ملڪ جو ھر ماڻھو پھرين ان سوال جي جواب جو منتظر ھو تھ آرمي چيف لاءِ ڪنھن جي چونڊ ڪئي ويندي؟ جڏھن جنرل سيد عاصم منير جي چونڊ ڪئي وئي تھ پوءِ يڪدم اھو سوال ڪر کڻي بيٺو تھ ڇا صدر عارف علوي وزير اعظم جي اماڻيل سمريءَ تي صحيح ڪري ڇڏيندو يا اھو معاملو ڇڪتاڻ جو شڪار ٿيندو؟
حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ ان معاملي تي ڪو اتفاق نھ ھو. اھو ئي سبب آھي تھ جڏھن وزير اعظم شھباز شريف ليفٽيننٽ جنرل سيد عاصم منير جو نالو نئين آرمي چيف لاءِ تجويز ڪيو. جڏھن تھ جوائنٽ چيف آف اسٽاف لاءِ ساحر شمشاد مرزا جي چونڊ ڪئي وئي. وزير اعظم جي اھڙي چونڊ تي ميڊيا کي خاص حيرت نھ ٿي. ڇو تھ اڪثر سياسي ۽ صحافتي مبصرن جو خيال ھو تھ حڪومت انھن نالن کي اڳتي اماڻيندي. پر اھڙي سمري ايوان صدر طرف اماڻڻ کان پوءِ مسلم ليگ (ن) جي سرڪار سخت پريشان محسوس ٿي. ڇو تھ ملڪ جي اھم ترين فيصلي جو بال وزير اعظم ھائوس ۾ نھ پر ايوان صدر جي ڪورٽ پھچي ويو هو. اھو ئي سبب ھو تھ بچاءُ واري وزير خواجا آصف ايلازن ڪندڙ اکرن ۾ عمران خان ۽ صدر پاڪستان لاءِ منٿ جھڙي ٽوئيٽ ڪئي آھي تھ ھو ملڪ جي محافظ اداري کي سياست جي ور نھ چاڙھين پر آئين مطابق معاملي کي اڳتي وڌائين.
خواجا آصف کي اھي لفظ ھرگز نھ لکڻا پون ھا پر ھن لکيا. ھن ان ڪري لکيا جو عمران خان گذريل ڏينھن اھو بيان ڏنو ھو تھ ھاڻي آرمي چيف جي مقرريءَ تي ھو ۽ صدر کيڏندا. عمران خان لاءِ “کيڏڻ” لفظ ڀلي ڪيترو بھ معتبر ڇو نھ ھجي پر ملڪ جي تحفظ ۽ عوام لاءِ انصاف جي حوالي سان ان لفظ جو استعمال ڪيترو نھ آزاريندڙ محسوس ٿي رھيو آھي پر اھو آزار اسان جو مقدر رھيو آھي. اسان جو اھڙو مقدر جيڪو ھن مھل تائين آزمائش مان آجو ٿي نھ سگھيو آھي. ھن وقت بھ اھا آزمائش جي تلوار اسان جي سر مٿان لڙڪي رھي آھي.
سياستدان واقعي ئي اقتدار جا رانديگر آھن. ھو اھڙي راند رھڻ افورڊ ڪري سگھن ٿا. ڇو تھ انھن کي اھا چنتا ناھي تھ بجليءَ جو بل ڪيئن جمع ٿيندو؟ ٻارن جي اسڪول فيس ۽ گھر جو ڪرايو انھن جو مسئلو ناھي. ھو ھر فڪر کان آجا آھن. انھن وٽ ايتري دولت آھي جو انھن جي دل ۽ دماغ کي ڪا پريشاني ڪونھي تھ ايندڙ ڏينھن کي ڪيئن منھن ڏبو؟ اھو مسئلو اسان جو آھي. اسان جيڪي لوئر ۽ مڊل ڪلاس ماڻھو آھيون. اسان جن جو مستقبل سدائين ڪنھن نھ ڪنھن پريشانيءَ جي دائري ۾ دکندو رھي ٿو. اسان جيڪي سدائين پنھنجي اندر کي ڪنھن نھ ڪنھن اميد جو سھارو ڏئي اڳتي تڳايون ٿا.
اسان کي منيءَ صديءَ کان وٺي اھا اميد آھن تھ ھڪ ڏينھن حق ۽ انصاف جو پرچم جھولندو. ھر ڪنھن کي سکيو جيون گھارڻ جو موقعو ملندو. ھڪ محفوظ ۽ خوبصورت سماج وجود ۾ ايندو. پر اھو سماج ھن مھل تائين فقط سياستدانن جي واعدن ۾ ئي موجود رھيو آھي. عملي طور تي اھڙي سماج جي ھلڪي جھلڪ بھ ھن ملڪ جي عوام نھ ڏٺي آھي. اھو ئي سبب آھي تھ ھاڻي عوام جي اھا آس تبديل ٿي رھي آھي، ان نراس ۾ جيڪا نراس نھ فقط انسان جي پنھنجي جيون پر ملڪ لاءِ بھ تمام گھڻي تڪليف واري ھوندي آھي. اسان کي سمجھڻ گھرجي تھ ڪڏھن بھ مايوس ۽ ناخوش عوام ھڪ بھتر ملڪ نھ ٿو جوڙي سگھي. ملڪ تھ خوش ۽ مسرت سان سرشار ماڻھو ٺاھيندا آھن. اسان جي عوام جو مک تھ دک جو عڪس آھي. اسان جا ماڻھو پنھنجي مٿان پيل مھانگائيءَ ۽ مصيبت جو بار ھٽائڻ جي ڪوشش ڪندي ھلاڪ ٿي ويا آھن. اڃان تائين انھن کان اميد رکي ٿي وڃي تھ ھو ملڪ لاءِ قرباني ڏين. ملڪ لاءِ قرباني اھي ڇو نھ ٿا ڏين؟ جن ملڪ مان گھڻو ڪجھھ حاصل ڪيو آھي؟ ملڪ لاءِ اھي قرباني ڇو ڏين، جن وٽ پنھنجن ٿڪل ساھن کان سواءِ ھاڻي ڪجھھ بھ باقي نھ بچيو آھي.
عوام کي ھن رھزن راند جو ستايل تماشائي بڻايو ويو آھي. اھا راند جيڪا ھن وقت آرمي چيف جي ڪرسيءَ چوڌاري گردش ڪري رھي آھي. ڪافي وقت کان وٺي ملڪ ۾ اھم ترين سوال اھو ھو تھ آرمي چيف ڪير ٿيندو؟ ان کان بھ وڌيڪ تلخ سوال اھو ھو تھ آرمي چيف ڪنھن جو ٿيندو؟ عمران خان جو يا سرڪار جو؟ جڏھن تھ اصولي طور تي آرمي چيف ملڪ جو ھوندو آھي. آرمي چيف ملڪ جو ھجڻ گھرجي ۽ ملڪ لاءِ ھجڻ گھرجي. پر ھن آرمي چيف جي عھدي کي جھڙي ريت سياست جي ور چاڙھيو ويو. ھن ملڪ ۾ بار بار اھڙا سياسي موڙ اچن ٿا، جن جو اڳ ڪنھن کي بھ اندازو نھ ھوندو آھي. ڪنھن کي معلوم ھو تھ آرمي چيف جي تقرريءَ ۾ ھڪ وقت اھڙو بھ ايندو جو سمورو معاملو سرڪار جي ھٿ مان ڪنھن ڪبوتر وانگر نڪري اڏامي ويندو ۽ پوئتي ڪجھھ بھ نھ بچندو. گذريل ڏينھن ملڪي سياست جو اھم ترين اشو ايوان صدر جي فيصلي جو محتاج ھو ۽ ان سلسلي ۾ عمران خان بنا ڪنھن لڪ لڪاءُ جي اھو چئي ڇڏيو ھو تھ ھو صدر سان گڏجي سياسي راند کيڏندو؟ جڏھن ھن کان پڇيو ويو تھ ڇا اھو مناسب لڳي ٿو؟ تڏھن ھن ڪڙڪي سان جواب ڏنو تھ ھا ڇو نھ؟ جيڪڏھن وزير اعظم ھڪ مفرور شخص سان ملڪ جي اھم ترين عھدي لاءِ مشورو ڪري سگھي ٿو تھ صدر پنھنجي ليڊر سان مشورو ڇو نھ ٿو ڪري سگھي؟ جڏھن تھ عمران خان کي اھو معلوم ھجڻ گھرجي تھ صدر صرف ۽ صرف وفاق جي علامت ھوندو آھي ۽ ھن جي ڪا سياسي وابستگي آئين مطابق نھ ھوندي آھي. پر ھن ملڪ ۾ ايوان صدر اندر جيڪي سياسي سرگرميون ٿيون آھن، انھن جي سار کي اسان ڪنھن بھ طور تي پنھنجي ماضيءَ مان خارج ڪري نھ ٿا سگھون. اسان کي ان سلسلي ۾ پنھنجي سياسي ماضيءَ ڏانهن بھ تڪڻو پوي ٿو ۽ جيڪڏھن اسان نھ بھ چاھيون، تڏھن بھ ان پاسي نظر وڃڻ وارو عمل فطري آھي.
حڪومتي ڌر کي اھو منڍ کان وٺي احساس ھو تھ آرمي چيف جي مقرريءَ جي منظوري صدر کي ڏيڻي پوندي. اھو ئي سبب آھي تھ ڪجھھ ڏينھن اڳ بلاول صدر جي خلاف ڀڙڪيل بيان جاري ڪيو آھي ۽ ان بيان تي سرڪاري حلقن بھ ڳڻتي جو اظھار ڪيو ھو. ڇو تھ اھڙا معاملا ڌمڪيون ڏيڻ سان حل نھ ٿيندا آھن پر انھن لاءِ صلح وارو رستو اختيار ڪرڻو پوندو آھي ۽ اھو رستو نيٺ افھام تفھيم ذريعي ئي حل تائين رسيو.
اھا بدقسمتي آھي تھ ملڪ ھن مھل انائن جي نھ پرمفادن جي ور چڙھي چڪو آھي ۽ ان جي حد ايتري تھ وڌي وئي آھي جو ھن مھل تائين ڪنھن سمجھوتي تي پھچڻ محال محسوس ٿي رھيو آھي. ھونءَ ھن وقت عمران خان چاھي تھ سرڪار ھن سان ڳالھيون ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندي پر عمران خان کي پاڻ سان ٿيل مبينا منفي سلوڪ سبب تمام گھڻي توائي آھي ۽ ھو ڪنھن بھ طور تي ان لاءِ راضي نھ ٿيندو تھ ھو پنھنجي لانگ مارچ واري مومينٽم کي ڪنھن بھ ريت جھڪو ڪري.
عمران خان کي تمام گھڻيون شڪايتون آھن. ھن کي سڀ کان وڏي شڪايت اھا آھي تھ ھن جي ھلندڙ حڪومت کي ھٿ وٺي ڪيرايو ويو. ھن کي ٻي شڪايت اھا آھي تھ ھن جي بي عزتي ڪئي وئي. ھن کي ٽين شڪايت اھا آھي تھ ھن کي احتجاج مٿان تشدد ڪيو ويو. ھن کي چوٿين شڪايت اھا آھي تھ ھن مٿان واچ چوريءَ جو الزام ھڻي ھن کي بدنام ڪيو ويو. ھن کي پنجين شڪايت اھا آھي تھ ھن جي عوامي حمايت جي ڪا بھ عزت نھ ڪئي وڃي ۽ ھن کي آخري ۽ سڀ کان وڏي شڪايت اھا آھي تھ ھن جي جاءِ تي حڪمران اھي ڪيا ويا آھن، جيڪي ھن جي بقول تمام گھڻا ڪرپٽ ۽ ملڪ جي تباھيءَ جا ذميوار آھن. جنھن ماڻھوءَ کي ايتريون گھڻيون شڪايتون ھجن ۽ جنھن جي حق ۾ حالتون اچي ويون ھجن تھ ان ماڻھوءَ جي دل ۾ پنھنجو بدلا وٺڻ جا ڪيترا نھ اڌما ھوندا؟
آرمي چيف جي مقرريءَ جي سلسلي ۾ آخري اوور دوران پوري گيم عمران خان جي ھٿ ۾ ھئي. جيڪڏھن ھو رڌڻي ۾ رولو وجھڻ چاھي ھا تھ ھو ڪري پئي سگھيو. ھو جيڪڏھن صدر عارف علويءَ کي اھو بھ چوي ھا تھ کيس استعيفيٰ ڏيڻ گھرجي تھ عارف علوي صدارت کان مستعفي ٿيڻ جي سلسلي ۾ سورھن منٽ بھ نھ سوچي ھا. ڇو تھ عارف علوي اڄ بھ عمران خان کي پنھنجو اصل اڳواڻ سمجھي ٿو ۽ ھو عمران خان جي شخصيت کان تمام گھڻو متاثر بھ آھي. ھن جو خيال آھي تھ عمران خان هڪ لاجواب ليڊر آھي.
صدر عارف علوي منڍ کان وٺي اھو موقف رکندو آيو ھو تھ فوج ۽ عمران خان جي وچ ۾ وڌيل وڇوٽيون غلط فھمين جي پيداوار آھن. ان ڪري اھي دوريون دور ٿيڻ گھرجن. ان سلسلي ۾ ھن ايوان صدر ۾ آرميءَ جي قيادت ۽ عمران خان جون ملاقاتون بھ ڪرايون ۽ حڪومت بھ ان حقيقت کي تسليم ڪيو تھ عمران خان ۽ عسڪري قيادت جون ملاقاتون ٿيون آھن. پر انھن ملاقاتن ۾ ڄمي ويل برف رجي نھ سگھي ۽ آرمي چيف جنرل باجوا آخر تائين عمران خان جي حوالي سان پنھنجي رنجش جو اظھار ڪندو ويو.
عمران خان جي حوالي سان انديشو ھو تھ ھو آرمي چيف جي مقرريءَ تي ڪو ايڊوينچر ڪري سگھي ٿو. پر ھن اھڙو ڪجھھ نھ ڪيو ۽ صدر بنا دير جي سرڪار پاران اماڻيل سمريءَ تي صحيح ڪري ڇڏي. ڇو تھ اھڙي معاملي تي وڌيڪ دير ڪرڻ ملڪ جي حوالي سان درست نھ پئي سمجھي وئي. عمران خان جھڙي ريت صلح جي واٽ ورتي آھي، ان مان محسوس اھو ٿي رھيو آھي تھ عمران خان ۽ عسڪري قيادت ۾ نئين شروعات جو عھد ضرور ٿيو آھي. ھن وقت ڏسڻو اھو آھي تھ ڪيل عھد ڪيترو جٽادار ثابت ٿئي ٿو!