ڪو به سماج آرٽ کان سواءِ اڻ پورو ته هوندو آهي پر انهي سان گڏ لولو، ٻوڙو ۽ گونگو به ٿي ويندو آهي. اهو هڪ بنيادي سوال آهي ته آرٽ ڇا آهي؟ آرٽ سماج تي ڪهڙا اثر ڇڏي ٿو ۽ سماج جي ترقي خوشحالي ۽ انفرادي طور تي فرد جي ذهني توڙي جسماني صحت تي آرٽ ڪهڙي ريت اثر انداز ٿئي ٿو؟
هونئن ته انساني شعور جي تاريخ انتهائي ڳنڀير آهي، ڇاڪاڻ ته اسين جنهن دور ۾ اچي پهتا آهيون اهو دور ڪيترن ئي ارتقائي مرحلن مان گذري هن مقام تي پهتو آهي. اهڙي ريت آرٽ ۽ سماج جي جوڙجڪ به انهيءَ سان لاڳاپيل آهي. موجوده آرٽ contemporary art پنهنجي جوهر ۾ ڊيجٽل ٿي چڪو آهي.
قديم سماجن ۾ جڏهن مذهبن جو نالو نشان نه هو، جڏهن جمهوريت جو به چرچو نه ٿيندو هو. جڏهن ڪتاب به نه هئا، جڏهن تهذيب پنهنجي شروعاتي مرحلن ۾ داخل ٿيڻ واري هئي. جڏهن انسان اخلاقي ۽ سماجي قدرن کان بي فڪر هو. اهو پنهنجي جبلتن جي پورائي ۽ پيٽ ڀرڻ کان پوءِ خيال جو پابند هو تڏهن آرٽ هڪ پتڪڙي تخليق طور پنهنجي جوهر ۾ وڌيو. انساني تهذيب ڏهه ھزار سالن کان پري ناهي پر آرٽ اڳ اول دور ۾ تخليق جو پهريون ڏاڪو هو ۽ هر تخليق اتم آهي. هر تخليق ارتقا ڪري ٿي. سماج جي ترقي تخليق ۾ آهي ۽ تخليق جو شروعات آرٽ آهي.
آرٽ جا پهلو راڳ، رقص، ساز ۽ چترڪاريءَ کان ٿيندي هاڻي فلم، فوٽوگرافي، ڊيجٽل گرافڪس توڙي 3D ٽيڪنالاجي تائين وسيع ٿي چڪا آهن. موسيقي آرٽ جي دل آهي. بقول جرمن فلسفي فريڊرڪ نٽشي (1844-1900) هو پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ۾ Twilight of the idols ۾ هڪ خوبصورت استعاري ۾ بيان ڪري ٿو “ساز کان سواءِ زندگي هڪ خطا هوندي.” يعني موسيقي، آرٽ هر ماڻهو کي جوڙي ٿو. ماڻهوءَ کي هڪ پڪار ڏي ٿو ۽ ماڻهوءَ کي جيئڻ جي سگهه ڏي ٿو. ماڻهو پنهنجي پاڻ کي هڪ طرح سان تهذيب يافته محسوس ڪري ٿو. انهن سڀني ڳالهين کي مد نظر رکي سنڌ جي تازي صورتحال تي غور ڪجي ته تعليمي ميدان ۾ ساز، راڳ ۽ آرٽ جي نئين شروعات هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند فيصلو آهي. جنهن جي مخالفت رجعت پسند ۽ بنياد پرست قوتون وڏي للڪار سان ڪن پيون. جڏهن ته سنڌ شروع کان وٺي پنهنجي آدرش ۾ سيڪيولر رهي آهي.
سڀ کان اهم ڳالهھ ته تعليم جو مقصد ماڻهن کي ڪنهن خاص نظريي يا مذهب جو پابند ڪرڻ ناهي. تعليم جو ڪو به مذهب ناهي. تعليم پنهنجي اصلي جوهر ۾ ڪنهن مذهب يا ثقافت جي پابند ناهي. تعليم جو مقصد نکارڻ آهي نه ڪي فرد کي ريتن رسمن جو غلام ڪرڻ آهي.
اڄوڪي سماج ۾ تعليمي ۽ تدريسي عمل ڪو مدرسو ناهي، جنهن ۾ ڪو مولوي يا مذهب جو رکوالو مداخلت ڪري. اهڙي قسم جي روش سماج کي هڪ ڀيرو وري پوئتي يا اونداهي دور ۾ ڌڪڻ جي ڪوشش آهي.
2017ع جي سروي موجب پاڪستان ۾ 186000 مختلف فرقن سان لاڳاپيل مدرسا آهن، جن ۾ اسلامي تعليم ڏني وڃي ٿي يا دينيات پڙهائي وڃي ٿي. ڇا رياست يا عوام انهن مدرسن کي پابند ڪري ته اهي انجنيئرنگ يا ميڊيڪل پڙهائين؟ موسيقي حرام جو درس ڏيندڙن کي اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته دنيا جو ڪاروهنوار خاص نظريي يا مذهب جي اصولن تي هلڻ جو محتاج ناهي.
ڪير موسيقي ٻڌي ٿو، ڪير نٿو به ٻڌي. ممڪن آهي اهڙا ماڻهو به هجن جن کي آرٽ ۾ دلچسپي نه هجي، پر ڇا انهن جي دلچسپي نه هجڻ سان آرٽ يا راڳ، رقص تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي؟ حرام يا حلال جي گهرج مابعدجديديت کان پوءِ انفرادي ٿي چڪي آهي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو پنهنجي جذبن جي ترجمانيءَ جو حق رکن ٿا، جيڪو آرٽ کان سواءِ ناممڪن آهي.
سموري دنيا ۾ فلم سازي، تصوير نگاري، موسيقي ۽ رقص هڪ طرح سان معاشي ترقي جو اهم ذريعو پڻ آهي. جيڪي سماج جي واڌ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. دنيا جي هر ڪنڊ ڪڙڇ جا آرٽسٽ پنهنجي قوم يا تهذيب جو اثاثو سمجهيا ويندا آهن. اهو ان ڪري ته اتي آرٽ جي اهميت ۽ آرٽ جي تعليم آزاد آهي.
موجوده آرٽ آزاديءَ سان اڏام ڀري ٿو، جنهن جي ڪري ئي زبردست ترقيءَ جا اڻ ڳڻيا مثال ملي سگهن ٿا. ڇاڪاڻ آرٽ هڪ علم آهي. اهو علم تخليق جو مرڪز آهي جنهن ۾ نواڻ هوندي آهي. آرٽ عزت بخشي ٿو. آرٽ درد ۽ دل جي دوا آهي. آرٽ آواز آهي، هر ان سماج جو جيڪو خوشحاليءَ سان جيئڻ جي آس رکي ٿو.
سنڌ ۾ رجعت پرستيءَ لاءِ ڪا به جاءِ ناهي. ڇاڪاڻ ته سنڌ کي دنيا سان گڏ هلڻو آهي ۽ دنيا آرٽ جي اسٽيج تان ٻين آسماني گرهن تي گهر پئي ٺاهي ۽ جيڪو ماڻهو آرٽ دشمني رکي ٿو، ڄڻ اهو فرد جي فطرت سان دشمني ڪري ٿو. ڪائنات سازن سان ڀريل آهي، هڪ پکي جي ڪوڪ کان وٺي پاڻيءَ جي وهڻ ۽ پاڻي جي ڦڙن جو آواز جيڪو لاهي تان لهي درياهن ۾ وهي ٿو.
هر اها ذهنيت جيڪا آرٽ دشمن، موسيقي جي انڪاري ۽ رقص کان رسي ٿي، اها بنيادي طور تي شدت پسندي يا بنياد پرستيءَ جو حامي هئڻ جو ثبوت ڏي ٿي. جنهن سماج ۾ آرٽ جي اهميت هوندي ان سماج مان صحتمند ذهن ئي پيدا ٿيندا. جيتوڻيڪ آرٽ کان سواءِ ڪو به سماج پنهنجي سڃاڻپ قائم نٿو رکي سگهي، ان جي ڪري ته آرٽ اهو جوهر آهي جيڪو ماڻهو ۾ سهپ سمجهھ ۽ جذباتي گھائن کي ڀري ٿو. تنگ نظر ذهنيت جيڪا راڳ جي مخالفت ڪري پئي. اها ان ننڍڙي سوچ جو نتيجو آهي، جيڪا سنڌ جي نئين نسل کي انتهاپسند ڪرڻ جي ڪوشش آهي.
هڪ صحتمند سماج پنهنجو عڪس آرٽ ذريعي ئي قائم رکندو آهي. اچو ته آرٽ کي پنهنجي آرزو ڪريون. سنڌ کي هر سر ۾ ڳايون. راڳ ۽ رقص جي تعليم سان امن ۽ ڏاڍائيءَ کي مات ڏئي هڪ اهڙو سماج پيدا ڪريون، جيڪو سموري انسانيت توڙي انفرادي طور تي فرد کي روشناس ڪرائي.