ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ اغوا جا واقعا

Editorial

سنڌ ۾ ڪجهه ڏينهن کان اغُوا جي واقعن ۾ واڌ نظر اچي رهي آهي، هونئن ته هر مهيني سنڌ توڙي ملڪ ۾ ماڻهن جي اغوا ٿيڻ جون خبرون اينديون رهنديون آهن پر هن ڀيري مغوين جي انگ ۾ تڪڙو واڌارو ٿي رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو عوام ۾ بيچيني وڌي رهي آهي پر ان سان گڏ سنڌ جي امن امان واري صورتحال تي به سوال اٿي رهيا آهن. ڇا واقعي سنڌ جي پوليس انهن اغُواڪارن آڏو ايڏي بيوس آهي جو اها ماڻهن کي ڪو تحفظ فراهم نه پئي ڪري سگهي ۽ هٿياربندن کي اهو اندازو آهي ته پوليس انهن جو وار به ونگو نٿي ڪري سگهي، ان ڪري اهي اغوا جون وارداتون اڳ جي ڀيٽ ۾ تيز ڪندا پيا وڃن. جيڪڏهن اها صورتحال جاري رهي ته سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ ڪوبه ماڻهو پنهنجو پاڻ کي محفوظ محسوس نه ڪندو.
ڪالهوڪي آيل خبر موجب ڪشمور ۽ بخشاپور مان هٿياربند ٽن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا. مغوين جو انگ وڌي 7 ٿي ويو. ان سلسلي ۾ ڪشمور ويجھو پنجاب جي علائقي شاھوالي مان مبينا طور ھٿياربندن گذريل رات دير سان ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ورتو. اڻڄاتل هٿياربندن وستي پنجابي ويجهو ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري کڻي ويا. مبينا طور اغوا ٿيلن ۾ ذيشان حيدر لکاني ۽ ٽيڪسي ڊرائيور محمد اقبال چانڊيو شامل آھن. جڏھن ته ڏوھاري ڪار کي روڊ تي ڇڏي ھليا ويا. پنجاب پوليس ھن وقت تائين مغوين جو پتو نه لڳائي سگھي آهي. پوليس جو چوڻ آھي ته مختلف ھنڌن تي ناڪابندي ڪئي وئي آھي. ٻئي طرف بخشاپور جي ڳوٺ لڪائو خان بنگوار ۾ گذريل رات مڇي فارم جي چوڪيدار غلام رسول ميراڻي کي هٿياربند هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ڪچي طرف کڻي ويا. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ جي ايس ايڇ او بخشاپور عبدالقادر چانڊيو جو چوڻ هو ته مغوي غلام رسول ميراڻي غوثپور جو رهواسي آهي، جيڪو ڳوٺ لڪائو بنگوار ۾ مڇي جي فارم تي چوڪيداري ڪندو هو، جتان کين اغوا ڪيو ويو آهي. اهڙي قسم جو اطلاع ملڻ کان پوءِ پوليس ڪچي ڏانهن رواني ٿي وئي. ٻي پاسي 3 ڏينهن اڳ ديرا اسماعيل خان جي رهواسي ٽن ڄڻن مهربان ڊار فخر ڊار ۽ عدنان ڊار کي اغوا ڪار ٽولي دوکي سان گهرائي هڪ ڄڻي عدنان ڊار کي مياڻي ٿاڻي جي حد گنڍير موڙ وٽ گوليون هڻي قتل ڪري لاش ڦٽو ڪري ويا ۽ ٻن ڄڻ کي اغوا ڪري ڪچي ڏانهن کڻي ويا.
اسين سمجهون ٿا ته نه رڳو مغوين کي ترت بازياب ڪرايو وڃي پر ان سان گڏ اغوائن جو سلسلو به ترت بند ٿيڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ پوليس کي ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان جيڪا به مدد گهربل هجي، اها ضرور ٿيڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ اغوا جي انڊسٽري زور وٺي رهي آهي ۽ ان سان ماڻهن ۾ ڏهڪاءُ پڻ پکڙي رهيو آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي شهرن ۾ هر قيمت تي امن قائم ڪيو وڃي ته جيئن شهرين کي اهو احساس ٿئي ته اهي پرامن ماحول ۾ ساهه کڻي رهيا آهن ۽ پوليس انهن جي حفاظت ڪري رهي آهي.

سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري

سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري منظم نموني سان جاري آهي، جنهن سان نه رڳو سنڌ جي ڊيموگرافي تبديل ٿي رهي آهي پر اسان سان گڏ سنڌ جي معاشي صورتحال پڻ خراب ٿي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته اهي سنڌ جي معيشت تي بار لڳا پيا آهن. پر هن وقت تائين ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ جا جيڪي به مطالبا ڪيا ويا آهن، انهن تي ذرو عمل نه ٿي سگهيو آهي. جنهن ڪري نه رڳو سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي پر ان سان گڏ سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري کي وڌيڪ مضبوط پڻ ڪيو ويو آهي. ان ڪري ئي سنڌي عوام وڏي وقت کان احتجاج کي جاري رکندو پيو اچي.
عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي ڌارين جي نيڪالي ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ٽنڊو آدم ۾ لطيف گيٽ کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنهن جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، ستار رند، راڻو ڪنڊاڻي، ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. اڳواڻن چيو ته سنڌ جي ڪرپٽ ۽ عوام دشمن حڪمرانن سنڌي عوام کي تباهھ ۽ برباد ڪري پنھنجا ڀڀ ڀرڻ لاءِ سنڌ کي هٿ وٺي ٻوڙايو آھي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪروڙين ماڻهو بي گهر ٿيا، سوين ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا ۽ کربين روپين جو معاشي نقصان ٿيو، زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. اڳواڻن وڌيڪ چيو تھ پرڏيھين جون لوڌون آڻي انھن کي ملڪيت خريد ڪرڻ ۽ مستقل آباد ڪرڻ لاءِ جعلي شناختي ڪارڊ جاري ڪري، ڪوڙا ڊوميسائل ٺاھي سنڌ واسين جي حقن تي ڌاڙو ھنيو آھي. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي ڪراچي بدامني ڪيس ۾ ڪيل فيصلي تي عمل ڪري سمورن پرڏيهين کي نيڪالي ڏني وڃي، سمورا جعلي ڊوميسائل، پاسپورٽ ۽ شناختي ڪارڊ رد ڪري ڪوڙا شناختي ڪارڊ ٺاھيندر نادرا عملدارن ۽ انھن جي سرپرستي ڪندڙن کي سخت سزا ڏني وڃي.
اسين سمجهون ٿا ته ڌاري آبادڪاري هڪ سنجيده مسئلو آهي ۽ اهو سنڌ لاءِ ناسور ٿيندو پيو وڃي. تنهنڪري سنڌ ۾ جيڪي به لکن جي انگ ۾ ڌاريا آباد آهن، انهن کي نيڪالي ڏني وڃي ته جيئن سنڌي عوام سک جو ساهه کڻي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button