جدليات جو علم ۽ اصول اسان کي سماجي، سياسي ۽ معاشي ارتقا جا اصول سمجھائيندي هي به ٻڌائن ٿا ته اقتداري ۽ معاشي مفاد ڪڏهن به ختم ناهن ٿيندا ها البت انهن ۾ ڪجھه وقت جي لاءِ گھٽتائي يا ماٺار اچي ٿي سگھي، ليڪن انهن جي بنيادن ۾ تضاد هر وقت رهندا ئي رهن ٿا ۽ اهي ئي ٽڪراءُ پنهنجي داخلي ۽ خارجي سببن ڪري شديد اڀار ۾ اچي اهڙو ڀونچال پيدا ڪندا آهن، جنهن سان جيڪو ڪجھه موجود هوندو آهي اهو ساڳئي صورت ۾ ڪڏهن به ناهي رهندو انهيءَ تبديلي کي جدلياتي تبديلي چئجي ٿو.
پاڪستان جي سياست ۾ ڀلي عوام مفاد ڪمزور ۽ نه هجڻ جي برابر رهيا آهن پر ان سياست ۾ اقتداري مفاد پوري شدت سان رهندا آيا آهن اهي اقتداري مفاد جن جن فردن ۽ گروهن جي وچ ۾ مفاداتي ڳانڍاپا رکن ٿا انهن جي وچ ۾ اوترا ئي تضاد رهن ٿا. خاص ڪري جڏهن اسان سياسي پارٽين ۽ اسٽيبلشمينٽ کي هن ملڪ جي 75 سالا تاريخ ۾ ڏسون ٿا ته اسان کي اهوئي ڪجھه نظر ٿو اچي گڏيل مفاد هڪ ٻئي سان اتحاد ۽ پوءِ وري مفادن جي هيٺ مٿي ۽ الڳ ٿيڻ جي ڪري انهن جا ٽڪراءَ، هن وقت بظاهر ته ماٺار اچي چڪو آهي ته آرمي جي ٻن وڏن عهدن تي يعني چيف آف آرمي اسٽاف ۽ جوائنٽ چيف آف اسٽاف جي تقرري سينارٽي جي ميرٽ تي ٿي جنهن کان پوءِ حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ختم ٿيندي نظر پئي اچي پر جيڪڏهن پاڻ هي چئون ته آرمي چيف جي مقرري جو اشو هاڻي پوري طرح سان سرد ٿي ويو آهي ته غلط نه ٿيندو. ان تقرري جي اختلاف ۾ جن تضادن ۽ ٽڪرائن جو انديشو هيو اهو ته مڪمل طور تي بظاهر پنهنجي خاتمي تي پهچي چڪو آهي ۽ حڪومت يا سندس اتحادي هڪ فاتحانا انداز ۾ ۽ ماهرانا تجزيا ڪندي اهوئي تاثر ڏئي رهيا آهن ته ڪمال مهارت ۽ ذهانت سان ايڏو وڏو مسئلو حل ڪندي عمران خان جي لانگ مارچ مخالفانا تحريڪ جي ٽائرن مان هوا ڪڍي ڇڏي آهي. بظاهر اڪثريتي ميڊيا به اهڙو ئي تاثر ڏيندي تجزيا پئي ڪري ڇا حقيقت اهائي آهي مثال جيڪڏهن ٿورڙي دير جي لاءِ هي نقطو بحث هيٺ آڻيون ته جيڪڏهن عمران خان آرمي چيف جي تقرري کي پنهنجي خدشن ۽ احتجاج سان نه جوڙي ها ته حڪومت ۽ خاص ڪري ن ليگ جي قيادت سينارٽي ميرٽ جو فيصلو ڪري ها؟ ممڪن آهي ته اها ائين ڪري ها جيئن هنن ڪيو آهي پر غالب امڪان ۽ ماضي جي تاريخ ۽ هنن جي ڪيمسٽري ٻڌائي ٿي ته سينارٽي اهليت جو فيصلو هنن ڪرڻ جي بجاءِ وڌ کان وڌ اها ڪوشش ڪئي آهي ته ان اهم عهدي تي سينارٽي لسٽ مان اهڙي جنرل کي سالار مقرر ڪن جيڪو هنن جو ٿورائتو رهي يا هنن سان اڻ سڌي طرح پنهنجي سياسي همدري رکي.
ماضي ۾ ائين ئي ٿيندو آيو آهي رڳو هنن نه پر ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي جنرل باجوا تائين خاص ڪري ن ليگ پنهنجي سياسي مفاد کي اداري جي مفاد کان وڌيڪ اهم سمجھندي تقرريون ڪيون آهن اسان هي ڪڏهن به نٿا چئون ته عمران خان اقتدار ۾ هجي ها ته هو سينارٽي ميرٽ کي اهميت ڏئي ها گھڻو امڪان نه پر يقين جي حد تائين اهو چئي سگھجي ٿو ته عمران خان پنهنجي سياسي مفادن حاصل ڪرڻ ۾ پوري حڪومتي اتحادي ٽولي کان چار قدم اڳتي وڌيل آهي پر اقتداري مفاد جي ٽڪرائن هن ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آرمي چيف جي تقرري کي شديد بحث جو خدشن جو ۽ مونجھاري جو بنياد بڻايو ۽ انهيءَ جي ئي ڪري جيڪا ڇڪتاڻ پيدا ٿي ان هڪ اهم اداري جي اندر تقرري کي سينارٽي جي بنيادن تي آندو.
لڳي ٿو ته هاڻي ايندڙ وقت ۾ يا ڪجھه وقت جي لاءِ اهو اصول اپنايو ئي ويندو ۽ ان اصول تي ئي هلڻ گھرجي پر هي سڀ ڪجهھ تڏهن ٿيو آهي جو انهيءَ ۾ شديد بحث ۽ تنازعا پيدا ٿيڻ جا خدشا هئا جيڪڏهن اهي نه ٿين ها ته صورتحال ٻي هجي ها. اقتداري مفاد حڪومت ۽ اپوزيشن ٻنهي ۾ آهن ۽ اهي اقتداري مفاد ئي آهن جن ادارن ۾ پنهنجي پنهنجي سياسي مداخلت ۾ لازمي به سمجھيو آهي ۽ هڪ ٻئي تي تنقيد به ڪئي آهي. جڏهن سياست عوام مفادن جي بجاءِ شخصي ۽ گروهي بنيادن تي هجي ٿي تڏهن رياست جي ادارن کي پنهنجي سياسي طاقت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ۽ مفادن جي استعمال ڪيو ويندو آهي اهو رڳو هن ملڪ ۾ نه پر پوري انساني تاريخ ۾ ٿيندو آيو آهي ۽ انهن ملڪن ۾ جتي سڌي يا اڻ سڌي طرح سان آمريت موجود آهي يا نالي ماتر جمهوريت ۾ ڪرپٽ مافيائون حڪومتن تي قابض آهن اهي اها ئي حڪمت عملي اختيار ڪندا آهن ته طاقت ۽ سازش جو هٿيار استعمال ڪن پر اسان کي هي ڪڏهن به نه وسارڻ گھرجي ته انهن ٽڪرائن جي نتيجي ۾ ارتقا جو سفر پنهنجو نتيجو ڏيندي هڪ اهڙو تهلڪو ۽ ڀڃ ڊاهھ جو عمل آڻي ٿو جنهن جي ٿيڻ سان شيون ساڳيون نٿيون رهن.
اسان جيڪڏهن جمهوريت جي ارتقائي تاريخ جو اڀياس ڪنداسين ته يورپ جي بادشاهي دور ۾ جڏهن ڪليسا تمام گھڻي طاقتور هئي پوپ جي طاقت بادشاھه کان ڏهوڻي هئي تمام فيصلا ملڪيت، اخلاقيات ۽ سياست جا پوپ ۽ ڪليسا جي مرضي کان سواءِ نه ٿيندا هئا، ايتري حد تائين جو بادشاھه ڪيل فيصلن کي ان وقت پوئتي يا ختم ڪندا هئا، جڏهن پوپ انهن تي اعتراض ڪندو هو، ڪجھه بادشاهن کي ته ڪليسا سزا به ڏني ايڏي وڏي مداخلت ٿيڻ کان پوءِ آخرڪار بادشاھه ۽ ڪليسا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿيڻ شروع ٿي يورپ جي ان اونداهي دور ۾ جيڪا جاڳرتا جي تحريڪ فلسفين، اديبن، شاعرن، دانشورن ۽ سياسي اڳواڻن شروع ڪئي جديد جمهوريت انهن جي محنت ۽ پورهئي ۽ قربانين جو ڦل آهي پر ان پوري دور ۾ ڪليسا ۽ بادشاهن جي ٽڪرائن کي ڪنهن به صورت ۾ نظر انداز نٿو ڪري سگھجي. انهن ٻنهي جا ٽڪرا هئا جو بادشاھه ڪليسا جي طاقت کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ جمهوري اصلاحن کي ۽ مطالبن کي تسليم ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ سيڪيولر ۽ جمهوري نظام يورپ ۾ رائج ٿيو.
شديد اقتدار پرستي جي ٽڪرائن هڪ طرف ڪليسا کي ڪمزور ڪيو ته ٻئي طرف بادشاهھ کي. اهائي ٽڪرائن جي جدليات آهي جيڪا پراڻي سسٽم کي ٽوڙي ۽ نئين سسٽم کي آڻي ٿي. اهو معيشت ۾، سياست ۾ ۽ اقتداري ڪشمڪش ۾ ٿيڻ لازم آهي. ڪنهن کي ڪير به هٽائي يا ڪمزور نٿو ڪري سگھي، انهي ڪري ملڪ جي رولنگ ڪلاس جو سياسي گروھه هر وقت ٽڪرائن کان پاسي ٿيڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪندو آهي ۽ کلي عام هو هي اعتراف ڪندي ٻڌا ويا آهن ته جيڪڏهن سياست ۾ اهي ٽڪراءَ رهندا ته هي سڀ ڪجھه ساڳئي انداز ۾ نه رهندو اسان هي به ڄاڻون ٿا ته هن ملڪ جي رولنگ ڪلاس جا سياستدان جدليات کي گھڻي ڀاڱي سمجھن ٿا پر پوءِ به اقتدار جي ڪيمسٽري انهن کان اهوئي ڪجھه ڪرائي ٿي جنهن کي هي ڪرڻ جي لاءِ تيار ناهن. ڀلي عوامي تحريڪون ڪمزور هجن پر ٽڪرائن جي سياست يا ارتقا جو سفر جاري رهندو. ها جيڪڏهن عوامي ٽڪراءَ ۽ عوامي سياست اڳتي وڌندي ته عوام کي انهيءَ جا جلد کان جلد نتيجا ملندا جي نه پوءِ اهو عمل آهستي آهستي اڳتي وڌندو هن وقت هي ڪنهن به صورت ۾ نه ٿو چئي سگھجي ۽ نظر ٿو اچي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر هڪ ٻئي سان هڪ ٽيبل تي ويهي ڏي وٺ جو معاملو طئي ڪندا. عمران خان جيڪو پنهنجي فطرت ۽ سياست ۾ پنهنجو جياپو ان ۾ ئي ٿو سمجھي ته هو ٽڪرائن ۾ رهندي پنهنجو سياسي سفر پنهنجي قيادت ۾ اڳتي وڌائي ۽ اتحادي پاڻ سان اهي جوڙي جيڪي هن جي قيادت ۾ هلن ڪجهھ ڏينهن کان پوءِ اسان کي وري نظر ايندو ته هڪ ٻيو سياسي ۽ مطالباتي ڀونچال شروع ٿيندو ۽ هاڻي ممڪن آهي ته عمران خان پنهنجو ٻيو ٽارگيٽ اليڪشن ڪميشن کي بڻائي ۽ وري پنهنجي مطالبن ۽ تحريڪ ۾ ٻيو تضاد ڦوڪي ۽ وري ٽڪرائن جو رستو اختيار ڪندي اڳتي وڌي. پر ان جو نتيجو به اسان کي ڪنهن هڪ ڌر جي حق ۾ ٿيڻ جي بجاءِ اهڙي انداز ۾ ٿيندي نظر ايندو جو ٻنهي کي يعني حڪومت ۽ اپوزيشن کي خاموش ٿيڻو پوي. تاريخ جي ارتقا جا ٽڪراءَ ڏکيا ئي صحيح پر عوام جي حق ۾ پنهنجو فيصلو ڏيندا آهن.