پوڻن چئن سالن جي وزيراعظم طور اختيارن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته ھو ملڪ کي مڪمل تباهه ڪري ڇڏيندو. ائين لڳي ٿو ته عمران خان جو اڪيلو ئي مقصد اھو آھي ته ھو بلڪل گهڻا اختيار حاصل ڪري، پوءِ ڀلي ماڻھن جو رت چوسيندو رھي ۽ ڪير به کيس سندس ‘ڪارنامن’ کان نه روڪي. ٻئي طرف، تازو پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان عجيب دعويٰ ڪئي آهي ته هو ٻيھر پاور ۾ ايندو ۽ کيس اليڪشن مهم هلائڻ جي به ضرورت ناهي. عمران خان چواڻي کيس ڊپ آهي ته حڪمران، مُلڪ کي ايڏانهن کڻي ويندا جتي سڀ ڪجھه هٿن مان نڪري ويندو ۽ سياسي بردباريءَ کانسواءِ ملڪي اقتصاديات ٺيڪ نٿي ٿي سگهي، سيڙپڪارن جو اعتماد رڳو اليڪشن ڪرائڻ سان بحال ٿيندو.
اھا به سچائي آھي ته ھو اقتدار ۾ اچي، سنڌ کي سڀ کان وڏو نقصان پھچائيندو ڇاڪاڻ ته سندس بيانن مان سندس سنڌ دشمني بار بار ڏسڻ ۾ ايندي آھي. تازو ھن مطالبو ڪيو آھي ته ڊويزنن کي صوبا بڻايو. جيڪڏھن ائين ٿيو ته سنڌ جيڪا صدين کان قائم ٿيل آھي سا ڇھن يا ستن صوبن ۾ ورھائجي ويندي. ائين لڳي ٿو ته سندس اصل مقصد سنڌ ٽوڙڻ ئي آھي. ھن وزيراعظم طور سنڌ جي ڪا خاص خدمت ڪونه ئي ھئي، البت پنھنجي ڀلائيءَ لاءِ سکڻا پر لاڳيتا بيان ڏيندو رھندو ھو.
اصل سچائي اھا آھي ته ترقي ڪندڙ ملڪن ۾، صدارتي نظام ۾ عام طور ڊڪٽيٽرشپ قائم ٿي ويندي آھي ۽ اھا ڳالهھ سڄي دنيا مڃيندي آھي. اسان جي ملڪ ۾ پراڻا دور ڏسجن ته صدارتي نظام ۾ خاص طور ڊڪٽيٽرشپ قائم ٿيل ھوندي ھئي. جڏھن ته انھن حالتن ۾ حڪمران رڳو پاڻ کي ملڪ جو بادشاهه ئي سمجهندا رھندا ھئا. پنھنجي ذاتي ڳڻتي وڌيڪ ھوندي ھئن پر عوام جي ڀلائي بلڪل گهٽ. عمران خان جي اھا پراڻي خواھش آھي ته رڳو وٽس اختيار ھجن. کيس سوچڻ گهرجي ته جيڪڏھن صدارتي نظام ملڪ جي فائدي لاءِ ھوندو آھي ته پوءِ سڄي دنيا ۾ کوڙ بردبار ماڻھو، انھيءَ جي مخالفت آخر ڇو ٿا ڪن؟ ھونئن به جيڪڏھن ڪو ترقي يافتا ملڪ آھي ته اتي صدارتي نظام انھيءَ ڪري ھلي سگهي ٿو جو عوام سياسي طور ھوشيار ھوندا آھن ۽ زيادتين خلاف ترت ۽ زوردار تحريڪ ھلائيندا آھن پر اسان جھڙي غير ترقي يافتا ملڪ ۾، جيڪڏھن رڳو صدارتي نظام ھوندو ته انھيءَ مان رڳو حڪمرانن جو فائدو ھوندو، عوام جي خاص ڀلائي انھيءَ ۾ ھرگز شامل ڪونه ھوندي آھي. تنھنڪري غير ترقياتي ملڪن ۾ صدارتي نظام زبردست نقصانڪار ھوندو آھي. اھڙا پراڻا مثال، اسان جي ملڪ ۾ به آھن.
ھونئن به عمران خان کان پڇڻ ۾ ڪوبه عيب ڪونھي ته تون پوڻا چار ورھيه وزيراعظم ھئين ته عوام جي ڀلائيءَ لاءِ ڇو ڪونه ڪارناما ڪيا، رڳو سکڻن بيانن سان ته ماڻھن جي ڀلائي ۽ ترقي ناھي ٿيندي. ھونئن به اھو ٻڌائڻ ضروري آھي ته عمران خان جي سنڌ دشمن پاليسين باوجود، اسان وٽ ڪجھه سنڌي، فيس بوڪ تي سندس کليو حمايت ڪن ٿا. انھن جي اڳيان رڳو ظاھري طور ھڪ ئي مقصد ڏسڻ ۾ اچي ٿو تہ ھو چاھين ٿا تہ عمران خان، عوام جي وڏي گهڻائيءَ سان چونڊيل سنڌ سرڪار ھر صورت ۾ ختم ڪري يعني پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ) سرڪار ختم ٿئي، پوءِ ڀلي سنڌ ٽوڙي ته ٽوڙي.
بھرحال، ملڪ جي مجموعي حالتن کي ڏسي اھو چئي سگهجي ٿو ته دنيا جي ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ صدارتي نظام ڊڪٽيٽرشپ جو نئون روپ آھي، تنھنڪري انھيءَ جي سخت مخالفت ڪرڻ گهرجي.
عمران خان جي حامين کان ھڪ سوال پڇي سگهجي ٿو، جنھن جو ھو ايمانداري ۽ سچائيءَ سان جواب ڏين ته بھتر. ڇا عمران خان جيڪڏھن ٻيھر اقتدار ۾ آيو ۽ ملڪ جو صدر بڻجي ويو ۽ وٽس صدارتي اختيار کوڙ ھوندا ته ھو سنڌ جي فائدي ۾ ڪارناما ڪندو يا نه؟ سندس پراڻي ڪارڪردگيءَ کي ڏسي سچائيءَ وارا تبصرا ڪن ته بھتر. منھنجي ايمانداريءَ سان راءِ آھي ته عمران خان جي پوڻن چئن ورھين جي اقتدار واري ڪارڪردگيءِ کي ڏسي ۽ سندس مختلف بيانن کي ڏسي اھو چئي سگهجي ٿو ته کيس سنڌ سان ٽڪو به ھمدردي ناھي. تنھنڪري سڄي ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ جي ڀلائيءَ کي اھميت ڏئي، عمران خان جي صدارتي نظام قائم ڪرڻ جي سخت مخالفت ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته ائين ڪرڻ سان سنڌ سميت سڄي ملڪ جو فائدو سمايل ھوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button