ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

موت جو ڪارڻ ٿيندڙ مسافر بسون

Editorial

سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ کاتو ڪهڙي ريت مسافرن لاءِ موت جو سامان فراهم ڪندو رهندو آهي، ان کان سڀ سنڌ واسي واقف آهن. بنا فٽنيس سرٽيفڪيٽ واريون بسون ۽ گاڏيون روڊن تي هلنديون رهنديون آهن، جن کان ڪو پڇاڻو نه ڪيو ويندو آهي، نتيجي ۾ مسافرن جون حياتيون سدائين خطري ۾ رهنديون آهن، اهڙي ريت روڊ حادثن ۾ ماڻهن جو مرڻ توڙي معذور ٿيڻ جو سلسلو هلندڙ آهي پر ڪڏهن به ان پاسي ڌيان نه ڏنو ويندو آهي ته هڪ شهر کان ٻئي شهر ويندڙ مسافر بسن ۽ گاڏين کي بهتر ڪيو وڃي، انهن کي ايترو محفوظ ڪيو وڃي جو مسافر آرام سان ۽ بنا ڪنهن خطري جي سفر ڪري سگهن. نتيجي ۾ نه رڳو سنڌ ۾ حادثن جو سلسلو بند نه ٿي سگهيو آهي پر ڊرائيورن ۽ بس مالڪن جي هڪ هٽي کي به ٻنجو نه اچي سگهيو آهي. پراڻيون بسون جيڪي سالن کان روڊن تي هلي رهيون آهن، اهي مسافرن کي موت جي منهن ۾ وجهي رهيون آهن. پر ڇا ٽرانسپورٽ کاتي جي اها ذميواري ناهي ته اها انهن بسن جي سٺي نموني چڪاس ڪري ۽ ماڻهن کي ڪنهن به ريت حادثن جو شڪار نه ٿيڻ ڏئي. ڪالهه به هڪ اهڙي ئي خبر رپورٽ ٿي آهي، جنهن ۾ ٽن سالن جي ٻارڙي حادثي جو شڪار ٿي مري وئي آهي.

خبر موجب مقصودو رند لڳ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، مسافر بس جي لاپرواهي سبب شاھپورچاڪر-مقصودو رند روڊ تي ڳوٺ مراد علي رند اسٽاپ وٽ مسافر بس شھدادپور کان 22 چڪ وڃي رھي ھئي ته بس ھيٺان چادر ٽٽڻ ڪري ٽن ورھين جي نينگري انيلا سولنگي ڌي رحمان سولنگي هيٺ ڪري ٽائرن ھيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي وئي. پوليس اطلاع تي پھچي فوتي نينگريءَ جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو. پوليس بس کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور محمد شريف مگسي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، حادثي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. جيڪڏهن بس جي چادر ٽٽڻ سبب هي حادثو پيش آيو آهي ۽ ان ۾ بنهه ننڍي ڄمار جي نينگري فوت ٿي وئي آهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته اها لاپرواهي بس مالڪ جي آهي، جيڪو اها بس هلائي رهيو هو ۽ مسافرن جون زندگيون رسڪ تي رکندو پئي آيو. جيڪڏهن اها بس سٺي حالت ۾ هجي ها، بس جي چادر مضبوط هجي ها ۽ بس جي مرمت جو خيال رکي وڃي ها ته ٻارڙي بس مان هيٺ ڪرڻ کان بچي وڃي ها پر اسان وٽ سڀڪجهه رب جي رضا سمجهيو ويندو آهي ۽ پنهنجي ذميواري ڪونه کنئي ويندي آهي، نتيجي ۾ نه رڳو حادثا ٿيندا رهندا آهن پر انهن حادثن کي گهٽائڻ جو ڪو به بندوبست نه ڪيو ويندو آهي. ٽرانسپورٽ کاتو اهي انگ اکر هر مهيني جاري ڇو نه ٿو ڪري ته ان ڪيترين بسن جي فٽنيس چيڪ ڪئي آهي ۽ ڪيتريون بسون فٽ نه هجڻ ڪري فٽنيس سرٽيفيڪٽ کان محروم لڳيون پيون آهن. پر اهڙا انگ اکر ان ڪري به پيش نٿا ڪيا وڃن جو ٽرانسپورٽ کاتو پاڻ اهڙين مسافر بسن کي فٽ قرار ڏيندو آهي، جيڪي فٽ نه هونديون آهن جنهن ڪري مسافرن جون زندگيون ضايع ٿي رهيون آهن. هر شهري آرمده ۽ محفوظ سفر ڪرڻ چاهي ٿو، اهو چاهي ٿو ته هو هر حال ۾ پنهنجي منزل تي بنا ڪنهن حادثي جي پهچي پر اهو تڏهن ممڪن آهي، جڏهن مسافر گاڏيون احتياط سان هلايون وڃن ۽ انهن جي فٽنيس بهتر هجي پر هتي ته معاملو ئي ابتو لڳو پيو آهي، نه بسون فٽ آهن ۽ نه سفر محفوظ آهي.
اسين سمجهون ٿا ته هي هڪ پاسي ته بس مالڪ ۽ ڊرائيور جي ڪوتاهي آهي پر ٻئي پاسي ٽرانسپورٽ کاتي جي به ڪوتاهي آهي، جنهن جي ڪري ٻارڙي بس مان ڪري فوت ٿي وئي آهي. سنڌ ۾ جيڪي به بسون خراب حالت ۾ آهن، انهن ۾ سفر ڪرڻ تي بندش وڌي وڃي ۽ اهي سڀ بسون ٽرانسپورٽ کاتو پنهنجي تحويل ۾وٺي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button