ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

صوبائي اسيمبلين مان استعيفائن جو آخري آپشن

Editorial-Article-Allahbux Rathore

اقتدار جي ايوانن ۾ آيل نئين تبديلي کانپوءِ ڪمانڊ جا معاملا طئي ٿيڻ ۾ ڪافي عرصو لڳي ويندو. ان کان اڳ جو نئين اسٽيبلشمنٽ مستقبل جي حوالي سان ڪي اهم فيصلا ڪري، عمران خان ناڪام لانگ مارچ جي باوجود پنهنجي ڳالهه جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان فيصلي جا ڪهڙا نتيجا نڪري سگهن ٿا؟ عمران خان جو زور پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبيلن کي ٽوڙڻ تي آهي، جنهن لاءِ ڪنهن حڪمت عمليءَ جو ته اعلان نه ڪيو ويو آهي، پر بقول عمران خان جي هي ڪارڪنن لاءِ “سرپرائيز” آهي. ڪي حلقا چون ٿا ته عمران خان اسيمبلين کان الڳ ٿيڻ واري آپشن جو اعلان ڪري اهم اداري کي پيغام ڏنو آهي ته هو مستقبل جي حوالي سان جيڪي فيصلا ڪن، انهن ۾ پي ٽي آءِ جو خيال رکن. پر اهي خبرون به اچن پيون ته عمران خان کي اهم اداري گهڻو سنجيده نه ورتو آهي. اها الڳ ڳالهه آهي، پر هن جا جيڪي باقي حامي اهم اداري اندر سمجهيا وڃن ٿا، انهن جي به صفائيءَ جو اشارو ڏنو ويو آهي. ٻن اهم رٽائرمنيٽس کانپوءِ اهي خدشا به ظاهر ڪيا پيا وڃن ته اهڙي نوعيت جا ڪجهه ٻيا سرپرائيز اچي سگهن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ عمران خان جو اهم اداري ۾ چوڻ آکڻ تمام گهڻو گهٽجي ويندو. اهڙي صورتحال ۾ موجوده حڪومت جي برقرار رهڻ ۽ نيون چونڊون وقت تي ٿيڻ جا امڪان به وڌيڪ هوندا.
عمران خان اسيمبلين مان استعيفائون ڏيڻ جو اعلان ڪري اهم اداري کي باور ڪرايو، پنهنجن حامين کي خوش ڪيو يا وري مخالفن تي دٻاءُ پيدا ڪرڻ جي نئين ڪوشش ڪندو. ان جا نتيجا ڪهڙا نڪرندا؟ جيئن ئي عمران خان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلين مان پي ٽي آءِ جي ميمبرن جي استعيفائن جو اعلان ڪيو آهي، تيئن ئي هي چيو پيو وڃي ته عمران خان پنهنجو آخري پتو ضرور ظاهر ڪيو آهي، پر هي به آسان ڪم ناهي. گهرو وزير راڻا ثناءُالله هڪ نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ عمران خان جي اعلان تي تبصرو ڪندي چئي رهيو هو ته پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪرڻ وارا آهيون. جيڪڏهن گورنر، جيڪو (ن) ليگ جو اڳواڻ آهي، اهو پنجاب اسيمبليءَ جو اجلاس گهرائي وٺي ٿو ته اهڙي صورتحال ۾ استعيفائن وارو معاملو هڪ اڌ مهينو لڙڪيل هوندو. ان دوران پي ٽي آءِ جي ڪجهه ايم پي ايز استعيفائون ڏئي ڇڏيون يا وفاداريون تبديل ڪيون ته پرويز الاهي جي حڪومت جو اقتدار ۾ رهڻ ناممڪن ٿي ويندو. ان کان اڳ جو هي آپشن استعمال ڪيو وڃي، ان جو جائزو وٺڻ ضروري آهي ته پنجاب جو موجوده وڏو وزير پرويز الاهي عمران خان جي حڪم تي اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ گورنر کي چوندو يا نه؟پرويز الاهي جي تازي بيان مطابق عمران خان جيئن چوندو ان تي هو عمل ڪندا. پر جيڪي پنجاب جي وڏي وزير جي ڪيمسٽريءَ کان واقف آهن، جنهن کي عمران خان وڏو ڌاڙيل سڏيندو هو، ان جا، پنهنجا واڳ ڌڻين سان ڪيترا واسطا آهن، اهو به اوپن سيڪريٽ آهي. پرويز الاهي جي سياسي سوجهه ٻوجهه عمران خان کان بهتر هوندي. هن پنجاب جي وڏ وزارت حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي گهر جي رڌڻي ۾ رولو وڌو، چوڌري شجاعت حسين، جنهن جي ڳالهه آخري سمجهي ويندي هئي، ان کي پٺي ڏني. ايڏي وڏي قيمت ادا ڪرڻ باوجود هو وڏ وزارت تان ڪيئن استعيفا ڏيندو؟ هن کي عمران خان تي سياسي سيڙپ به نه ڪرڻي آهي، ڇاڪاڻ ته چوڌرين جو عمران خان کان هٽي پراڻو ووٽ بينڪ آهي ۽ هو عمران خان تي گهڻو اعتماد به نه نٿا ڪن ۽ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪري رهيا آهن. پنجاب جي وڏي وزير لاءِ وڏ وزارت گهٽ اهميت واري ناهي. هن جي خلاف جيڪڏهن پي ٽي آءِ بي اعتمادي جي رٿ آڻي ته ممڪن آهي ته هو مخالف ڌر ڏانهن هٿ وڌائي سگهي ٿو. ان کان اڳ به چوڌري پرويز الاهي، عمران خان جي اسيمبلي ٽوڙڻ واري فرمائش تي کيس ناراض ڪري چڪو آهي. هن ته ايترو به چئي ڇڏيو هو ته هو پنجاب اسيمبلي ٽوڙڻ وارو گناهه ڪري نٿو سگهي،جيڪڏهن عمران خان اسيمبلي ٽوڙڻ گهري ٿو ته پنهنجو وڏو وزير سامهون آڻي. هو عهدي کان الڳ ٿيڻ لاءِ تيار آهي. واڳ ڌڻي توڙي جو پاڻ کي غير سياسي سمجهن ٿا، پر انهن جا اشارا ته چوڌري پرويز الاهي ضرور سمجهندو هوندو. جيڪڏهن بقول راڻا ثناءُالله جي هو چوڌري پرويز الاهي جي خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻين ٿا ته ان جي باقي رهڻ جا امڪان به ڪي گهڻا نه هوندا. ان ڪري چوڌري ڀائرن جي ظاهري اعلانن ۽ ڊرائنگ روم جي ڳالهين ۾ تمام گهڻو فرق هوندو.
جيستائين ڪي پي ڪي اسيمبليءَ جي ٽوڙڻ جو معاملو آهي، اتي هي سمجهيو وڃي ٿو ته وڏو وزير محمود خان اسيمبلي ٽوڙڻ لاءِ گورنر کي چئي سگهي ٿو. اتي به پنجاب جهڙي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. ڪي پي ڪي جو نئون گورنر، جيڪو مولانا فضل الرحمان جو ويجهو مائٽ آهي، ان وٽ ايترا آپشن آهن، جو بي اعتماديءَ جي رٿ کي ٽاري سگهي ٿو. هو ڪجهه مهينا معاملي کي اينگهائي سگهي ٿو. ڪي پي ڪي مان پي ٽي آءِ کي جيڪا طاقت ملندي هئي، ان جي به اميد ختم ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته واڳ ڌڻين جي نئين قيادت،سموري صفائي ڪرڻ گهري ٿي، جنهن کانپوءِ اهڙي ڪنهن به ڪوشش جي ڪاميابي ممڪن نه هوندي ته ڪنهن ميمبر کي فون ڪري استعيفا لاءِ مجبور ڪري سگهجي.
آخري آپشن طور جيڪڏهن اها ڳالهه مڃي وٺجي ته عمران خان جي اعلان مطابق عمل ٿئي ۽ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلي ٽوڙيون وڃن، پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڇا ان دوران بقول عمران خان جي موجوده ڪرپٽ نظام سان هو ڪي به ڳالهيون نه ڪندو، هو صدر عارف علويءَ کي استعيفا لاءِ چوندو؟ صدر به ته موجوده نظام جو حصو آهي. جيڪڏهن سمورو نظام ڪرپٽ آهي ته پوءِ صدر، ان کان ڪيئن بچي سگهي ٿو؟ ان حوالي سان هي ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ته پهريان ته عمران خان صدر کي ائين ڪرڻ لاءِ نه چوندو. جيڪڏهن چئي ٿو ته هو ضروري ناهي ته ان جي ڳالهه تي عمل ڪري. صدر جو اقتدار جي ايوانن جي ويجهو رهڻ، عمران خان لاءِ طاقت جو سرچشمو آهي. هيل تائين واڳ ڌڻين سان جيڪي به گڏجاڻيون ٿيون يا صلاح مشورا ڪيا ويا، عارف علوي، انهن کي Manage ڪندو رهيو. اها الڳ ڳالهه آهي ته هن اعتراف ڪيو ته هن جيڪي ڪوششون ورتيون انهن ۾ ناڪام ٿيو. هينئر صدر عارف علوي ۽ موجوده حڪمرانن ۾ ضرورت مطابق رابطا به آهن، ان ڪري هو نه چاهيندو ته پاسيرو ٿئي.
جيڪڏهن عمران خان، پنهنجن ايم پي ايز کان استعيفائون ڏياري ۽ رهيل ايوان به خالي ڪرائي وٺي ٿو ته ڇا موجوده سياسي سيٽ ختم ٿي ويندو؟ گهٽ ۾ گهٽ قومي اسيمبليءَ تان پي ٽي آءِ جي ميمبرن جي استعيفائن سان سياسي نقصان عمران خان کي ئي ٿيو آهي. حڪومت پنهنجي مرضيءَ جو مخالف ڌر جو اڳواڻ ويهاري ڇڏيو آهي. آئين مطابق وزير اعظم کي مخالف ڌر جي اڳواڻ سان جيڪي مشورا ڪرڻا آهن ڪري ٿو ۽ هو سمورا اهم مسئلا بنا گڙٻڙ جي حل ڪري وٺي ٿو. هيل تائين عمران خان جيڪا ٽن سالن دوران قانون سازي ڪئي، اها به واپس ٿي چڪي آهي. نيب قانون سميت ٻيا قانون به شامل آهن، انهن سڀني کي بي اثر ڪيو ويو آهي. اهي معاملا توڙي جو عدالت ۾ آهن، پر جلد ڪنهن فيصلي جو امڪان نظر نٿو اچي. عمران خان جن مخالفن کي لوهه جا چڻا چٻاڙڻ جو پلان رٿيو هو، اهو ناڪام ٿي ويو. ان سان گڏ واڳ ڌڻين پهريون ڀيرو پنهنجن غلطين جو اعتراف ڪندي جنرل باجوه ته ايترو به چيو ته اسان عمران خان تي پنهنجا چار جنرل قربان ڪيا. ستن ڪلاڪن جي بحث مباحثي دوران هن جيڪي اعتراف ڪيا، اهي تاريخ جو حصو آهن. انهن هي به اعتراف ڪيو ته عمران خان جي چونڊ ۽ نواز شريف جي سزا،سندن وڏيون غلطيون هيون.
هينئر چيو پيو وڃي ته جيڪڏهن عمران خان جا حامي اسيمبلين مان هليا وڃن ٿا ته 859 جنرل سيٽن تان 563 سيٽون خالي ٿي وينديون. اليڪشن ڪميشن جا حلقا ۽ حڪومتي ڌر به چئي ٿي ته هو ننڍيون چونڊون ڪرائي سگهن ٿا. جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته گورنر ذريعي ٻنهي صوبن کي هلائي سگهجي ٿو. هي سموري صورتحال ٻڌائي ٿي ته رهيل اسيمبلين تان استعيفائون، عمران خان جي ٻي جوا هوندي، جنهن جي کٽڻ جا امڪان گهٽ هوندا. عمران خان کي جيترو زور لڳائڻو هو، لڳائي چڪو. هاڻ هن جي طاقت ختم ٿي وئي آهي. ان ڪري هو موجوده نظام ۾ رهي جيتري حمايت قائم رکي سگهي ٿو رکي. جيڪڏهن نيون چونڊون پنهنجي وقت تي ٿين ٿيون ته ڪنهن کي به يقين ناهي ته عمران خان ڪامياب ٿي هڪ ڀيرو ٻيهر وزير اعظم ٿيندو. هينئر عمران خان لاءِ چيو پيو وڃي ته هن کي 2018ع دوران جيڪي سهولتون حاصل هيون، اهي هينئر ناهن. عمران خان هائبرڊ نظام جو هڪ حصو هو، هاڻ اهو نظام ئي ڊانوان ڊول آهي ته هن جي سياسي مستقبل جي ڪير ضمانت ڏئي سگهي ٿو. عمران خان ڏسي رهيو آهي ته هن جو سياسي بنياد ڏينهون ڏينهن سسي، ننڍو ٿيندو پيو وڃي. ان جي رفتار ايتري تيز آهي جو ايندڙ چونڊن تائين هو پنهنجي ذات ۾ “انجمن” ٿي سگهي ٿو. ان ڪري هو جلد کان جلد عام چونڊون چاهي ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button