خيرپور ناٿن شاهه شھر جي باءِ پاس تي کونھارو پيٽرول پمپ جي ڏکڻ ۾ قائم پٺاڻ ھوٽل تي ماڻھن جو ڳاھٽ ۽ غيرمعمولي چھل پھل آھي. ھوٽل جي نسبتن صاف سٿري ڊائينگ ھال ۾ ٻوڏ متاثرن جي واھر لاءِ علائقي ۾ ڪم ڪندڙ اين جي اوز جا ماڻھو، سفيد پوش جڏھن ته ٻاھر شٽر ھيٺان روڊ تائين ڦھليل ڪرسين تي شيو وڌيل، ميرن ڪپڙن، اٻالن حالن ۾ ماڻھو ئي ماڻھو ويٺل آھن. ڪرسين ميزن تي پيل جڳن، گلاسن، چانھه جي ڪوپن، ڀاڄي جي خالي پليٽن، رڌڻي ۽ چانھه ٺاھڻ واري جاءِ تي مکِيُن جو راڄ آھي ۽ ھوٽل سميت پوري ماحول ۾ گندي پاڻيءَ جي اڻ وڻندڙ بوءِ ڦھليل آھي. جڏھن تہ ڊٿل گهرن جي چوڦير پري پري حد نگاهه تائين سائو ميرو گندو پاڻي بيٺل آھي. خيرپورناٿن شاهه جي باءِ پاس تي مسترين جا دوڪان،ٽائر ٽيوب پنچر لڳائڻ وارا دُوڪان، ھوٽل، پيٽرول پمپ کليل آھن ۽ روڊ جي ٻنھي پاسي ٽريفڪ جاري ساري آھي.
خيرپور ناٿن شاهه باءِ پاس تي ٽي مھينا اڳ 28 آگسٽ تي به ٽريفڪ جاري ھُئي پر ان ڏينھن ساڳي پٺاڻ ھوٽل سميت باءِ پاس تي راڪاس گهمي ويو ھو. پڇا ڪرڻ تي ھوٽل جي بيري ٻڌايو ھو ته ٻوڏ جي ڊپ کان ماڻھو شھر خالي ڪري ويا آھن. جڏھن ته ماڻھن جو ڪافي انگ ڪاري موري وٽ احتجاج ڪندي ڌرڻي تي ويٺل آھي ته جيئن جوھي برانچ کي ڪٽ ڏيارجي، ٻوڏ جي پاڻيءَ کي رستو ملي ۽ خيرپورناٿن شاهه شھر تان ٻوڏ جو خطرو ٽري. ان شام ڪاري موري وٽ جوھي برانچ کي ڪٽ به آيو پر پوءِ به خيرپورناٿن شاهه شھر ٻُڏي ويو. ٽن مھينن جي دربدريءَ کانپوءِ خيرپورناٿن شاهه واسي ٻوڏ جي گندي پاڻيءَ ۾ گهيريل پنھنجي ڊٺل گهرن ڏانھن موٽي پاڻي لھڻ جو انتظار ڪري رھيا آھن. پٺاڻ ھوٽل جي ڏکڻ اوڀر ۾ موجود شھباز ڪالوني به ٻوڏ جي پاڻيءَ جي گهيري ۾ آھي. انھن گهرن ۾ ئي روڊ کي ويجهو ھڪ گهر جي وچ ۾ ڳاڙھي چولي ۽ سفيد شلوار ۾ ملبوس نوجوان ناري چيلهھ ۾ پوتيءَ جو سندرو ٻڌي ڪوڏر سان ڊٺل گھر جو ملبو تغاريءَ ۾ ڀري رھي آھي. وڄ جيئن وراڪو ڏئي پاسي ۾ بيٺل ھڪ اڌڙوٽ عورت جي مٿي تي تغاري رکرائي وري ڪوڏر سان ڪجھه کوٽڻ شروع ڪري ٿي. شھباز ڪالونيءَ ۾ باءِ پاس تان اھو منظر پسندي ڪنھن ڊرامي جو سين پئي لڳو. ڄڻ ڊائريڪٽر جي اشاري تي ھڪ ئي وقت سڀ ماڻھو پاڻيءَ جي گهيري ۾ آيل ڊٿل گهرن جي قطار ۾ پنھنجي ڪم سان لڳي ويا آھن.
ڪولاچي واهه کان جوھي برانچ وچ ۾ موجود انڊس ھاءِ وي جي ٻنھي پاسي ڊٺل گهرن جي چوطرف ٻوڏ جي پاڻي ڦھليل آھي. انھن گهرن ۾ به ڪوڏرن، بيلچن، ڪھاڙين، ٽيڪمن، ٽيانگُھن، کھِيُن سان ماڻھو حرڪت ۾ آھن جيڪي به شھباز ڪالوني واري ساڳي اسڪرپٽ مطابق ساڳي ڊراما ڊائريڪٽر جي اشاري تي ڪوئي ڪردار ادا ڪري رھيا آھن. خيرپورناٿن شاهه کان دادو ايندي “لڌاڻ”، “لُولجا”، “نانگڻ”، “يوسف نائچ”، جوھي برانچ جي اترين ڪنڌي تي آباد ڳوٺ “کاٿڙي” ۾ ماڻھو ٻوڏ منجهھ جهيڙيندي ھڪ نئين زندگيءَ جي شروعات لاءِ جُنبيل آھن. جوھي برانچ ۾ پاڻيءَ جي ٺِنڀ به ڪونھي، جڏھن ته ٻوڏ جو پاڻي ڪڍي جوھي برانچ ۾ وجهڻ لاءِ ڪجهھ ڏينھن اڳ جيڪي “ڊي واٽرنگ مشينون” ڪتب پئي آيون، انھن جو پري پري تائين ڪو نالو نشان ڪونھي. ڪولاچي واهه کان جوھي برانچ وچ ۾ ھن مند ۾ انڊس ھاءِ وي جي ٻنھي پاسي “دخل” تي پٻڻ ۽ بيهھ رکي ھر ايندڙ ويندڙ گاڏيءَ کي ڏسي بھ پٻڻ جا ھوڪا لڳندا آھن. ماضي جي اھڙي منظر جو ھن وقت ڪو نالو نشان ڪونھي. جڏھن ته ڳوٺ يوسف نائچ جي اتر ۾ ھميشه پٻڻن جي ويڪرن ساون پنن سان سرسبز رھندڙ کڏ ۾ پٻڻ جي ٻُوڙن جون صرف سُڪل چوٽيون ئي نظر اچن ٿيون. لولجا ڳوٺ جي اتر ۾ ٻوڏ جي ڇڏي ويل پاڻي واري ذري گهٽ آلي زمين تي ٻار ڪرڪيٽ کيڏي رھيا آھن. انڊس ھاءِ وي تي ئي ڪڪڙ جي وسندي لڳ ڳوٺ جاکرو ۾ قائم خيمه بستيءَ ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ عورتون ۽ ٻار موجود آھن. جن جا مرد ماڻھو شايد “لڌاڻ “،”لولجا”، “ميرحسن گاڏھي”، “ڪنڊي چُکيءَ”، “بيد”، “مٺي جو ڳوٺ” ۾ پنھجي ٻڏي ويل گهرن ۾ شايد ٻوڏ جو پاڻي لھڻ جي جاچ تي نڪري ويا آھن.
ٽيپھري ڌاران جڏھن خيرپورناٿن کان واپس ٿيندي اسان جي گاڏي دادو کان جوھي موڙ ڏانهن مُڙِي ته ٽريفڪ روان دوان ھئي. اسان جي گاڏي آڏو يوريا ڀاڻ جي ٻورين سان ڀريل ٽرڪ جوھي وڃي رھي ھئي، جنھن کي ڪراس ڪيو ته ٻه ٻيون يوريا ڀاڻ جون ٽرڪون ۽ ھڪ پي ايس او جو آئل ٽينڪر به جوھي ڏانهن روان دوان ھئا. جڏھن ته اناج جي ٻورين سان سٿيل ڊاٽسنون وري دادو ڏانھن پئي آيون. جن ۾ تازو ڪاڇي ۾ لٿل جوئر جو فصل لڏيل ھو، جنھن جو مطلب اھو ئي ھو ته جوھيءَ ۾ معاشي سرگرميون جاري آھن. ڇنڊڻ جنھن مان اٿل کاڌل ٻوڏ جي پاڻي جوھي دادو روڊ ڪٽي ڇڏيو ھو. ان ۾ پاڻي ڪر ھڻي لھي چڪو ھو. جڏھن ته ٽي سي ايف اسڪول وٽ لڳل روڊ ۾ پائيپ ۽ نول وجھي جوھي دادو روڊ ٽريفڪ لاءِ بحال ڪيو ويو آھي. روڊ جي ڏکڻ ۾ ٻوڏ ۽ گهر ٻڏڻ کان بي نياز ڇوڪرا نُولن، مورين ۾ منڇر ڏانھن روان دوان تيز وھندڙ پاڻيءَ ۾ ڄار ذريعي مڇي ماري رھيا آھن. ڀڳل روڊ تي موجود گهرا کڏا کٻا سفر جي غيرمحفوظ ھئڻ جي چغلي کائي رھيا ھئا.
جوھيءَ کان ڪجھه ڪلوميٽر اوڀر ۾ روڊ جي ڏکڻ اتر ۾ ڳوٺ محبت لنڊ ۽ شھمير گاڏھيءَ جي آلي زمين ۾ ڇٽيل ڪڻڪ زمين کي سائو ڪري ڇڏيو ھو. روڊ سان لڳ ڳوٺ علي محمد مغيري جي اتر ۾ خالي ميدان تي ٻارڙا ڪرڪيٽ راند ۾ بيٽ جي مالڪي تان ھٿين پيل آھن. سرائيڪي ۾ ھڪ ٻئي کي گار جا ڌوڙيا ۽ ٻارن ۾ ٽھڪن جا ھوڪرا پيل آھن. جوھي ڪاليج جيڪو سيپٽمبر جي شروع ۾ تار پاڻيءَ ۾ ٻڏل ھو، اتان پاڻي لھي چڪو آھي. جڏھن ته ان جي ڊھي پيل ڪمپائونڊ وال واري ھنڌ وڻن جون ٽاريون پناهه طور ڏنل ٻڌائي رھيون ھيون ته ڪاليج انتظاميه پنھنجي ڪاليج جي حدن جي سنڀال کان باخبر آھي. ڪاليج سامھون ئي قائم چانهھ جي ھوٽل تي روڊ جي ٻنھي پاسي ڪرسين تي جوھي واسي نوجوان پڪا پوڙھا نومبر جي آخري ڏينھن جي ٿڌڙي اس ۾ گرم گرم چانھه جي چسڪين مان مزو وٺي رھيا آھن. رنگ بند جنھن جي ٻوڏ جي پاڻيءَ کان سنڀال ۾ سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ ماڻھن جو ھجوم رھندو ھو. ان تي پھر به ڪانھي. جڏھن ته ان جي پاڙ ۾ وھندڙ چنجاڻي شاخ پاڻيءَ کان وانجهيل ھئي. دادو کان جوھيءَ ۾ داخل ٿيندڙ روڊ تي شھر واري حد ۾ بيٺل گندو پاڻي ميونسپل ڪميٽيءَ جي ڪارڪردگيءَ جو قصو بيان ڪري رھيو ھو. جڏھن ته فاضل راھو ۽ مُک چوڪ جيڪي شام جو عام حالتن ۾ پڪوڙن، سمبوسن، مرغي جي سوپ، مڇي، مرغي، ميون جو مرڪز ھوندا آھن، اتي ماڻھن، ٻارن، موٽر سائيڪلن، رڪشائن جي ٻيگھي متل ھئي. شھر جي مٽي ھاڻي آلودہ فضا ۾ معمول کان وڌيڪ رش معاشِي ريل پيل جي علامت طور موجود ھئي.
جوھي شھر ۽ ان مان نڪرندڙ روڊن رستن تي موٽر سائيڪلن، سائيڪلن، رڪشائن ۽ پيدل ماڻھن جي ڪلھن تي ڄانڀي ۽ سرنھن جو ساڳ ھجڻ اھڃاڻ ھو ته ڪاڇي سميت پڪي ۾ به ڄانڀو ۽ سرنھن جو فصل ٿيو آھي ۽ اناج کان پھرين قسط ساڳ جي صورت ۾ ھاري ناري جي گهر پھچي وئي آھي، جيڪو مليريا، موسمي بخارن، بک، غذا جي کوٽ جي ماريل جوھيءَ جي ماڻھو لاءِ سوکڙي ۽ نعمت کان گهٽ ناھي. جوھيءَ جي ھڪ مشھور حڪيم جي دعويٰ آھي ته جڏھن به ساڳ لھندو آھي ته بخار ۽ مليريا ختم ٿي ويندو آھي. ڇو ته ان ۾ مليريا ڪش دوا ڪوئنين موجود آھي. جوھي واسين چواڻي ڪاڇي ۾ جوئر جو فصل ججهو ٿيو آھي پر في ايڪڙ پيداوار گهٽ ٿيڻ ٻُڌائي ٿي ته ھميشه جيان ھن وقت به زراعت کاتو آبادگار ۽ ھاري جي رھنمائيءَ لاءِ موجود ناھي، جيڪو مند ۽ حالتن آھر فصل ۽ ٻج جي چونڊ ۾ سندن مدد ڪري.
صبح سان جڏھن سيوهڻ ٽپي ٻوڏ جي حد ۾ داخل ٿيا ھئاسين ته انڊس ھاءِ وي وٽان ان ڪٽ ڀرسان به گذرڻو ٿيو، جتي ڪجھه ڏينھن اڳ دائود ڦلپوٽو ڳوٺ مان سُکا کڻي ايندڙ وين ڪلٽي ٿي ھئي ۽ 20 کان وڌيڪ عورتون ۽ ٻارڙا اجل جو شڪار ٿي ويا ھئا. انتھائي اونھي ڪٽ ۽ کاھي کي پٿر جي روڙي سان ڀريو پئي ويو جڏھن ته ڪٽ جي اتر ۾ پٿر سان لوڊ ٿيل ٽرڪن جي قطار لڳل ھئي ۽ روڊ جي انھي پاسي خبرداريءَ لاءِ رڪاوٽون کڙيون ڪيل ھيون. اھڙي ھلچل ڏسندي ذھن ۾ پھريون سوال اھو ئي پيدا پئي ٿيو ته ڪاش، اھو سڀ ڪجهھ 17 نومبر کان اڳ ٿئي ھا ته ڳوٺ دائود ڦلپوٽو قيامت جهڙي ڪرب مان نه گذري ھا. ڀان ۽ سيوهڻ وچ ۾ 17 ڪلوميٽر ڊگهي روڊ ۾ “آراضيءَ”، “بختيار پور”، “ٽنڊو شھبازي”، “پڪا چنا” جي مٿاھين وسندين کان سواءِ شايد ئي ڪوئي گهر سلامت ھجي پر ٻوڏ جو پاڻي پري پري تائين لھي ويل نظر آيو. جڏھن ته ڊٿل گهرن وارن ڳوٺن جي چوطرف سائي زمين ۽ نئين ڦُٽل ڪڻڪ انھي جو اھڃاڻ ھئي ته سيوھڻ جي نگريءَ جو ماڻھو ڪنھن آسري ۾ ويھڻ بدران پنھجي ھمت، حوصلي سان ٻوڏ ۽ مصيبت سان جهيڙيندي ھڪ نئين زندگيءَ جي سفر تي نڪري پيو آھي.
26 اپريل 1986ع ۾ يوڪرين جي چرنوبل ائٽمي بجلي گهر ۾ حادثو ٿيو ھو. ائٽمي تابڪاري اثرن ڪارڻ ماڻھو مئا، تابڪاري اثرن جي ڪارڻ ڪينسر سميت خطرناڪ لاعلاج بيماريون ۽ صحت جا مسئلا پيدا ٿيا. چرنوبل سميت آسپاس جا شاد آباد خوشحال علائقا ماڻھن کان خالي ڪرايا ويا. 2016ع ۾ ھڪ رپورٽ مطابق تابڪاري اثرن جي ڪري 2 ھزار سالن تائين اتي انساني زندگيءَ جو پروان چڙھڻ ناممڪن ھو. پر فقط ٻن ڏھاڪن ۾ زندگي، فطرت جو سينو چيري ٻاھر نڪري آئي. ڪجهه سالن جي برساتن کان پوءِ چرنوبل جي ڇڏي ويل شھر سميت عمارتن ۾ ساوڪ ٿيڻ شروع ٿي، ڪيڙا ماڪوڙا، جيت جڻيا، پکي پکڻ ظاھر ٿيڻ شروع ٿيا. اڄ انھي چرنوبل جي ترڪ ڪيل، ناقابل رھائش عمارتن، روڊن، رستن تي آسپاس موجود جهنگ جي ھر جانور، ماڻھو ڇيڻھُون جي پھر نه پسندي اچي ديرو ڄمايو آھي. ائين ئي خيرپورناٿن شاهه جي شھباز ڪالونيءَ جي ناري جيان پنھنجي پوتي سندرو ڪري جوھي، ميھڙ سميت سنڌ جو ٻوڏ سٽيل ماڻھو مصيبتن جي مزار تي متولي بڻجي ماتم ڪرڻ بدران زندگي بڻجي اٿي کڙو ٿيو آھي. ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرڻ، ٻوڏ جو پاڻي لھڻ کانپوءِ ٻج، ڀاڻ، فصل جي چونڊ ڪرڻ ۾ گهربل حُڪومتي سھڪار ملي وڃي ته ھوند ھتان جو ماڻھو ڏھاڪن بدران تمام ٿوري عرصي ۾ نه فقط پاڻ بلڪه پنھنجن وسندين، شھرن ۽ خيرپورناٿن شاھه کي پنھنجي پيرن تي بيھاري سگهي ٿو.