ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڇا هاڻي چوٿين قوت جي ضرورت آهي؟

Editorial-Article- Asif Mehmood

پهرين ۽ ٻين کان پوءِ سياست جي ٽين قوت جو احوال اسان جي آڏو آهي.
سوال اهو آهي ته انهن دستياب سياسي قوتن کي خوبين ۽ خامين سوڌو قبول ڪري سڌاري جي ڪا صورت ڪڍي وڃي يا انقلابي جذبي سان مغلوب ٿي هاڻ هڪ چوٿين قوت لاءِ هڻ وٺ ڪئي وڃي.
دستياب سياسي قوتن ۾ هاڻي ڪنهن کي ڪنهن تي ڪنهن قسم جي ڪا اخلاق برتري حاصل ڪونهي.
مير صاحب جا لفظ اڌارا وٺان ٿو ته وصل جي حسرت، جدائي، خواهش، ڪاوش ۽ ذوق شوق سڀ گڏيل آهن. يعني سڀئي هڪهجهڙا آهن، اهي رانجهو به ۽ انشا به.
هاڻي ڇا اها حقيقت قبول ڪئي وڃي ته سياست ڪنهن دوريش جي خانقاه ناهي، اها خوبين ۽ خامين ۾ ويڙهيل اقتدار جي حاصلات جي هڻ وٺ جو نالو آهي يا وري چشم مشتاق کي ڪنهن نئين قائد انقلاب جي ڳولا ڪرڻ گهرجي، جيڪو هن دنياوي آزار کان بلند هجي ۽ ساڃاهه جي وهندڙ پاڻي مان وڌيڪ نئون پاڪستان جوڙڻ اچي ۽ وطن عزيز جون سڀئي گهٽيون عنبر ٿي وڃن.
ڀٽو ۽ شيخ مجيب پاڪستان جي پهرين عام چونڊن جون ٻه سياسي قوتون هيون. هڪ کي غدار قرار ڏئي ملڪ کان الڳ ڪيو ويو. ٻئي کي ڪجهه سالن کان پوءِ تارا مسيح حوالي ڪيو ويو.
ڏهاڪي کان پوءِ مارشل لا جو سج بستي لال ڪمال ۾ لهي ويو ته خبر پئي ته بينظير ڀٽو جو رستو روڪڻ لاءِ هاڻ هڪ ٻي قوت ضروري آهي.
اها ٻي قوت دلي جي گهٽين وانگر اوراق مصور هئي، نئين ڄاول جو نالو اسلامي جمهوري اتحاد رکيو ويو ۽ ان جي طبيعت ۾ اهڙي رواني هئي جو اخلاقيات گڏ وهي وئي.
ڪنهن کي شڪ هجي ته ان زماني جي چونڊ نعرن ۽ ترانن کي هڪ ڀيرو پڙهي ۽ ٻڌي وٺو.
پوءِ هڪ وقت آيو اسلامي جمهوري اتحاد اندران ننڍي برائي ۽ وڏي برائيءَ جو عشق وارو فلسفو نروار ٿيو.
سج ۽ چنڊ جي ان نئين فڪري کير ڌارا مان ڪو اهو پڇي سگهيو ته برائيءَ سان اهي ننڍا ۽ وڏا لاءِ اڳوڻا همراه ڪهڙي اصول ۽ تحقيق جي بنياد تي لڳايا پئي ويا.
ڪهڙو پيماني آهي جو پيپلز پارٽيءَ کي وڏي برائي ۽ مسلم ليگ (ن) کي ننڍي برائي قرار ڏنو ويو آهي ۽ توهان کي صالحن ۾ ڳڻيو ٿو وڃي.
اهو وقت هو جڏهن اهو خيال پيدا ٿيو ته ٻئي چور آهن ۽ قوم کي هاڻي هڪ نئين مسيحا جي ضرورت آهي. پوسٽ ٽرٿ جي ان تاج محل کي نئون پاڪستان قرار ڏنو.
پراڻا نشان ڄڻ ته مٽايا ويا. ان عشق جي ديوانگي ڪنهن حيرت ڪدي کان گهٽ نه هئي، آثار جلالي ۽ جمالي هڪ پيج تي هجن، گڏ هجن، اکيون بند ٿيڻ لڳيون.
يا قربان جو اهو سونامي رڪيو ته خبر پئي شهر جو مهربان ڪوٽ پاڻ سان وهائي ويو. سوال اهو آهي ته شوق جي جذبي کي هاڻ ڇا ڪرڻ گهرجي.
ارتقا تحت شين کي انهن جي فطري انداز ۾ وڌڻ گهرجي يا هڪ نئون انقلاب برپا ڪرڻ جي خواهش ۾ هڪ ڀيرو وري هڪ مسيحا تراشي يا قربان جو غزل چوڻ گهرجي.
اقتدار جي ڇڪتاڻ جي سياست جون پنهنجون گهرجون هونديون آهن ۽ اهي صدين کان ائين ئي آهن، هتي ڪنهن مسِيحا جي ڳولا بيڪار آهي.
ٽين قوت جي تجربي اها ڳالهه واضح ڪري ڇڏي آهي ته هتي ڪا ٻي يا ٽين قوت ناهي هوندي، هتي هڪ ئي قوت هوندي آهي.
لفظ ۽ معنيٰ سان گفتار ۽ ڪردار تائين سڀني جي ڪهاڻي هڪجهڙي آهي، فقط نالا ۽ عنوان بدلجي ويندا آهن.
بس ايترو ٿيو آهي ته جديد عهد ۾ آئين جي شڪل ۾ سماجن هن بي لغام ڇڪتاڻ کي هڪ نئين دائري ۽ ضابطي ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي.
مثاليت پسندي هجي، انقلابي رومانس هجي، يا عقيدت جو جنون هجي، ڪنهن به عنوان آڌار جڏهن آئين کان مٿانهون، بي نياز ٿي ڪوبه بت تراشيو ويندو آهي، هڪ ڏينهن ايندو آهي جو اهو ڌڙام سان ڪري پوندو آهي ۽ ٽڪرا پبڻين ۾ گهڙي ويندا آهن.
سياست ۾ نه ڪو مسيحا ايندو آهي ۽ نه ئي ڪو انقلاب برپا ٿي سگهندو آهي، سياست ارتقا ۽ تعمير جو نالو آهي. غلطين مان سکندا وڃو ۽ آهستي آهستي بهتري ڏانهن وڌندا وڃو. اهو ارتقائي عمل آهي جيڪو فطري انداز سان اڳيان وڌندو آهي.
ان ۾ مسيحا ڳولڻ يا مسيحا تراشي پيش ڪرڻ جي ڪابه بيتاب تمنا ڪاميابي ماڻي نٿي سگهي.
هاڻ ٻه ئي صورتون باقي بچن ٿيون. هڪ اها ته هيستائين جي تجربن مان سکندي اهو طئي ڪيو وڃي ته معاملا فقط ئي فقط آئين مطابق هلندا.
نه ڪو لاڏلو هوندو نئين ڪو معتوب هوندو. آئين کان سواءِ ڪوبه پيج نه هوندو. سڀئي انهي پيج تي هوندا، جيڪو آئين جو پيج آهي.
جيڪو آئيني بندوبست کان مٿانهون ٿي حمايت گهري يا معاملو ڪرڻ چاهي ان کي واپس آئين ڏانهن ڌڪي ڇڏجي ۽ ٻڌائي ڇڏجي ته رستو اهو ئي آهي جيڪو آئين ۾ لکيل آهي.
ٻي شڪل اها آهي ته تجربن مان سکيو نه وڃي ۽ هڪ نئين مسيحا جي ڳولا يا تراش جو عمل شروع ڪيو وڃي، اهو ايندو ۽ رات پيٽ ۾ اسان جي قسمت بدلائي ڇڏيندو.
اهو فيصلو اسان جي سماج کي ڪرڻو پوندو ته انهن دستياب سياسي قوتن کي ان جي خوبين ۽ خامين سوڌو قبول ڪرڻو آهي يا هاڻي ان هڪ چوٿين قوت جي ڳولا شروع ڪندي هڪ ڀيرو وري ڦيٿو ايجاد ڪرڻو آهي.


(انڊپينڊنٽ اردو جي ٿورن سان)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button