اتحادي حڪومت ۾ شامل ڌريون نئين تبديلي جي حمايت ڪرڻ کانپوءِ انتهائي سرهائي جو اظهار ڪري رهيون آهن، sigh of relief ٻئي ڌر جي ڪيمپ ۾ به آهي. هاڻ هڪ طرف حڪومتي اتحادي وڌيڪ اعتماد ظاهر ڪندي، پنهنجي حڪومت جو رهيل مدو پورو ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، ٻئي طرف هي به چيو پيو وڃي ته جيڪي خطرا هئا، يا جن خدشن جو ظاهري طور يا لڪ ڇپ ۾ اظهار ڪيو پئي ويو، اهي غلط ثابت ٿيا. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هي پرامن تبديلي، نه صرف ڪمانڊ لاءِ سٺو سنئوڻ آهي، پر سياسي قيادت به ان جو آڌرڀاءُ ڪري ٿي. پر ٽئين ڌر، جيڪا عمران خان جي صورت ۾ ائين پنهنجي موقف تي ڄمي بيٺل آهي، جيئن ٻي عالمي جنگ کي ڪيترائي ڏهاڪا گذرڻ باوجود، جڏهن جپان جا ڪجهه فوجي مليا ته انهن جو خيال هو اڃان به جاري آهي، انڪري اهي ويڙهه واري ڪيفيت ۾ مبتلا هئا، هي ساڳي صورتحال عمران خان جي ڪيمپ جي آهي. مڙني ڳالهين جي باوجود عمران خان جا مخالف به کيس شاباش ڏين ٿا ته هن صدر عارف علوي جي ڳالهه کي قبول ڪري ورتو، ان سان هن واڳ ڌڻين اڳيان سافٽ ڪارنر پيدا ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي. ان کان اڳ طاقتور حلقن به عمران خان کي اسلام آباد ۾ هيلي پيڊ تي سندس هيلي ڪاپٽر لهڻ جي اجازت ڏئي ڪري، خاموش پيغام موڪليو. هاڻ مستقبل ۾ هي غير سياسي نظام ڪيئن رهي سگهي ٿو، ان لاءِ توڙي جو گهڻائي خدشا ميڊيا جي سرخين جي زينت بڻجي رهيا آهن، پر بهتر اميد ڪري سگهجي ٿي. ائين جيئن يوناني فلسفي ۽ ميٿاميٽيشن ٿيلس چيو ته “Hope is poor man,s bread”.
هيل تائين جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، يا جن ماڻهن کي نيوٽرلائيز ڪيو ويو،ان کان وڌيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي، ممڪن آهي ته ايندڙ ٽن سالن دوران “نئين غيرسياسي نظام” يا A new Apolitical order تي ڪم ڪيو ويندو. هي ته سڀني ٻڌو ته جيڪي ڪمانڊ ڇڏي چڪا يا ڇڏڻ وارا آهن،انهن چيو ته هيل تائين جيڪو ڪجهه ڪيو ويو، ان جي ملڪ جي آئين ۾ ڪابه گنجائش نه هئي. هي ڳالهه محسوس ڪرڻ يا ان جو اعتراف ڪرڻ معمولي ڳالهه ناهي. هي ڳالهه سڀ سمجهن ٿا ته اهي ملڪ جيڪي اسان سان گڏ آزاد ٿيا، انهن وٽ طاقتور جمهوري ۽ سويلين ادارا ڪيئن سامهون آيا؟ هي اهي ادارا آهن، جيڪي لاڳاتار ميچوئر ٿي رهيا آهن ۽ ملڪي سياسي نظام کي هلائڻ ۾ انهن جو ڪردار انتهائي اهم آهي. اسان جي پوري تاريخ سازشن، مداخلتن ۽ پانچن ڇڪڻ سان ڀرپور آهي. جيڪڏهن جنگ جي ميدان ۾ فيصلا ڪمانڊرز بدران ڪي ٻيون ڌريون ڪنديون ته مات ته ملڻي آهي. هي اها مات آهي، جنهن جي ڳري قيمت ادا ڪرڻ کانپوءِ هاڻ پنهنجا ئي ڦٽ چٽي رهيا آهيون. جيڪڏهن 22 ڪروڙ آبادي کان وڌيڪ ماڻهن جي ملڪ جو ڏيوالو نڪري وڃي ۽ Brain Drain معمول بڻيل هجي ته اهي ڪهڙا باصلاحيت ذهن بچندا، جن کي ملڪ جو نظام هلائڻو آهي؟ ملڪ جي هر شعبي ۾ انتهائي زبردست Potential موجود آهي، جنهن جو ڦل ڪنهن ٻي ڌر کي ملي رهيو آهي. هاڻ ته گريٽ ڊائلاگ جو وقت آهي، اسان کي پنهنجن خوبين ۽ خامين تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. ان حوالي سان گنجائش پيدا ڪرڻي پوندي.
ملڪ اندر، جيڪا سياسي ڇڪتاڻ موجود آهي، ان جا جيڪي به موجد هئا،جن به ملڪ کي انارڪي ڏانهن ڌڪيو، انهن جو هينئر به بنيادي ڪردار آهي. مختلف سويلين ڌرين کي هڪ ٽيبل تي ويهارڻ جي جيتري هينئر ضرورت آهي، ان کان اڳ نه هئي. ملڪ جي سياسي ۽ غيرسياسي ايوانن کي صراط مستقيم ڏيکارڻي آهي. ان حوالي سان ڪا به اهڙي قوت ناهي، جنهن کي ٻاهران امپورٽ ڪيو ويندو. هن ملڪ ۾ اهڙيون قوتون موجود آهن، جيڪي اڻ ڌريو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. پر هي ڪير طئي ڪندو ته ڌرين کي گڏجي ويهارڻ لاءِ جيڪي قاعدا ۽ قانون هوندا، اهي سڀني لاءِ هڪجهڙا هوندا؟ هي ڳالهه ڪير سمجهائيندو ته گذريل ٽن چئن سالن کان جيڪو راڳ الاپيو ويو، ان جي ڪابه قانوني ۽ عقلي حيثيت نه هئي. جيڪڏهن ڪنهن تي الزام آهن، ته انهن کي ثابت ڪرڻ لاءِ عدالتون ته موجود آهن، پر جيڪڏهن دنيا جي مختلف ملڪن جيان الڳ آئيني عدالت هجي، جنهن جو ڪم ئي سرچاءُ ڪرائڻ هجي ته ان جا ڪافي بهتر نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا. Conflict Resolution لاءِ اهي ئي اڻ ڌريا ٿي سگهن ٿا، جن تي صرف سياسي ڌرين جو نه پر غير سياسي قوتن جو به اعتماد هجي. سمورين کلاڙين کي ويهاري ملڪي ترقي جو نئون نظام جوڙڻ گهرجي. هي سوڪريٽس جو زمانو ناهي، جڏهن هي تاثر ڏنو وڃي ته سموري برائي جي جڙ استاد سقراط هو، جنهن کي زهر پيارڻ کانپوءِ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. سڀني ڏٺو ته سقراط جا حامي درست هئا، انهن کي ماٺو ڪرڻ جي نتيجي ۾ رياستي مذهب عيسائيت جو غلبو ٿي ويو. اسان وٽ ته اهڙيون تمام گهڻيون طاقتور قوتون آهن، جيڪي وڏي تباهي مچائي سگهن ٿيون. انهن ڌرين کي حدن ۾ رکڻ لاءِ طاقت جي ڇڙي جي ضرورت ته آهي، پر اهڙين قوتن جي معاشري ۾ Say کي نيوٽرلائيزڊ ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن انهن قوتن جا پيرا کڻبا ته انهن جي پٺيان به اهي ئي قوتون آهن، طاقتور قوتن کي حسين حقاني جو ڪتاب پڙهڻ گهرجي.
سياسي پنڊتن جو خيال آهي ته جيڪڏهن ملڪ مان اهي قوتون، جن جي ڪري اسان جو اميج ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ خراب ٿي رهيو آهي، انهن جي صفائي ڪرڻ ضروري آهي. انهن قوتن کي جسماني طور تي ختم ڪرڻ جي ضرورت ناهي، پر انهن جي پٺيان جيڪا طاقت آهي، ان کي پاسيرو ڪرڻ ضروري آهي. اسان کي ايوب خان جي لبرل ازم ۽ پرويز مشرف جي Enlighten Moderation جي ضرورت ناهي. هي سمورا اڇاترا خيال ماڻهن کي ڌوڪو ڏيڻ لاءِ هئا. اسان جي معاشري ۾ پهريان ئي اهڙيون فلاسافيز موجود آهن، جن معاشري کي انتهاپسندي کان پرڀرو رکيو. انهن قوتن کي اڳيان آڻڻ جي ضرورت آهي. ان حوالي سان آئين جي صفائي به ضروري آهي، ان مان خاص ڪري آرٽيڪل 2 (A) جو خاتمو ڪرڻ ضروري آهي، جيڪو مختلف مذهبن جي لوڪن سان مٿڀيد رکي ٿو. ان حوالي سان انساني حقن جي عالمي پڌرنامي تي عمل ڪرڻو پوندو، جيڪو شهرين جي جان، مال ۽ ملڪيت جي تحفظ جو سبق ڏئي ٿو. ممڪن آهي ته هي ڳالهيون اڻ ٿيڻيون هجن، ڇاڪاڻ ته جنهن رياست جو بنياد اهڙين ڳالهين تي هجي، اهي صاف ڪرڻ ۾ سال لڳندا. ان حوالي سان بنگلاديش جي آئين ۾ ڪيل تازين ترميمن کي مشعل راهه بنائڻو پوندو. هي ٻئي ساڳيا ملڪ آهن، جيڪي گڏ هڪ ملڪ جو حصو هئا. ان حوالي سان ڪجهه اعتراض به سامهون آيا آهن، جن ۾ انهن رمارڪس جو حوالو ڏنو ويو آهي ته 1971 ۾ ملڪ جي ورهاڱي جو سبب سياستدانن جي ناڪامي هئي. ان حوالي سان ڊگهي بحث جي ضرورت آهي ۽ حمود الرحمان ڪميشن جو اهو باب ٻيهر پڙهڻ ۽ عوام اڳيان پڌري ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن کي غائب ڪيو ويو. ان حوالي سان ڏيهه توڙي پرڏيهه جي يونيورسٽين جا ڪيترائي اسڪالرز هئا، جن جون لکڻيون موجود آهن، جن جو ٻنهي ملڪن سان ڪوبه واسطو نه هو. تاريخ جو ريڪارڊ درست ڪرڻ جو به هي ئي وقت آهي.
سياسي پنڊتن جو خيال آهي ته جيڪڏهن قبرن مان مردن کي ڪڍڻ جي روش ختم ڪجي يا عارضي طور ملتوي ڪجي، جيستائين اسان ميچوئر ٿيون، اوستائين ملڪي سياسي نظام ۾ هر قسم جي مداخلت کي ختم ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اسان ماضي جيان ووٽ جي پرچي کي ٿينڪ يو باڪس ۾ اڇلائيندا رهياسين ۽ عوام جي راءِ کي عزت نه ڏني وئي ته ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه رهندا. اهڙي صورتحال ۾ ملڪي سياسي، معاشي ۽ سماجي مسئلا حل ڪرڻ وارو خواب به سراب ثابت ٿيندو. انڪري وڏيون ڳالهيون ڪرڻ بدران سياسي آزادي کي يقيني بنائڻ جي ضرورت آهي. ان سان ملڪ اندر جمهوري ۽ سويلين نظام کي سگهارو ڪرڻ لاءِ موجوده ادارن خاص ڪري پارليامينٽ کي سگهه ڏيڻي پوندي. انهن ادارن ۾ جيڪو تماشو ٿيندو رهيو آهي، اقليت، اڪثريت ۾ تبديل ٿيندي رهي آهي، ان روش کي ختم ڪرڻو پوندو. ان سان گڏ ملڪ جي اعليٰ عدالت ۾ هي اعتراف ڪيو ويو ته ڪيترائي اهڙا علائقا آهن، جتي گوانٽانامو بي جهڙا مرڪز موجود آهن. اتي جيڪڏهن ڪو شهري ڏوهه ڪري ٿو ته ان کي سويلين عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، ان سان جيڪو درست ۽ قانون مطابق فيصلو هوندو اهو ڪيو ويندو. ائين ٿي نٿو سگهي ته پنهنجي ئي ملڪ جي شهرين تي شڪ ۽ شبها ظاهر ڪري، انهن جي زندگي کي زهر بڻايو وڃي. هينئر تائين جيڪي درد ڀريون ڪٿائون سامهون اينديون رهيون آهن، انهن جو جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال تي ته ڪو به اثر نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته ان وٽ نه دل هئي، نه ئي دماغ، انڪري هن کي نيب جو چيئرمين بڻايو ويو!هينئر تائين جيڪو ڪجهه سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٿيندو رهيو، ان تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪي چون ٿا ته رياست ماءُ آهي، انهن کي پهريان ثابت ڪرڻ گهرجي ته اهڙي ڪهڙي ماءُ ٿي سگهي ٿي، جيڪا پنهنجن ٻچن سان ٻٽو سلوڪ ڪري؟ تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن به رياست ۾ رهندڙ قومن ۽ ايڪائين ۾ وڇوٽيون پيدا ٿينديون آهن، تڏهن گڏجي رهڻ لاءِ نوان سماجي معاهدا ڪرڻا پوندا آهن، تاريخ اسان کان بدلو وٺي ڇڏيو آهي، جن کي مختلف لقب ڏئي جلاوطن ڪيو ويو، يا ٻيا الزام مڙهيا ويا، انهن جي فيصلي تي واڳ ڌڻين توڙي عمران خان کي آڱوٺو هڻڻو پيو!