ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪرپشن جا ميگا اسڪينڊل ۽ ڪامورا

Editorial-Article-Rashid Laghari

ڪرپشن ۽ رشوت خوريءَ جي اسڪينڊل سان ئي سماج ڀريو پيو آهي، هر پاسي ڄڻ خبرون ئي ڪرپشن جون هلي رهيون آهن. ملڪ ۾ وڏن سياستدانن ۽ حڪمرانن جي ڪرپشن کان پو وري ننڍي سطح تي ڪرپشن جا ڀانڊا ڦاٽڻ شروع ٿي ويا آهن. جنهن ۾ هن وقت 6 ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر عتاب هيٺ آيل آهن. جنهن ۾ ڊي سي مٽياري عدنان راشد، اسسٽننٽ ڪمشنر مٽياري منصور عباسي ۽ سنڌ بينڪ جو اڳوڻو اسسٽنٽ مئنيجر تابش شاهه اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمنٽ هٿان گرفتار ٿي چڪا آهن. ڊي سي نوشهروفيروز فرار ٿي ويو آهي.
ساڳئي وقت نيب سکر، ڪراچي پڻ ايم 6 موٽر وي ۾ اربين روپين جي ڪرپشن جي جاچ شروع ڪري ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد ۽ سکر کان حيدرآباد، ڄامشورو، مٽياري، نوابشاهه، نوشهروفيروز، خيرپورميرس جي ڊي سيز کان موٽر وي جي منظوريءَ سان ايڊيشنل ڊائريڪٽر نيب ڊائريڪٽر جنرل نيب جي حڪم تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. جڏهن ته موٽر وي طرفان 6 ضلعن مان موٽر وي روڊ ٺاهڻ لا سروي زمين جي رپورٽ بحث هيٺ آهي. جنهن ۾ 2 ارب 37 ڪروڙ سامهون آيا آهن. جڏهن ته 28 نومبر تائين رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو هو. موٽر وي ايم 6 لا 3 سئو 12 ايڪڙ زمين خريد ڪرڻي هئي. جنهن لا وفاقي حڪومت طرفان 6 ضلعن کي 14 ارب روپيا جاري ڪيا ويا ويا هئا. جڏهن ته ايم 6 موٽر وي لاءِ 7 هزار 100 ايڪڙ زمين استعمال ڪرڻي آهي. منصوبي جي منظوري لاءِ 220 اربن روپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. نيب جي حرڪت ۾ اچڻ کان پوءِ ڇهن ضلعن جي ڪامورن ۾ ٿرٿلو متل آهي. جنهن ۾ سنڌ بينڪ جو ملازم ۽ اي سي مٽياري پڻ نامزد ڪيل آهن. هڪ داخل ڪيس ۾ نوشهروفيروز ضلعي جي 15 سئو ايڪڙ زمين ڏيکاري وئي آهي.
سکر – حيدرآباد ايم 6 موٽر وي منصوبي ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي ڊي سي مٽياري عدنان راشد اينٽي ڪرپشن جي صوبائي عدالت حيدرآباد ۾ پيش پڻ ڪيو ويو. عدالت طرفان 7 ڏينهن جي رمانڊ تي اينٽي ڪرپشن پوليس حوالي ڪيو ويو. جوابدار ڊي سي کي پيش ڪرڻ وقت عملدار سول ڊريس ۾ ئي هئا. جنهن کي عدالت ۾ پوليس جي سخت پھري ھيٺ پيش ڪيو ويو، عدالت معطل ڪيل ڊي سي عدنان راشد کي 7 ڏينھن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي اينٽي ڪرپشن پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس عدالت کي درخواست ڪئي ته وڌيڪ جاچ ڪرڻي آھي، ان لا وڌيڪ رمانڊ ڏنو وڃي. ڊي سي جي وڪيل عدالت کي آگاهي ڏني ته ڊي سي تي تشدد ڪيو پيو وڃي. جنهن کي روڪيو وڃي. جنهن کان پوءِ عدالت 7 ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي ڊي سي کي اينٽي ڪرپشن حوالي ڪيو. ساڳئي وقت اينٽي ڪرپشن ۽ نيب اختيارين طرفان جاچ شروع ڪرڻ کان پوءِ موٽر وي اسڪينڊل ۾ ايف آ اي پڻ هڪ وڌيڪ ڪيس داخل ڪري جوابدارن خلاف 2 ارب 37 ڪروڙ جي ڪرپشن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ايف آ اي طرفان اڳوڻي ڊي سي سيمت ٽن جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي ته جيئن اهي ڪٿي فرار نه ٿي وڃن. جڏهن ته ساڳئي ڪيس ۾ ٻن جوابدارن جي اينٽي ڪرپشن جي ڪورٽ حيدرآباد 5، 5 لک عيوض ضمانت منظور ڪئي هئي. جنهن جي ضمانت وري ساڳئي عدالت رد ڪندي کين گرفتار ڪرائي اينٽي ڪرپشن پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي. اهي ضمانت لا ڪورٽ پهتا ته سوگها ٿي ويا. مٽياري ۾ ايم 6 موٽر وي جي تعمير لا زمين جي خريداريءَ جي سلسلي ۾ سنڌ بينڪ مان 2 ارب 37 ڪروڙ غيرقانوني طور تي ڪڍي ڪرپشن ڪئي وئي آهي. ڪيس ۾ نامزد ٻن فرار ٿيل جوابدارن اسسٽنٽ ڪمشنر منصور عباسي ۽ سنڌ بينڪ جي اڳوڻي اسسٽنٽ مئنيجر تابش جي اينٽي ڪرپشن ڪورٽ حيدرآباد جي عدالت ٽن ڏينهن لا پنج، پنج لک عيوض عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. ساڳئي وقت ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمنٽ عبدالحميد ڀٽو جي درخواست تي ايڊيشنل ڊائريڪٽر ايف آ اي سيد محمد وصي حيدر ڪرپشن جي ڪيس ۾ نامزد ٽنهي جوابدارن خلاف جاچ جي سلسلي ۾ ڊائريڪٽر ايف آ اي سنڌ زون کي خط لکي چيو آهي ته جوابدارن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا وڃن. جيئن ملڪ مان فرار نه ٿي سگهن. جوابدارن خلاف ايف آ اي ۾ پڻ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪرائيم سرڪل ايف آ اي جي ملازم غلام اڪبر سومري جي فرياد تي فراڊ ۽ ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جوابدارن تي 2 ارب 37 ڪروڙ جي ڪرپشن جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. تابش شاهه ها ڪورٽ حيدرآباد مان اڳ ۾ ضمانت ڪرائي هئي، جڏهن ته سنڌ حڪومت طرفان جوڙيل ڪميٽي پڻ پهچي ڊي سي هائوس مٽياري ۾ 6 ڪلاڪ پڇا ڳاڇا ڪئي آهي. ڪرپشن جي ڪيس ۾ گرفتار هڪ جوابدار لينڊ اڪيوزيشن آفيسر منصور عباسيءَ جي نشاندهيءَ تي 42 ڪروڙ اينٽي ڪرپشن هٿ ڪري ورتا آهن.
ڪرپشن جي جاچ ڪرڻ سٺو عمل آهي پر ڪرپشن جي داخل ڪيسن ۽ ريفرنس کي ڏسنداسين ته ڪورٽن ۾ اهي ڪيس ڪيترن ئي سالن کان التوا جو شڪار آهن. جنهن مان هڪ مثال سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ٿيل ڪرپشن جي سلسلي ۾ ڏسي سگهون ٿا. گذريل ٻن سالن کان اينٽي ڪرپشن حيدرآباد جي عدالت ۾ اهو ڪيس هلندڙ آهي. جنهن ۾ اڳوڻي وائيس چانسلر سنڌ يونيورسٽي فتح محمد برفت سميت 67 ماڻهو نامزد آهن، حيدرآباد ۾ صوبائي وزير ڄام خان شورو، سندس ڀا ڪاشف شورو سميت ٻِين روينيو عملدارن مٿان آبپاشي کاتي جي 20 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري سي اين جي پمپ ۽ ٻيون عمارتون ٺاهڻ جو نيب وٽ ريفرنس داخل ٿيل آهي. اهو ڪيس پڻ هلندڙ آهي.
زراعت کاتي ۾ سوين ٽريڪٽرن جي خريداريءَ جي مد ۾ ڪرپشن ڪرڻ جو ڪيس پڻ هلندڙ آهي. نيب ڪورٽ ۾ گورک هل اسٽيشن جي فنڊَن ۾ ڪرپشن ڪرڻ جو ڪيس پڻ اڃا هلندڙ آهي. حيدرآباد جي ناڻي کاتي واري آفيس ۾ اربين روپين جي ڪرپشن ۾ ڪامورن، سندن زالن ۽ ٻين خلاف پڻ ڪيس داخل آهن. جنهن ۾ هڪڙا فوت ٿي ويا، ٻيا جيل ۾ پيل آهن. ان جو ڪيس پڻ نيب عدالت ۾ اڃا تائين هلندڙ آهي. وزير اعلى پرائيوٽ سيڪريٽري سليم باجاري خلاف ڪرپشن جو ڪيس پڻ نيب ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي. ڪرپشن ۽ رشوت جو ڪيس روز داخل به ٿين ٿا. سرڪار جو ڪنهن نه ڪنهن اداري ۾ ڪرپشن جو قصو سامهون ايندو رهندو آهي. هي ته رڳو ايم 6 موٽر وي جو اسڪينڊل سامهون آيو آهي. نيب ۽ اينٽي ڪرپشن پنهنجي ڪيس جو دائرو وسيع ڪن ته الائي ڪيترا ماڻهو، ادارا ۽ ڪامورا پڪڙ ۾ اچي ويندا. جنهن جاچ ۾ سياسي پٺڀرائي به سامهون پئي ايندي. جيتوڻيڪ هر ڪرپشن جي ڪهاڻي ايتري سادي نه هوندي آهي. پر ان جا پيرا کڻڻ ئي جاچ آفيسر جو ڪم هوندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button