ڊسمبر جي ايندي معلوم ناھي تھ سوشل ميڊيا تي غمگين شاعري ڇو شروع ٿي ويندي آھي؟ مون کي اھا بھ خبر ناھي تھ ڊسمبر جي حوالي سان اھا پروپيگنڊا ڇو ڪئي ويندي آھي تھ ڊسمبر ستمگر آھي؟ ڊسمبر ۾ سيءَ ڪجھھ سرس ھوندو آھي ۽ اھا بھ حقيقت آھي تھ سردين ۾ گھڻو ڪري پوڙھا ماڻھو سيءَ جي سٽ نھ جھلڻ سبب اسان کان موڪلائي ويندا آھن. پر ان جو اھو مطلب ناھي تھ اسان ھن حسين ۽ خوبصورت مھيني جي مٿان ستمگر ھجڻ جي تھمت مڙھيون ۽ اھو چئون تھ ان مھيني ۾ اسان کي تمام گھڻي اداسي محسوس ٿئي ٿي. مون کي تھ اھڙي ڪا ڪيفيت محسوس نھ ٿي آھي، جنھن جي ڪري مان ھڪ بھتر مند جي مھيني جي مٿان ان قسم جو الزام ھڻان. ان جي ابتڙ حقيقت آھي تھ ان مھيني ۾ ماڻھو گرمين جي موسم کان بچي ڪجھھ وقت لاءِ ھڪ بھتر موسم ماڻيندو آھي. اسان کي ان مھيني جي سلسلي ۾ پنھنجي سوچ کي تبديل ڪرڻ گھرجي. جيڪڏھن اسان ان طرح سان سوچيندا رھياسين تھ اسان قنوطيت پسند ٿي وينداسين.
انسان کي ھر مھيني ۾ فطرت جو الگ حسن ڏسڻ گھرجي. ڇو تھ سردين ۾ ھڪ الڳ حسن ھوندو آھي ۽ گرمين ۾ الڳ حسن ھوندو آھي. سنڌ گرم خطو آھي پر ان جو الڳ خوبصورت منظر آھي. پر ان جو مطلب اھو ناھي تھ صرف گرم علائقن ۾ ئي حسن ھوندو آھي. حقيقت اھا آھي تھ سرد علائقن ۾ حسن جا منظر گرم علائقن کان ڪجھھ سرس ھوندا آھن. سرد موسم پھاڙن جي آس پاس سخت ٿي ويندي آھي. اسان جيڪڏھن بلند پھاڙن جي مٿان سفيد برس جا منظر ڏسون تھ اسان ۾ ھڪ الڳ مسرت جنم وٺي ٿي. مون کي ذاتي طور تي ٿڌ وڌيڪ وڻندي آھي. مان سرد علائقن جو سفر ڪندو آھيان ۽ اتي جيڪو حسن آھي، ان کي بيان ڪرڻ لاءِ سچ پچ تھ مون وٽ اھي مناسب لفظ ناھن، جن کي پيش ڪري انھن منظرن سان انصاف ڪري سگھجي. اسان کي انصاف جي سلسلي ۾ بھ گھڻو ڪجھھ سوچڻ ۽ سمجھڻ گھرجي. انصاف صرف اسان جي پسند ۽ ناپسند جو محتاج نھ ھوندو آھي. اھو انصاف ئي ھوندو آھي، جيڪو شين ۽ معاملن کي مناسب توازن بخشيندو آھي ۽ اسان جي معرفت ھڪ بھتريءَ کي پسندا آھيون. اسان کي ان بھتريءَ مان ھڪ بھتر معاشري جي اميد ملندي آھي. اھا تمام ضروري ڳالھھ آھي تھ اسان ڪنھن بھ طرح سان اھڙو ڪم نھ ڪيون يا اھڙي ڪم کي پسند نھ ڪيون، جيڪو انصاف پسنديءَ جي پٺي ڏئي. جيڪو اسان کي ان طرف وٺي وڃي، جنھن طرف انسانيت سان ظلم ٿيندو ھجي. اسان کي اھڙي ڪنھن بھ خيال ۽ اھڙي ڪنھن بھ تصور کي ڪنھن بھ طرح معاشري جي مٿان مسلط نھ ڪرڻ گھرجي، جيڪو پنھنجي پاڇيءَ ۾ يا پنھنجي نتيجي ۾ اسان کي غيرمھذب ۽ ناانصافيءَ تي مبني اھڙو ماحول عطا ڪري، جنھن ماحول ۾ اسان خوش گذاري نھ ٿا سگھون يا جنھن ماحول ۾ اسان کي خوش گذارڻ نھ گھرجي. ڇو تھ اھو غيرفطري ھجڻ سبب غلط آھي.
فطرت جو اصول اھو آھي تھ ھر اھا شيءَ جيڪا انسانن کي فطرت جي ويجھو ڪري ۽ جيڪا انسانن کي فطرت جو احترام ۽ فطرت سان پيار سيکاري ان کي وڌيڪ اھميت ڏيڻ گھرجي. ان حوالي سان اسان جڏھن مندن ۽ موسمن جو جائزو وٺون تھ اسان کي گرميءَ جي ڀيٽ سرديءَ جي موسم وڌيڪ من پسند محسوس ٿئي ٿي. ھيءَ اھا موسم آھي، جنھن ۾ ماڻھو ھڪ ٻئي جي ويجھو اچن ٿا. ھي اھو مھينو آھي، جنھن ۾ دليون جڙن ٿيون. اھا ٻي ڳالھھ آھي تھ جڏھن تمام گھڻيون دليون جڙنديون ھجن، ان وقت ڪجھھ دليون ٽٽي بھ پون ٿيون. پر اسان کي پوءِ بھ سراسري طور تي اھو ڏسڻ گھرجي تھ ڪھڙي شيءَ جو پسو ڀاري آھي؟
اسان جڏھن ان نظر سان ڏسون ٿا تھ اسان کي فطرت جي سڀ کان سگھاري موسم سياري جي موسم محسوس ٿئي ٿي. ڇو تھ ھيءَ اھا موسم آھي، جنھن ۾ ماڻھو پنھنجي بت کان بيزار نھ ھوندو آھي ۽ ھو ڪنھن نھ ڪنھن طرح سان زندگيءَ جو لطف وٺندو آھي. ھڪ لطيف شيءَ جي سلسلي ۾ اسان کي ھن موسم جو قدر ڪرڻ گھرجي، جنھن موسم جو ھڪ ڀرپور مھينو اھو ڊسمبر آھي، جنھن جي مٿان نھ معلوم ڇو ستمگر ھجڻ جي تھمت لڳل آھي. ان مھل افسوس جھڙي ڪيفيت محسوس ٿئي ٿي، جڏھن اسان فطرت جي ھن موسم جي مٿان اسان جي سوشل ميڊيا تي انتھائي غير شائستا ۽ بنا ڪنھن مطلب يا منطق جي تبصرا پڙھون ٿا. مون کي ھن مھل تائين معلوم ٿي نھ سگھيو آھي ۽ مان سمجھي بھ ناھيان سگھيو تھ آخر ماڻھن کي ڊسمبر جي مھيني ڪھڙي تڪليف پھچائي آھي، جنھن جي ڪري ھو ان تي تنقيد ڪن ٿا ۽ ان کي تڪليف ڏيندڙ مھينو قرار ڏين ٿا. جڏھن تھ ھر حوالي سان حقيقت جي برعڪس آھي. اسان جيڪڏھن پنھنجي ماحول ۽ پنھنجي معاشري جي مسئلن جي حوالي سان بھ ڏسون ٿا تھ اسان کي ڊسمبر ۾ ڪو اھڙو عنصر نظر نھ ٿو اچي جنھن جي ڪري ان کان ڪاوڙ جو اظھار ڪيو وڃي. ڊسمبر ھر حوالي سان ھڪ بھتر ۽ زندگيءَ جو ساٿي ۽ سک ڏيندڙ مھينو محسوس ٿيندو. جيڪڏھن اسان ٻين ڳالھين کي ڇڏي بھ ڏيون تھ پاڪستان ۾ جيڪو لوڊشيڊنگ جو عذاب آھي، جنھن جي ڪري عوام جيئري جھنم ۾ جلي ٿو، ھن جي اھا ڪيفيت ڊسمبر جي مھيني ۾ نھ ھوندي آھي. ھو ان مھيني ۾ تمام گھڻا گرم ڪپڙا پائڻ کان سواءِ بھ ھڪ طرح جي فرحت محسوس ڪندو آھي ۽ ان فرحت ۾ ھن کي زندگي مشڪل ۽ مسئلن سان ڀرپور نھ پر ھڪ مسرت ڀري شيءَ محسوس ٿيندي آھي.
ڊسمبر جي مھيني ۾ جيڪڏھن ڪنھن پورو چنڊ ڏٺو ھوندو تھ ھن کي فطري جماليات جو تمام گھرو احساس ٿيو ھوندو. ھن کي محسوس ٿيو ھوندو تھ فطرت جي حسن کي ھن مھيني ۾ تمام گھڻو وڌائي ڇڏيو آھي. اھو ئي سبب آھي تھ سرد راتين جي چنڊ کي شاعرن تمام گھڻي دلي گھرائيءَ سان پنھنجن شعرن ۾ پيش ڪيو آھي. اسان جي سنڌي شاعريءَ ۾ ڪجھھ بھترين شعر آھن پر اردوءَ جو ھي شعر ھن مھل منھنجي دل تي اڀري آيو آھي:
“اس ليي بھي رات ڪو باھر نڪل آتا ھون مين
سرديون ڪي چاند ڪو احساس تنھائي نھ ھو”
سردين ۾ چنڊ وڌيڪ چمڪندو محسوس ٿيندو آھي ۽ ھن جي ڪشش ۾ تمام گھڻو اضافو اچي ويندو آھي.
سياري جي موسم سنڌ ۾ شادين ۽ وھانون جي موسم ھوندي آھي ۽ رشتا جڙڻ ۽ ماڻھن جو سڱن ۾ سلھاڙجڻ بھ سٺو عمل ھوندو آھي پر سردين کي مان ان حوالي سان نھ ساراھيان. مون کي سرديون ان ڪري وڻنديون آھن جو انھن ۾ ھڪ قسم جي رومانيت ۽ ھڪ طرح جو پيار ھوندو آھي. ان حوالي سان اسان ڊسمبر کي محبت جو مھينو چئون تھ اھو غلط نھ ٿيندو. ڇو تھ ھن مھيني ۾ ماڻھو پنھنجي دل ۾ پراڻي محبت جو درد بھ شدت سان محسوس ڪندو آھي. اھو ئي سبب آھي تھ ماڻھن کي غمن جي گھڻائي ھن مھيني ۾ محسوس ٿيندي آھي پر اھي غم غلط نھ ھوندا آھن. دنيا ۾ ٻن قسم جا غم ھجن ٿا. ھڪ منفي غم ۽ ٻيا مثبت غم. محبت جو غم منفي ناھي. محبت جو غم مثبت آھي. ان غم ۾ اذيت ناھي پر ھڪ طرح جي راحت آھي. ان راحت کي صرف اھو ماڻھو محسوس ڪري سگھي ٿو، جنھن روح جي شدت سان ڪنھن کي چاھيو ھجي. جنھن ماڻھوءَ ۾ روح ناھي ۽ جنھن جي روح ۾ ڪنھن جو پيار ناھي، اھو ماڻھو ڪھڙو ماڻھو ھوندو؟ اھو ماڻھو سڀ کان پيارو ۽ نيارو ھجي ٿو، جنھن ماڻھوءَ ۾ اھو غم ھجي، جنھن غم جو تعلق محبت جھڙي حسين جذبي سان ھوندو آھي.
ڊسمبر محبت جو مھينو آھي. ان مھيني ۾ اسان کي گذريل سال جا سور بھ سار ۾ سري ايندا آھن. جيڪڏھن ائين نھ ھجي ھا تھ مان اھو شعر اوھان سان نھ شيئر ڪيان ھا، جيڪو شعر شيئر ڪرڻ لاءِ مون ھي ڪالم لکيو آھي. اردو جو ھڪ نھايت خوبصورت شعر آھي:
“بھت سي غم ڊسمبر مين، ڊسمبر ڪي نھين ھوتي
اسي بھي جون ڪا غم تھا، مگر رويا ڊسمبر مين”