صفدر زيديءَ جو لکيل ناول “بنت داهر” ڪجهه وقت کان سنڌ ۾ بحث جو موضوع بڻيل آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ عبدالمومن ميمڻ “سنڌ ڪماري” جي نالي سان پڻ ترجمو ڪيو آهي. ناول پڙهڻ کان پوءِ ڪن پڙهندڙن/ليکڪن جو خيال آهي ته ناول نگار سنڌ جي تاريخ سان هٿ چراند ڪئي آهي. هن سنڌ جي تاريخ کي چٿڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ته سنڌ جي تاريخ ناول جي ابتڙ آهي. راجا ڏاهر جي ڌيءَ سوريا ديويءَ جي ڪردار کي هڪ طوائف جي ڪردار ۾ پيش ڪيو ويو آهي. جنهن ڪري ليکڪ ڪردارن سان نا انصافي ڪئي آهي ۽ هن عربن جي حمايت ۾ اهو ناول لکيو آهي.
صفدر زيديءَ جو هي ٻيو ناول آهي، ان کان اڳ ۾ سندس ناول “ڀاڳڀري” ڇپجي چڪو آهي. جيئن ته “بنت داهر” سنڌ جي حوالي سان هڪ اهم موضوع تي آهي، اهو ناول سنڌي اديبن جي بحث جو موضوع ان ڪري به بڻجي ويو آهي جو راجا ڏاهر سنڌ جو هيرو آهي، نه فقط راجا ڏاهر پر سندس نياڻيون به سنڌي قوم لاءِ سورميون آهن، جيڪي جلاد ۽ حملي آور عربن جي ظلم جو شڪار ٿيون هيون. تاريخي موضوع تي جڏهن به ناول لکيو ويندو آهي ته ان ۾ واقعا ۽ ڪردار ته ساڳيا رکي سگهجن ٿا پر ڪردارن جا جنسي، سماجي ۽ نفسياتي معاملا ساڳيا نٿا رکي سگهجن. ڇاڪاڻ ته اهو افسانوي ادب آهي، تنهنڪري هڪ ڪهاڻيڪار ڪردار کي ڪئين قسم جا روپ ڏئي سگهي ٿو. سنڌ ۾ راجا ڏاهر تي ان کان اڳ ناول موجود آهن. جن ۾ خليق مورائيءَ جو پهريون ناول ‘سُندري’ آهي، جيڪو تاريخي ناول آهي ۽ عربن هٿان 712ع محمد بن قاسم جي اڳواڻيءَ ۾ ٿيل فتح ۽ برهمڻ گهراڻي جي شڪست جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. هن ناول ۾ ان دور جون ريتون رسمون، تمدن، سماجي اخلاق ۽ انساني جذبن کي به اُجاگر ڪيو ويو آهي. ‘سَتيءَ جي سيتا’ خليق مورائيءَ جي ناول ‘سُندريءَ’ جو ٻيو حصو آهي، جيڪو تاريخي تسلسل ۾ لکيل آهي. هن ناول ۾ راجا ڏاهر ۽ راجا ڏهرسين کانپوءِ وارا دور ڏيکاريا ويا آهن. ان کان سواءِ نوجوان ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ڪليم ٻٽ جو “ڏاهر” جي نالي سان ناول لکيل آهي. جڏهن ته ناول نگار ۽ ڪهاڻيڪار رسول ميمڻ جو به “اڻويهه عورتون” جي نالي سان ساڳي موضوع تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ناول لکيل آهي.
صفدر زيديءَ جي ناول جي شروعات دمشق ۾ موجود خليفي وليد عبدالمالڪ ۽ حجاج بن يوسف جي ڳالهه ٻولهه سان ٿئي ٿي، جتي سنڌ جي حملي جي رٿابندي ڪئي وڃي ٿي ۽ اهو فيصلو ٿيندو آهي ته سنڌ ۾ موجود خزانن کي عرب آندو ويندو. اهڙي ريت ابو يزيد ۽ هشام کي سنڌ تي حملي لاءِ تيار ڪيو وڃي ٿو. ان حملي ۾ تازو سامايل محمد بن قاسم به شامل هوندو آهي، جيڪو جنگ جي طور طريقن کان ايترو واقف ناهي پر کيس جنگي مشقن وسيلي تيار ڪيو وڃي ٿو ته جيئن هو جنگ جي ميدان ۾ پنهنجي بچاءُ طور تلوار بازي ڪري سگهي. جيئن ته سنڌ ۾ ڪجهه عرب اڳ ئي موجود هئا، جيڪي پنهنجن قبيلائي جهيڙن سبب سنڌ ۾ پناهه وٺن ٿا. انهن کان پلاند وٺڻ جي باهه ثقفين جي اندر ۾ ٻرندي پئي آهي، ان ڪري انهن کي سبق سيکارڻ ۽ راجا ڏاهر کان سنڌ جي حڪمراني کسڻ لاءِ عرب حملي آور مڪمل تياريءَ سان مڪران پهچي سنڌ جو خزانو لٽڻ لاءِ پهچي وڃن ٿا ۽ اهي بنهه سولائيءَ سان سوڀارا ٿين ٿا. جتي مندرن جون مورتيون ڀڃي انهن مان خزانو لٽي انهن کي مسجدن ۾ مٽايو ٿو وڃي.
اهڙي ريت مختلف علائقا فتح ڪندا اهي راجا ڏاهر سان جنگ جوٽين ٿا. جنگ جي ميدان ۾ راجا ڏاهر هاٿي تي ويٺل آهي ۽ تير لڳڻ سبب مارجي ٿو وڃي. جنهن کان پوءِ سنڌ جي فتح جو اعلان ٿئي ٿو. راجا ڏاهر جي سسي لاهي دمشق موڪلي ٿي وڃي ۽ اهڙي ريت محمد بن قاسم سنڌ جو وارث ٿي ٿو وڃي. راجا ڏاهر جي ڌيءَ سوريا ديوي محل ۾ قيد ٿي ويندي آهي ۽ بن قاسم جي چوڻ تي هن جي جاءِ تي هڪ ٻي ٻانهي خليفي ڏانهن موڪلي ٿي وڃي. ائين سوريا ديوي ۽ محمد بن قاسم کي شروع ۾ نفرت جي نگاهه سان ڏسي ٿي ۽ پوءِ آهستي آهستي اها هن جي ويجهو ٿيڻ لڳي ٿي. هن جي قربت ماڻي ٿي. هن کي يوگا جا آسڻ سيکاري ٿي. ان کان سواءِ بن قاسم جي سيڪس بابت تربيت پڻ ڪري ٿي. ناول نگار سوريا کي مذهبي، جنگي ۽ جنسي موضوعن تي بنهه گهڻو ڏاهپ وارو ڏيکاريو آهي، هن جي ڀيٽ ۾ بن قاسم ٻالو ڀولو نظر اچي ٿو. ائين ٿو محسوس ٿئي ته هن کي دنيا جهان جي خبر ناهي ۽ اهڙي ريت جنسي لذتون ماڻڻ لاءِ به راجڪماري سندس تربيت ڪري ٿي. هوءَ عملي طور اهو سڀڪجهه ڪري ٿي، جيڪو هڪ نوجوان ڇوڪري ڪنهن مرد سان پيار جي معاملي ۾ ڪرڻ چاهيندي آهي.
هونئن ته هڪ حملي آور ۽ ڪنهن ڇوڪريءَ کي يرغمال ڪندڙ سان پيار ٿيڻ، ان کي پنهنجو جسم آڇڻ ۽ سيڪس جون سڀئي حرڪتون ڪرڻ حقيقي طور ذهن قبول نٿو ڪري پر نفسياتي طور ان کي “اسٽاڪ هوم سينڊروم” چيو ويندو آهي، جنهن ۾ مغوي کي پنهنجي اغوا ڪار سان پيار يا همدردي ٿي ويندي آهي ۽ هو ان سان هڪ اهڙي جذباتي لڳاءُ ۾ وقت گذارڻ لڳندو آهي، جنهن کان پوءِ اهو احساس ختم ٿي ويندو آهي ته هن کي ڪنهن اغوا به ڪيو آهي. هنن ٻنهي ڪردارن جي ڪيمسٽري به اهڙي ريت ناول ۾ پيش ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن فرض به ڪجي ته اها راجڪماريءَ جي سازش آهي ۽ هوءَ بن قاسم لاءِ ڪو ڄار اڻي رهي آهي پر بظاهر ناول نگار بهتر نموني پيش نه ڪري سگهيو آهي. ڇاڪاڻ ته بن قاسم هن جي سحر ۾ ايترو ته گم ٿيل نظر اچي ٿو جو هو سنڌ ڌرتيءَ جو وفادار ٿيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو. پر هڪ حملي آور ايترو رحمدل آهي جو پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو وڃي. جڏهن ته کيس انجام جي به خبر آهي.
ناول ۾ دمشق جون محلاتي سازشون پڻ ڏيکاريو ويون آهن، جڏهن خليفي کي زهر ڏنو وڃي ٿو ۽ ان سازش پويان حجاج هوندو آهي. پر جڏهن ان سازش جي خبر خليفي کي پوندي آهي ته هو حجاج کي زهريلا انجير کارائيندو آهي ۽ زهر جسم ۾ ڦهلجي وڃڻ ڪري کيس ايترو سيءُ لڳندو آهي جو باهه جا مچ ٻارڻ کان پوءِ به سيءُ گهٽ ناهي ٿيندو ۽ حجاج پنهنجي ڏاڙهي ۽ وار پٽيندي مري ويندو آهي. اهڙي ريت سڄي محلاتي انتظاميه تبديل ٿي ويندي آهي ۽ بن قاسم کي به سنڌ جي محل مان سوگهو ڪيو ويندو آهي، جتي سوريا ديوي بوڙينڊو وڄائيندي سنڌو درياهه ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيندي آهي.
صفدر زيدي جهڙي ريت ناول ۾ محلاتي سازشن کي پيش ڪيو آهي. عربن جي ڪردار ۽ انهن جي ٻين قومن ڏانهن ارادن کي پيش ڪيو آهي، اهو سٺو آهي، پر ناول ۾ ڪردارن جو اڀار بهتر نموني نه ڪري سگهيو آهي ۽ ان کان سواءِ هن وٽ افسانوي رنگ نظر نٿو اچي. ناول پڙهڻ وقت ائين محسوس ٿئي ٿو ڄڻ ماڻهو تاريخ تي لکيل ڪو نثري ڪتاب پڙهندو هجي. بن قاسم هڪ يتيم ٻار آهي پر هو يتيم ڪيئن ٿيو، ان جي ڪا خبر ناهي؟ ڪو پسمنظر ڪونهي ڄاڻايل. جڏهن راجا ڏاهر جنگ جي ميدان ۾ لهي ٿو ته اهو سين ايترو تڪڙو ڏيکاريو ويو آهي جو لڳي ئي نٿو ته هو ڪو تياريءَ سان جنگ جي ميدان ۾ لٿو آهي، جڏهن ته هو پنهنجي فوج جو ڪمانڊر هوندو آهي. ان کان سواءِ جيسئن جو ڪردار گم لڳو پيو آهي، جيڪو عرب حملي آورن خلاف هڪ وڏو مزاحمتي ڪردار هو. سنڌ فتح ٿيڻ کان پوءِ اتي موجود عوام به ڪجهه ڳالهائيندو هوندو، نوان حاڪمن لاءِ ڇا ٿو سوچي، اهڙو ڪوبه ذڪر ناول ۾ ڪونهي. انهن جي ڏکن سورن جو ڪو بيان ناول ۾ موجود ڪونهي. صفدر زيدي ڊائيلاگ وسيلي ڪهاڻيءَ کي اڳيان وڌائيندي نظر اچي ٿو پر هن وٽ بيان وسيلي ڪهاڻيءَ کي اڳيان وڌائڻ جو هنر ناهي. ان کان سواءِ منظر نگاري به نه هئڻ برابر آهي. ڇاڪاڻ ته سندس لکڻ ۾ افسانوي سونهن ڪونهي. ان ڪري ناول پڙهڻ وقت اهو احساس ٿئي ٿو ته هو تاريخ بيان ڪرڻ ٿو چاهي.
جتي جتي محمد بن قاسم ۽ راجڪماريءَ ۾ مذهبن ۽ سنڌ ڌرتي بابت بحث ٿين ٿا. انهن بحثن مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته اهي ڪنهن سيکڙاٽ شاگرد لاءِ بهتر آهن پر هڪ ميچوئر پڙهندڙ لاءِ اهي بحث ايترا سگهارا يا ڄاڻ وارا نه آهن. انهن بحثن تي هو ڪيترائي باب لکي ويو آهي. جڏهن ته راجڪماريءَ جو ڪردار بن قاسم جي حاوي آهي. ناول جي ڪهاڻيءَ کي رڳو محل جي اندرين پسمنظر تائين محدود رکيو ويو آهي، محلن کان ٻاهر ڇا ٿي رهيو آهي، اتي گهڻو ڪجهه هوندو، اهو سڄو منظر ناول مان گم لڳو پيو آهي.
جيستائين راجڪماري ۽ بن قاسم جي جنسي لاڳاپن جو معاملو آهي ته اهي منظر صفدر زيدي ڏاڍا بهترين چٽيا آهن. هو انهن منظرن کي بيان ڪرڻ ۾ نڀائي ويو آهي. پر ان کي غيرت جو معاملو نه سمجهڻ گهرجي. شايد اسان جا پڙهندڙ اهو سمجهن ٿا ته راجڪماري جنسي لاڳاپا نٿي رکي سگهي يا کيس جنسي طلب نه ٿيندي هوندي.
ناول وسيلي ري ٽيلنگ جو آرٽ ئي اهو آهي ته ڪوبه ناول نگار ڪردار کي ڪنهن ٻئي زاويي سان پيش ڪري سگهي ٿو. ادب جي دنيا ۾ هن وقت متبادل تاريخ جي سري هيٺ ناول لکيا پيا وڃن. اها ناول وسيلي هڪ اهڙي تاريخ آهي، جيڪا اسان کي تاريخ جي ڪتابن ۾ نٿي ملي. ان کان سواءِ اهو ياد رکڻ گهرجي ته افسانو ڪو تاريخ جو ڪتاب ناهي. ان ۾ هڪ گهڙيل ڳالهه هوندي آهي. جيڪا ڪهاڻيءَ جي روپ ۾ پيش ڪئي ويندي آهي، جيڪڏهن ان کي به تاريخي انداز ۾ پيش ڪيو ويندو ته پوءِ تاريخ ۽ افساني ۾ فرق ئي نٿو ڪري سگهجي. تنهنڪري صفدر زيديءَ جي ناول جي ٽڪنيڪ يا ان ۾ موجود فني پاسن جي اوڻاين کي بيان ڪري سگهجي ٿو پر افسانوي ادب کي تاريخ جي ڪسوٽيءَ تي پرکڻ ناجائزي آهي ۽ ان کي تاريخ سان هٿ چراند نٿو چئي سگهجي. ڇاڪاڻ ته ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار کي افسانوي آزادي (فڪشن فريڊم) مليل هوندو آهي.