ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

رجيم چينج ۽ هائبرڊ نظام

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

ڪجهه ڏينهن ۾ ملڪ ۾ تڪڙيون تڪڙيون تبديليون منظرعام تي آيون آهن. آرمي چيف سڀاڻي ريٽائر ٿيڻ وارو آهي، جنرل عاصم منير نئون آرمي چيف نامزد ٿي چڪو آهي، جڏهن ته جنرل ساحر شمشاد جوانئٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽيءَ جو سربراهه ٿي ويو آهي. جنرل فيض حميد ۽ جنرل اظهر عباس وقت کان اڳ ريٽائر ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. لانگ مارچ کي حقيقي آزاديءَ جو نالو ڏئي سونامي قرار ڏيندڙ عمران خان جو اهو پنڌ ۾ پورو ٿي ويو آهي ۽ عمران خان جي خواهش موجب ڪوبه فيصلو نه ٿي سگهيو آهي. جنهن کان پوءِ کيس گهڻي مايوسي آهي.
رجيم چينج جون دانهون ڪندڙ عمران خان کي هاڻ اندازو ٿيو هوندو ته رجيم چينج ڇا هوندي آهي. عدم اعتماد وسيلي پارليامينٽ مان تڙيل اڳوڻي وزير اعظم عمران خان نه رڳو پنهنجي حڪومت جي خاتمي جو الزام فوجي قيادت تي لڳايو پر ساڳيو الزام آمريڪا تي لڳائيندو رهيو. پر هو ان حوالي سان ڪي به ثبوت پيش نه ڪري سگهيو. نيٺ ڪجهه ڏينهن اڳ کيس آمريڪي سازش واري بيانيي تان پوئتي هٽڻو پيو. جڏهن به ملڪ ۾ فوجي قيادت جي تبديلي ايندي آهي ته سياسي تبديلي اڻٽر ٿي ويندي آهي. جيئن 2016ع ۾ جنرل قمر جاويد باجوه نئون آرمي چيف ٿيو ته ملڪ جون واڳون نواز ليگ کان کسجي عمران خان جي پي ٽي آءِ حوالي ٿي ويون. ان کان پوءِ سياسي طور هن ڪهڙي ريت ملڪ جي ڀيل ڪئي، ان کان پاڻ سڀ واقف آهيون.
عمران خان جي اقتداري دور کي هائبرڊ رجيم جو نالو ڏنو ويو ۽ اهو ملڪي تاريخ جي بدترين دور طور ياد رکيو ويندو. ڇاڪاڻ ته ان دور ۾ اظهار جي آزاديءَ تي مڪمل پابندي هئي، سياسي آزادي کسي وئي. سياستدانن کي جيلن ۾ واڙي انهن کي انتقام جو نشانو بڻائڻ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته عمران خان نيازي پنهنجو پاڻ کي هڪ فاشسٽ اڳواڻ طور متعارف ڪرايو. اڄ اهو ئي ماڻهو هاڻوڪي حڪومت کي فاشسٽ حڪومت ڪوٺي رهيو آهي. تازو جڏهن سندس پارٽيءَ جو سينيٽر فوج جي اعليٰ قيادت خلاف ٽوئيٽ ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ٿيو آهي ته عمران خان پنهنجو ردعمل ڏيندي چيو ته آئون حيران آهيان، اسين ڪيترو تيزيءَ سان فاشسٽ رياست ڏانهن وڌي رهيا آهيون. ايف آءِ سينيٽر اعظم سواتيءَ کي سوشل ميڊيا تي تڪراري بيان جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ۽ هن خلاف سائبير ڪرائيم تحت ڪيس به داخل ڪري ڇڏيو آهي. هن اعظم سواتيءَ جي گرفتاريءَ جي مذمت ڪندي سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ چيو ته حِيران آهيان ته اسين ڪيتري تيزيءَ سان فاشسٽ رياست ڏانهن وڌي رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته سينيٽر اعظم سواتيءَ کي حراست ۾ تشدد ۽ بليڪ ميلنگ ڪرڻ جي وڊيو سندس زال کي موڪلڻ جي تڪليف کي ڪو ڪيئن سمجهي سگهي ٿو. نا انصافي تي اعظم سواتيءَ جي ڪاوڙ ۽ مايوسي جائز آهي.
جڏهن عمران خان جي حڪومت ۾ بنا ڪنهن ڏوهه جي نيب يا پوليس سياستدانن کي جيلن ۾ واڙيندي هئي ته عمران خان وڏي فخر سان چوندو هو ته قانون هر حال ۾ پنهنجو ڪم جاري رکندو ۽ اهي ماڻهو جيڪي گرفتار ٿي رهيا آهن، اهي ڪرپٽ آهن. اهي وڏا ڏوهاري آهن. پر جڏهن پنهنجي پارٽيءَ جي ماڻهن جو وارو ايندو هو ته هو انهن جو نه رڳو دفاع ڪندو هو پر انهن جو ڀرجهلو ٿي بيهندو هو ۽ اتي قانون حرڪت ۾ ڪونه ايندو هو. قانون جي حڪمرانيءَ جي ڳالهه ڪندڙ عمران خان ان وقت قانون کي پاسيرو ڪري ڇڏيندو هو. نتيجي ۾ نه رڳو هن پاڻ قانون کي پنهنجن مخالفن لاءِ استعمال ڪيو پر اهو تاثر قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته قانون اصل ۾ هو پاڻ آهي.
لانگ مارچ ۾ جهڙي ريت هو مايوس نظر آيو ۽ ان کان پوءِ لانگ مارچ کي اها موٽ نه ملي جيڪا ملڻ گهرجي ها، ان مان لڳي ٿو ته هن لاءِ ايندڙ وقت ۾ سياسي تڪليفون وڌڻ واريون آهن. ڇاڪاڻ ته هائبرڊ رجيم جا جيڪي به ڪردار آهن، اهي آهستي آهستي پاسيرا ٿيندا پيا وڃن. نتيجي ۾ هو سياسي طور هڪ اهڙي اڪيلائيءَ جو شڪار ٿيڻ وارو آهي، جنهن ۾ هن کي هاڻ اسٽيبلشمينٽ جي حمايت به حاصل نه هوندي.
نئين آرمي چيف جي مقرري هن ڀيري سينيئر موسٽ آفيسر طور ٿي آهي. ماضي ۾ نواز شريف ان مقرري جي حوالي سان جيڪي تجربا ڪيا، اهي نه رڳو ناڪام ويا پر ان سان ڪجهه به ڪونه وريو. ان کان سواءِ ڪنهن جونيئر آفيسر کي مقرر ڪرڻ سان فوج جي سينيئر آفيسرن جو حق مارجي ٿو وڃي. تنهنڪري هن ڀيري شهباز شريف ۽ نواز شريف ماضي کي نه ورجائيندي هڪ سينيئر ليفيٽيننٽ جنرل کي آرمي چيف مقرر ڪيو آهي پر تنهن هوندي به ان جا جونيئر آفيسر جنرل فيض حميد ۽ اظهر عباس وقت کان اڳ ريٽائرمينٽ وٺي رهيا آهن. جيڪي ايندڙ سال ريٽائر ٿيڻا آهن. شايد انهن کي به اندازو ٿي ويو آهي ته هاڻ پي ٽي آءِ لاءِ ڪي سکيا ڏينهن نه بچيا آهن ۽ نه ئي وري اهي ڪنهن اهڙي پارٽيءَ جي سياسي ويڙهه وڙهي سگهن ٿا، جنهن سان فوج جهڙي اهم اداري جي بدنامي ٿئي.
سياست جي ميدان ۾ رهي سياست ڪرڻ ئي اصل سياست هوندي آهي. تنهنڪري ملڪ جون ٻيون پارٽيون جهڙي ريت سياسي ميدان کي ڇڏڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ اهي چاهين ٿيون ته سياست جي ميدان ۾ مقابلو ڪجي. ڪنهن به ٻاهرين قوت کي ان ۾ مداخلت نه ڪرڻ ڏجي ته عمران خان نيازيءَ کي به ائين ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن هو هاڻ به ڪنهن اهڙي مدد جي انتظار ۾ آهي، جيڪا کيس اقتدار جي مسند تي ويهاري سگهي ٿي ته اهو تجربو في الحال ڪرڻ جي گنجائش نٿي بچي.
هو هاڻوڪي حڪومت خلاف لانگ ڪري، احتجاج ڪري يا اسيمبلين تان استعيفائون ڏئي ڇڏي پر چونڊن جو جيڪو وقت مقرر ڪيو ويو آهي، ان تي ئي چونڊون ٿيڻ جا امڪان آهن. ان دوران نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ کي وقت ملي ويندو ته اهي عوامي سطح تي ٻه ٽي اهڙا ڪم ڪري وٺن، جن سان کين ايندڙ چونڊن ۾ فائدو ٿي وڃي. ملڪي سياست کي گندو ڪري بدنام ڪندڙ عمران خان نيازيءَ لاءِ اڃا به موقعو آهي ته هو پنهنجن غلطين مان سبق سکي ۽ پنهنجي ٻل تي مقابلو ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button