ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مُند – ڪَٿا

Editorial-Article- Irshad Leghari


ڪالھه آشرم ۾ هيلوڪي سياري جو پهريون مچ ٻاري، ايندڙ مُند جي آجيان ڪئي وئي. آشرم ۾ اهو ورهين کان دستور هلندو ٿو اچي ته جڏهن به مُند مٽبي آهي، تڏهن هر ڀِڪشُو کي ساڌو ڪا نئين ڳالھه، ڪا نئين ڪٿا ۽ قصو سنگ ۾ بيان ڪرڻ لاءِ چوندو آهي ۽ جيئن ته آشرم جا سمورا سنگي انهي دستور کان واقف آهن، تنهن ڪري ڪالهوڪي مچ واري رھاڻ لاءِ پڻ هر ڪنهن وٽ پنهنجي پنهنجي حساب سان نئين ڪٿا موجود هُئي. بس پوءِ مچ ٻري ڀڀڙ ٿيو ته ساڌو چوڻ لڳو:
اڄ ڀلا ڪهڙو سُهڻو ٿو سنگين سان اول رهاڻي ٿئي؟
ساڌو جي اهڙي سوال تي سڀني سَنگين سدائين جيان هيل به هِن ڏانهن جو نهارڻ شروع ڪيو ته ڳالھه هِن کي ئي شروع ڪرڻي پئجي وئي ۽ هن پنهنجي ڳالھه هيئن شروع ڪئي.
گُرو!! هيلوڪي مُند – ڪَٿا جي ڳولا ۾ ڳليون رُلندي، تنهن ڏينهن وڃي پنهنجي وستي واري انهي پُراڻي ڀِڙي تي نِڪتس، جنهن وستي ۾ اهو مشھور آھي ته اهو ڀِڙو ڳرو آهي، تنهن ڪري ان پاسي وس پُڄندي نه وڃڻ گهرجي. پر توهين ته ڄاڻو ٿا جو سموريون رحماني توڙي عزازيلي ڪيفيتون ماڻهو جون پنهنجون آهن، مِٽي ته ماءُ آهي، سو اها ڳري ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ ۽ ٻيو اهو ته ان ماءُ مِٽي جا سموري جهان ۾ جيڪي به پُراڻا ڀِڙا آهن، سي ته ڀاڳوندن سان ڪلامي ٿيندا آهن. تنهن ڪري منهنجو به جيئن ئي وستي واري پُراڻي ڀِڙي پهچڻ ٿيو ايئن لڳو ڄڻ اڳي ئي ان ماڳ کي منهنجي اچڻ جو اطلاع مليل هو. جتي هڪ هڪ ڳريل سِر ۽ وکريل ٺِڪرن ۾ نياپو موجود هو. هرڪا شئي ڳالهائي رهي هئي. آئون ڀِڙو ڀيٽيندو ڀيٽيندو اوچتو جو ڏِسان ته ڀِڙي جي وچ واري ٿلهي تي هڪ ڀڀوتيل حال همراھه ويٺو ٿو پنهنجي مُنهن ڳالهائي. ظاهر ۾ ان فقير جي سامهون ٻُڌڻ وارو ته ڪوبه نه هو پر سندس گفتگو جي گهرائي مان محسوس ايئن پئي ٿيو ته سمورا زمان و مڪان هُن کي ئي ٻُڌي رهيا هئا.
مون ويجهو وڃي فقير کي هٿ ادب جا ٻڌي پرنام ڪيو ۽ ماٺ ڪري سندس پاسي ۾ ٿوري وِٿي رکي وڃي ويٺس. منهنجي پهچڻ کان اول فقير ڇا پئي ڳالهايو، تنهن جو ته پتو ڪونهي، باقي آئون جيئن ئي پهتس ته ڪجھه گهڙيون ماٺ ڪري، فقير هيئن ڳالهائڻ لڳو:
تون جيڪڏهن مون بابت ڄاڻڻ چاهين ٿو ته پوءِ ٻُڌ!! منهنجا هيل تائين جا سمورا جنم
ڏندڪٿائن سان ئي جڙيل رهيا آهن
تنهن ڪري مون کي اهي ماڻهو
پنهنجا مِٽ محسوس ٿين ٿا
جيڪي پِپَر ۾ پرميشور پسن ٿا
تُلسي، ڪنول ۽ پلاس کي مقدس مڃين ٿا
آئون انهن راڳين سان به رُليو آهيان
جيڪي گواليار جي گدامرين جا پَن
ان عقيدي سان چٻاڙيندا رهيا
ته جيئن کين سُر ۽ سوز عطا ٿئي.
ها، سوز و گداز جو اهو عظيم مرتب
جن مان هڪ دور حضرت دائود جو به هو
چون ٿا ته بني اسرائيل جي بادشاهه سائول کي
جڏهن به بدروح بيزار ڪندا هئا
تڏهن هو حضرت دائود کي سڏ ڪندو هو
جنهن جي سوز ۽ ساز مان
کيس پناھه جو احساس نصيب ٿيندو هو
۽ آئون ان سوز سان سلهاڙيل آهيان
۽ هي جا منهنجي روڏ آهي
سا به اڄ جي ناهي
هي ته يوناني رياست ٿيباس جي
مارجي ويل سردار پائيڊس جي
سوڳوار سپاهين کان به اڳ جي آهي
ايئن قديم عراق جي بابلي جادوگرن سان پڻ
منهنجي ڄاڻ سڃاڻ رهي آهي
تنهن ڪري، ها تنهن ڪري
منهنجي لاءِ قديم توڻي جديد جادوگري ۾
ڪوبه فرق ناهي
پوءِ ڀل اها جادوگري ڪهڙي به علم جي صورت ۾ هجي
اها مون مان ئي آهي
جو آئون ڏند ڪٿائي قافلي جو
اهو ديرو آهيان
جنهن جي دونهين ڪالهھ به دُکي ٿي
ته اڄ سڀاڻ به ان جي سُهائي رهڻي آهي
سو ان ڪري آئون
جيئن آهيان تيئن آهيان
پنهنجي يار جي ڪري
پنهنجي پيار جي ڪري…….!!
ڀڀوتيل حال فقير جي اها ڳالھه ٻُڌڻ سان منهنجن ڪنن ۾ صدين جا پڙاڏا گونجڻ لڳا. مون سوچيو ته هنن جديد دور ۾ اها ڏند ڪٿائي ڪيفيت محسوس ڪرڻ وارا ڪيترا بچيا هوندا؟ ۽ اها ڳالھه جيڪڏهن آئون پنهنجي دُکي ديس جي انهن ماڻهن کي ٻُڌايان، جيڪي محڪومي جي بي انتها بار هيٺان دٻيل آهن، ته اسان جو پيڙيل طبقو، فقير جي انهي ڳالھه مان ڪو اتساهھ حاصل ڪري به سگهندو؟ آئون پنهنجي پر ۾ اڃان انهي ويچار ۾ ئي هئس ته فقير وري هيئن ڳالهائڻ شروع ڪيو:
توھين اسان کي نٿا هارائي سگهو
ڇو ته اسان وٽ خواب آهن
هو ڏِسو!!
کنڊر بڻجي ويل بستي
توھين بس ايئن اجاڙي ئي ٿا سگهو نه؟
پر پريان هو به ته ڏِسو
ڳاڙهي گُلاب جهڙو ٻالڪ
جيڪو پنهنجي ڊٺل گهر جي ملبي مان
پنهنجي شهيد ڀاءُ جو سُرخ رومال
۽ غُليل کنيو پيو اچي
۽ هو پهاڙي پيچرن وارو ريڍار
جيڪو اڃا تائين توهان آڏو
پيش پوڻ کان انڪاري آهي
ها اهو انڪار!!
آجپي جي خواب ۾
اسان جي ويساهه جو نتيجو ئي ته آهي
۽ هو پورهيت جو مُترڪو
جنهن کان توهان جو ساھه ٿو وڃي
اسان جي وڏي سگھه آهي
ياد رکو!!
اهو چيني مزدور به اسان جي ئي سنگ مان ته هو
جنهن عوامي جاڳرتا لاءِ
انقلابي اخبار وڪڻندڙ
هڪ ڪامريڊ جي هٿ تي
سڄي ڏينهن جي ڪمائي رکندي چيو هو
“اهڙيون ٻيون اخبارون به ڪڍو”
ساڳي ريت پنهنجو کَرو بچائڻ لاءِ
مائي بختاور پاران کنيل ٻِيانو
اڄ به اسان جو هٿيار آهي
هي سموري دنيا اسان جي آهي
هي ڍنڍون، ڍورا، پکي پسون
درياھه، سمنڊ، ٻيلا ۽ ڌڻ
سڀ اسان جا آهن
اسين جيڪي وڻجارڪو گيت آهيون
سِر گهور سامونڊين جي رِيت آهيون
ڇُلي، ڇولين ۾ جيئون ٿا
ٻاٻاڻين ٻولين ۾ جيئون ٿا
تنهن ڪري، ها تنهن ڪري
توھين اسان کي نٿا هارائي سگهو
ڇو ته اسين اڄ به خواب ڏسون ٿا
ها آجپي جو اهو خواب
جنهن ۾ هڪ ڏينهن هي ساري ڌرتي
ڌاڙيل، ڌنوان ۽ قابض قوتن لاءِ
ٽامو بڻبي
سج نيزي پاند نظرندو
ٻيلو ٻُرندو.
بس گُرو!! فقير اهڙي ڳالھه ڪري منهنجا اهي سمورا گُمان لاهي ڇڏيا ته آئون هن ڀِڙي تان واپسي تي، پنهنجي دُکي ديس جي ماڻهن لاءِ آخر ڪهڙو نياپو کڻي ويندس. هاڻ مون کي پنهنجن ماڻهن کي اهو ٻُڌائڻو آهي ته آجپي جي خواب جي آبياري ڪندا رهو. اول آخر فتح حق جي ٿيندي.
بس هن پنهنجي اها نئين مُند ڪٿا سنگين سان سَلي بس ڪئي ته ساڌو چيو:
ساز سڌا ڪريو ۽ مچ ڀڙڪايو. ٻيون ڳالهيون هاڻ سُڀاڻي ٿينديون. ساز سِڌا ٿي ويا ۽ ويراڳي فقير محمد سائين کٽياڻ جي هي ڪافي چوڻ شروع ڪئي.
شاھه عنايت صوفي وانگي
نيزي سِرڙا چڙهاوين
هٿ لاوين پِڇي عشق آفات نُون

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button