صحافت هن وقت پاڪستان توڙي عالمي دنيا ۾ بحث هيٺ آهي. اها صحافت پنهنجي جياپي جي ڊگهي جنگ ۾ وڙهي رهي آهي، جنهن صحافت لا ماضي جي صحافتي ڪردارن هڪ ڊگهي تحريڪ ۽ جدوجهد به هلائي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ ئي صحافت ساهه کڻي رهي آهي. اڄڪلهه هر ٻيو ماڻهو صحافي هجڻ جي دعويٰ ٿو ڪري. اهو سڀ ڪجهه اڄ کان 30 يا 40 سالن ۾ اهڙو ئي هجي ها ته پو صحافت ماضي جو قصو ضرور هجي ها پر هاڻ اها پنهنجا نشان مٽائي چڪي هجي ها. اهو قصو ڪوتاهه ڪجي ته صحافت سرخرو رهڻي آهي.
ڪڏهن ڪڏهن منهنجو من چوندو آهي ته گهڻ پڙهيو لکيو ماڻهو صحافت جي ئي چونڊ ڪري، اها صحافت نه جنهن جي نالي تي 2 کان 8 نمبر ڪم ڪار ڪري يا منع ڪيل ڪم لا صحافت جو سهارو وٺي صحافت کي خوار ڪيو وڃي ٿو. صحافت يا ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي. ان ٿنڀ کي بچائڻ لا تمام گهڻن پڙهيل ماڻهن ۽ سماج جي اٿل پٿل تي نظر رکندڙ صحافين جي ضرورت آهي، ان صحافتي نظر کان پاڻ کي بچائڻ لا هر ماڻهو توڙي رياستي ادارا پيا لنوائيندا آهن. مثال طور اڄ ملڪ جي مين اسٽريم ميڊيا ۾ ڪير ديده دليريءَ سان ڳالهائي يا سياسي معاشي تجزيا ڏئي ٿو ته ان جي پٺيان ان جو علم ۽ ڪتابن مان مليل ڏاهپ آهي. جيڪو آخري تجزيي ۾ عمل کي جنم ڏئي ٿو. ان لا سجاڳ ۽ باشعور هجڻ ضروري آهي. ان ڪري ئي سچي صحافت لا چيو ويندو آهي ته اوهان ڪنهن به معاملي تي لکو يا ڳالهايو ته سچ ئي ڳالهايو. سچ نه ٿا ڳالهائي سگهو ته چپ ۽ ماٺ ۾ رهو. پو اها ماٺ ۽ چپ ڀلي گهٽ يا ڊگهي عرصي لا ڇو نه هجي. ملڪ ۽ سنڌ جي مين ميڊيا اسٽريم ميڊيا ۾ صحافت به مختلف طريقن لا ٿي رهي هوندي آهي. هڪڙا ته خبرن ۽ انوکي اسٽوريز جي ڳولا ۾ هوندا آهن، اهي پو هر هنڌ پنهنجي خبرن جي ڳولا ۾ ڪردار پيا ڳوليندا آهن. ان لا صحافي کي واچ ڊاگ به چيو ويندو آهي. ڪتابن ۾ به اهو پڙهيو آهي ته صحافي ڪنهن به خبر جو تخليقڪار نه هوندو آهي، هو هميشه ڪردارن کي ئي ڳولي عالم آشڪار ڪندو آهي. جيئن لڪيل ڪردار عوام جي آڏو اچي سگهن.
صحافت ٿلهي ليکي عوامي خدمت به آهي. عوام جي خدمت ڪرڻ به آهي. اهو عوام جيڪو پنهنجي ڳالهه ڪٿي رکڻ ۽ ڪرڻ چاهيندو آهي. ڪنهن طبقي تائين يا پاڻ سان ٿيندڙ ظلم خلاف دانهڻ لا پليٽ فارم جي ڳولا ۾ هوندو آهي. جيتوڻيڪ اڄڪلهه سوشل ميڊيا جو پليٽ فارم ماڻهو جي هٿ ۾ موبائل جي صورت ۾ اچي ويو آهي. سوشل ميڊيا به ساک وارن ماڻهن جي هٿن ۾ ناهي ته خطرناڪ آهي. ان لا صحافت جا ساک وارا ادارا ۽ صحافين کي هر خبر جي ڳر تائين مليل ڄاڻ کي حقيقت جو روپ به ڏيندا آهن.
عالمي ميڊيا انسانيت ۽ انساني حقن جي پاسدار رهي آهي. سماج ۾ ميڊيا هائوسز سان سلهاڙيل صحافي اخلافيات جي دائري ۾ خبرون تلاش ڪندي سماج ۾ هڪ سٺي واٽ تي وٺي هلي سگهن ٿا. صحافي جو ڪم سماج ۾ ٿيندڙ لقائن کي ڏيکارڻ هوندو آهي. پو اهو وڏا سياسي واقعا هجن، ڪرائيم هجي يا ڪو به ڏوهه هجي. صحافي وٽ لا اينڊ فورسز وانگر ڪم ڪرڻ يا ڇاپا هڻڻ جو ڪم ڪرڻ بدران اها شيءِ ۽ واقعو ئي ڏيکاري سگهي ٿو، ان اسٽوريءَ کي ڏسڻ کان پو پوليس يا ٻي فورس اتي ٿيندڙ خراب ماحول کي ختم ڪري ان شيءِجو خاتمو ڪري سگهن ٿا. ان لا صحافين کي ٻڌايو ويندو آهي ته ڪنهن وڏي حادثي يا واقعي وقت صحافي کي ريسڪيو جو ڪم ڪرڻ بدران صحافي ٿي اتان جي صورتحال کي بيان ڪرڻ هوندو آهي. صحافي اها صورتحال نه ڏيکاريندو ته ريسڪيو لا جوڙيل ادارن يا حڪمرانن جون اکيون نه پٽبيون. جنهن لا مثال ڏنو ويندو آهي ته ڪنهن ايمبولنيس واري ميڊيا ۾ خبر ڏيڻ جو ڪم ڪيو آهي، جيڪو اوهان صحافي ڪرڻ لا تيار ٿي ويندا آهيو. جڏهن ته واقعي واري هنڌ اسان صحافين جو ڪم لاش ايمبولينس مان رکڻ يا لاهڻ ناهي پر اتي ٿيندڙ اصل حقيقت کان آگاهه ڪرڻ آهي. جنهن سان ٿي سگهي اتي پهتل يا موجود ماڻهن سان به انصاف ٿي سگهي.
صحافتي اصولن تي لکيل ڪتابن جي اهميت:
حيدرآباد ۾ هڪ تقريب ۾ ڪي صحافي پهتل هئا. ان تقريب ۾ موجود صحافين کان هٿ کڻايو ويو ته اوهان مان هن وقت ڪيترا صحافي ڪنهن ڪتاب جو مطالعو ڪري رهيا آهن. جنهن مان ڪنهن هڪ ٻن صحافين هٿ کنيو هو. وري سوال ڪيو ته ڪنهن صحافي ڪيترو مطالعو ڪيو آهي. ان تي به ان صحافين جي ٽيم کي هاڪاري جواب نه ملي سگهيو هو. پو پڇيو ويو ته مستقبل ۾ ڪير ڪير ڪتابن جو مطالعو ڪندو، تنهن لا سڀني هٿ کنيو هو. صحافين کي مطالعو لا ان ڪري به قائل ڪيو ويندو آهي ته اهي سياسي حالتن، حڪمرانن جي معاشي پروگرام يا ڪنهن به حڪومتي يا ڪاموري جي دعويٰ کي سمجهي سگهن، جتي اهي موجود هجن ته سوال ڪري عوام لا ان حڪومت کان سهولت پيدا ڪرائي سگهن. پوري دنيا ۾ هن وقت صحافت هڪ ڏکي صورتحال ۾ گذري رهي آهي. اڳ ۾ حڪومتون به پنهنجي طرز حڪمرانيءَ لا صحافين کان رايا پيون وٺنديون هيون. آمريڪا ۾ واٽر گيٽ اسڪينڊَل ۾ صحافين جي ڪردار کان ڪير واقف نه هوندو، جنهن جي لکيل اسٽوري تي صدر نيڪسن کي گهر وڃڻو پيو هو.
سيئينر صحافي حفظ الرحمان 1978ع ڌاري صحافين جي جدوجهد، ڪوڙا کائڻ، سزائون کائڻ تي رڳو هڪ سال جي جدوجهد تي وڏو ڳرو ڪتاب لکيو آهي. جيڪو هر صحافي کي پڙهڻ گهرجي. هنن صحافين کي نوڪرين تان هٿ کڻڻو پيو. ٻيو جيل جي سلاخن پٺيان قربانيون ڏڻيون پيون. صحافتي دنيا ۾ اهو جملو هر هنڌ ورجايو ويندو آهي ته صحافي جيل ۽ نوڪري وڃائڻ جي خطري لا پاڻ کي ذهني طور هر وقت تيار رکن. هن ڪتاب ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ لاهور سميت مختلف وڏن شهرن جي صحافين جي قربانين تي تفصيل سان لکيو ويو آهي. هن ڪتاب سان گڏ ٻيو وڏو ڪم ڪراچيءَ ۾ محقق ۽ صحافي توصيف احمد خان ڪيو آهي. جنهن پرنٽ ميڊيا تي شاندار ڪتاب لکيو آهي. جنهن ۾ پرنٽ ميڊيا خاص طور تي اخبارن ۽ يونين تي تحقيقاتي ڪم ٿيل آهي. جنهن ۾ ماضي کان هيل جي اخبارن جو تفصيلي ذڪر آهي. هڪ اهي صحافي فيلڊ ۾ رپورٽنگ ڪن ٿا. نيوز روم ۾ ويهي تجزيا ڪن ٿا. ٻيا وري ايڊيٽر، نيوز ايڊيٽر، سب ايڊيٽر طور انهن خبرن ۽ تجزين کي سنواري سڌاري رهيا هوندا آهن. ٽيان وري توصيف احمد خان وانگر گذرندڙ وقت جي ميڊيا ۽ صحافت تي وڌ کان وڌ لکي رهيا هوندا آهن. جيڪو مواد وري اسان لا رهمنائي طور ڪتاب جي صورت ۾ به اچي ويندو آهي. ميڊيا تي هن وقت تمام گهڻو لکيو پيو وڃي، هڪ اهي جيڪي ميڊيا کان خوف کائي ميڊيا خلاف مسلسل لکي رهيا هوندا آهن. ٻيا وري ميڊيا سان سلهاڙيل ماڻهو ميڊيا ڪئين بهتر ڪجي، اخلافي اصولن ۽ ٻين قدرن کي سمجهائڻ لا مسلسل لکي رهيا هوندا آهن، تنهنڪري اهو رستو بند نه ٿيڻ گهرجي،