جڏهن پاڻ هي سٽون لکي رهيا آھيون تڏهن هڪڙي پاسي پنڊي کي اسلام آباد سان ڳنڍيندڙ رستن مٿان ڪنٽينر بيٺل آهن ۽ اسلام آباد جي ريڊ زون کي سِيل ڪيو ويو آهي، ته ٻئي پاسي عمران خان آهي، جيڪو ڪنهن به ذائقي کان خالي، چٻاڙيل چُئيگم جهڙي مارچ جو مُنهن ڌوئڻ لاءِ هرحال ۾ پنڊي جو اهو جلسو ڪرڻ وڃي رهيو آهي، جنهن جلسي کان گهرو معاملن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله عمران خان کي پرهيز ڪرڻ جو چوندي ڳُجهن ادارن جي رپورٽ جي تناظر ۾ مٿس ڪنهن اوچتي حملي جو چِتاءَ ڏيئي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن پاڻ ماضيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسنداسين ته هي ملڪ هر دور اندر ٿوري گهڻي فرق سان ساڳي ئي لقاءُ مان گذرندي نظر ايندو، جتي هر دور جي حڪومت کي ڳُجها ادارا اهي رپورٽون ڏيندا رهيا آهن ته حڪومت خلاف جيڪو جلسو ٿيڻ پيو وڃي، تنهن جلسي ۾ دهشتگردي جو خطرو آهي. بهرحال ڪن خاص موقعن ۽ حقيقي عوامي جمهوري ڌرين جي جلسن بابت اهڙين رپورٽن جي حساسيت رهي به آهي پر عمران خان جيئن ته اسٽيبلشمينٽ جو دادلو رهيو آهي ۽ اڃان تائين به هن لاءِ مشروط رعايتون موجود آهن، تنهن ڪري اهڙي دادلي جي جلسي ۾ ڪنهن به دهشتگردي جي امڪان کي عوام مجموعي طور نه ڪلھه سنجيده ورتو پئي ۽ نه ئي اڄ. سو بس اها سموري خانه پوري هاڻ لڳي ائين ٿو ته ڪُجهه ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي. اهو ان ڪري جو عمران خان کي، سندي مارچ لاءِ جن يارن مان همراهي جو آسرو هو، سي پاڻ ئي ويچارا ٿي چڪا. تنهن ڪري ئي عمران خان پنهنجي ٽنگ تي چاڙهيل ڪوڙو پلستر لاهي، هاڻ پنهنجن انهن پيرن تي ٻيهر بيهڻ لاءِ سنبريو آهي، جيڪي پير سندس ئي پارٽي ۾ ڇانيل غيريقيني واري تِرڪڻ ۾ تِرڪي رهيا آهن.
ته پوءِ هاڻ اڳيان ڇا ٿيڻو آهي؟ اهو آهي سو بنيادي سوال، جنهن جو جواب جيڪڏھن پاڻ سمجهڻ چاهيون ته اهو جواب پاڻ مخدوم شاھه محمود قريشي جي “مُٺي ماٺ” مان سمجهي سگهون ٿا. ها موقعي پرستي جو اهو ماهر مخدوم، جيڪو هاڻ ايئن تڪڙو ڳالهائيندي نظر نٿو اچي، جيئن عسڪري ڪمانڊ جي تازي تبديلي کان اڳ ڳالهائيندي نظر ٿي آيو. بس جيڪڏھن هاڻ عمران خان جي ايندڙ ڏينهن ۾ ڪاميابي جون اڃان تائين به ڪي اڳڪٿيون ڪرڻ وارو ڪو بچيو آهي ته اهو آهي بنا ڏور وارو لال حويلي جو لغڙ شيخ رشيد، جنهن وٽ هاڻ مُنهن جي اهڙي پڪائي ۽ نِرڄائي کان سواءِ ٻيو ڪُجهه بچيو به ته ناهي. ها اهو شيخ رشيد جنهن پاران عمران خان لاءِ ڪيل ڪابه اڳڪٿي، هيستائين سچي ثابت ناهي ٿي. بلڪ شيخ رشيد جي اهڙين اڳڪٿين اُلٽو عمران خان کي وڌيڪ خُوار ڪيو آهي. سو سائين منهنجا ٿيڻ هاڻ اهو ئي پيو وڃي، جيڪو عمران خان کي عدم اعتماد واري ڌڪ سان گهر ڀيڙو ڪرڻ واري رِٿا ۾ طئي ڪيو ويو هو.
اصل ۾ عمران خان سان بنيادي مسئلو ئي اهو آهي، جو کيس سياست جي “سِينَ” جي به ڪا خبر ناهي. هو دراصل ڪِن خاص مقصدن لاءِ آندو ويو هو ۽ وري اڳيان نوان مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ لاٿو ويو بس!! ان کان اڳتي هن جي ڪابه حيثيت نه هئي. پر ان سموري راند ۾ هن يار جو جيڪو مٿو خراب ٿيو، تنهن ۾ هو ماڳهين پاڻ کي تاريخ جو نئون اڏيندڙ محسوس ڪرڻ لڳو. اهو ماڻهو جنهن کي هن ملڪ جي بنيادي تضادن بابت تِر جيتري به ڄاڻ ناهي، تنهن سمجهيو ته نِرتڪين جي ناچ سان پنهنجي مرضيءَ جو اهو نئون پاڪستان اڏي وٺندو، جنهن ۾ سندس ڪابه مخالفت ڪانه هوندي. مَت جي هِن مُوڙهي کي اها به خبر ڪانه هئي ته جنهن ملڪ جو واڳون وقتي طور سندس حوالي ڪيون ويون آهن، تنهن ملڪ ۾ پنج وڏيون قومون ۽ ڪجھه ٻيا اهڙا ننڍا وڏا ثقافتي گروھه وسن ٿا، جيڪي مُني صدي کان پنهنجن حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. اها جدوجهد جنهن کي هتان جي رياست جيترو به دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي، سا ايتري ئي وڌيڪ ڳنڀير ٿي اڀرندي رهي ۽ عمران خان جي سياسي نااهلي انهن قومن اڳيان هن رياست کي ويتر خوار ڪيو.
اهو عمران خان، جنهن اڄ ڏينهن تائين ڪنهن هڪ به تاريخي قوم جي حق ۾ نه ڳالهايو، جنهن سندس ئي دور ۾ پنهنجن شهيدن سان انصاف جي طلب لاءِ ڪي ڏينهن سخت سردي ۾ کلئي آسمان هيٺان ويٺل هزاره نسل جي ماڻهن سان ملڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو ته انهن جو احتجاج واجبي ناهي. اهو عمران خان جنهن سرائيڪي وسيب جي ڪجھه جاگيردارن کي پاڻ سان ملائي سرائيڪي قوم کي اهو آسرو ڏنو ته هو ٽن مهينن اندر کين الڳ صوبي وارو حق ڏياريندو، سو جيئن ئي اقتدار ۾ آيو ته هن صوبو ته ڇڏيو پر ساڻس ئي ويٺل سرائيڪي وسيب جي ماڻھن سان جيڪو ٽئين درجي واري شهري جهڙو رويو اختيار ڪيو، تنهن ثابت ڪيو ته عمران خان وٽ قومن جو تصور ڪيئن آهي؟ اهو عمران جنهن هڪ ڏينهن به بلوچستان سان ٿيل تاريخ جي سِتم جي ڪڏهن ڳالھه ڪانه ڪئي. آصف زرداري سان هزارين اختلاف سهي پر هو جڏھن صدر چونڊيو ويو ته هن رياست طرفان هٿ ٻڌي بلوچستان کان معافي گُهرندي گهٽ ۾ گهٽ وقت جي حساب سان سياسي پُورت ڪرڻ جي ڪوشش ته ڪئي.
ها پر اهو عمران خان، جنهن کي سنڌ سان ته ايتري ڌِڪار رهي آهي، جو سنڌ ۾ سندس ئي پارٽي جي ماڻهن جلسن ۾ جڏھن کيس سنڌي ٽوپي ٿي پارائي ته هن ڪِنو مُنهن ڪري بنادير لاهي ٿي ڇڏي. اهو عمران خان جنهن کي ارڙهين آئيني ترميم سدائين ملڪ دشمن ترميم نظر ايندي رهي. سو هاڻ وري ڪهڙي آسري تي هن ملڪ جي عوام سان رُجوع ڪندو؟
عمران خان، جنهن ۾ ايتري به سياسي سمجهھ ناهي جو هو اهو سمجهي سگهي ها ته پارليامينٽ جي عزت ڪرڻ کان سواءِ ڪو پاڻ کي عوام جو نمائندو ڪيئن سڏائي ٿو سگهي. پر عمران خان آهي، جيڪو وزيراعظم هوندي ايئن چئي پاڻ پارليامينٽ جي توهين ڪندو رهيو ته هو قومي اسيمبلي جي اجلاسن ۾ لڳاتار وڃڻ ۽ گهڻو وقت ويهڻ کي وقت جو زيان ٿو سمجهي. اهو عمران خان جنهن کي ڪجھه مختلف ڪري ڏيکارڻ جو موقعو مليو به ته هُن انهي وقت کي سجايو ڪرڻ بدران رڳو اهي ئي فضول تقريرون ڪندي وڃايو، جيڪي تقريرون هو اڄ به ڪري رهيو آهي.
اصل ۾ اهو سڀڪجهه ان ڪري ئي هو جو هُن کي سياسي سمجھه آهي ئي ڪانه ۽ هو پنهنجين بي تُڪين تقريرن سان جيڪڏھن ڪنھن کي موهي ٿي سگهيو ته فاسٽ فوڊ ۽ برگرن تي پليل اهڙن ئي ماڻهن کي، جن کي عمران جي پهرئين اسلام آباد واري ڌرڻي ۾ جڏھن موچڙا پئي لڳا، تڏهن انهن ماڻهن ميڊيا آڏو اهي دانهون پئي ڪيون ته هو ته هتي انقلاب آڻڻ آيا آهن، پوءِ پوليس ساڻن ڇو پئي وڙهي!؟ سو اهڙي ڇَسي ۽ غيرسياسي خلق کي عمران خان جيترو به استعمال ڪيو، ڪري چڪو. هاڻ هن يار جو قصو اڳيان ساڳي فارمولي سان هلڻ ان ڪري ممڪن ناهي جو اهو فارمولو به ويو ته انهي فارمولي جو فريم تيار ڪندڙ فارمولائي به ويا.
اهو ئي سبب آهي جو اطلاع اهي آهن ته تحريڪ انصاف ۾ ٿوري ٿڪي سمجھه رکندڙ ماڻهن عمران خان کي اهي صلاحون ڏيڻ شروع ڪيون آهن ته پارليامينٽ ۾ واپسي کان سواءِ هاڻ ٻيو ڪوبه رستو تحريڪ انصاف جي تباهي جو رستو ثابت ٿيندو. ان تناظر ۾ امڪان اهي ئي آهن ته پاڻ کي سگھو ئي عمران خان لٿل منهن سان انهي پارليامينٽ ۾ نظر ايندو، جنهن پارليامينٽ کي هو هيستائين فضول سمجهندو رهيو. باقي نئين اليڪشن جو جيڪو معاملو آهي، سا هاڻ عمران خان جي فرمائش تي ناهي ٿيڻي. اول ته ملڪ جنهن شديد معاشي ڏيوالي ۾ ورتو پيو آهي، تنهن مان ڪا وٿي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ۽ ان کان پوءِ اهي چونڊ سُڌارا پڻ ٿيندا، جن سُڌارن کان سواءِ پيپلزپارٽي توڙي نواز ليگ نئين اليڪشن نٿيون چاهين. ۽ پوءِ پاڻ کي جيڪڏهن عمران خان اڳيان نظر آيو به ته اهڙي حڪومت مخالف ڌر ۾ نظر اچي سگهي ٿو، جيڪا مخالف ڌر، تنهن دور جي حڪومتي ڌر کي دٻاءُ ۾ رکڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ هٿان ايئن ئي استعمال ٿيندي نظر ايندي جيئن اڳ ۾ ٿيندي رهي آهي. ٻيو مڙيئي خير.