پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ست ارب ڊالرن جي نئين پيڪيج جي ايندڙ قسط جي ڊسمبر ۾ وصولي ٿيندي هئي، سا دير جو شڪار ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهيءَ کان پوءِ پاڪستان جي حڪومت جيڪي خرچ جا ڪاٿا لڳايا آهن، آءِ ايم ايف کي انهن تي خدشا آهن. ان بابت آءِ ايم ايف جي هڪ تجزياتي ٽيم ڳالهه ٻولهه ۽ جائزي لاءِ آڪٽوبر ۾ اسلام آباد اچڻي هئي، پر ان جو دورو ملتوي ٿيندي ٿيندي ڊسمبر اچي پهتو آهي. جيڪڏهن اڄ به اهو ٺاهه ٿي وڃي تڏهن به پنجاهه ڪروڙ ڊالر جي قسط جنوريءَ جي آخر کان اڳ ۾ وصول ٿيڻ جا امڪان بنهه گهٽ آهن.
ان سبب مالياتي مارڪيٽ کي جهٽڪا لڳي رهيا آهن. ڊالر ۽ روپيو حسب معمول وچڙي رهيا آهن، پراشوٽي خزاني واري وزير اسحاق ڊار جنهن کي ننڍپڻ کان ئي ڊالر کي نٿ وجهڻ جو شوق آهي، هن ڀيري به اسٽيٽ بينڪ جي خودمختياريءَ تي ڀروسو نه ڪري معاملن کي سلجهائڻ لاءِ پنهنجي سائنس ويڙهائڻ تي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سندرو ٻڌيو بيٺو آهي. هو ڊالر کي مارڪيٽ مڪينزم تي نٿو ڇڏي سگهي ۽ ڪنهن به ريت ان کي ٻه سئو رپين تائين آڻڻ جا خواب ڏسي رهيو آهي.
جيڪي اٽڪلون ڪيون پيون وڃن، مثال طور ٻاهرين ملڪ ويندڙ مسافر هاڻي پنج هزار ڊالر ڪيش پاڻ سان نٿا کڻي وڃي سگهن. جيڪڏهن مارڪيٽ مان توهان ٻه هزار ڊالر کان وڌيڪ خريد ڪرڻ چاهيو ٿا ته ان لاءِ توهان کي فارين ڪرنسي اڪائونٽ کولرائڻو پوند ۽ بينڪن ان بابت جيڪي شرط رکيا آهن، اهي عام ماڻهو لاءِ پورا ڪرڻ ڏکيا آهن.
مارڪيٽ ۾ جيڪڏهن ڊالر دستياب آهي ته سرڪاري ريٽ تي ڏهه کان پندرهن سئو مٿي دستياب آهي. ان جو هڪ وڏو سبب برآمد لاءِ ڊالر جي گهرج ۽ سرحد پار افغانستان ۾ اسمگلنگ آهي. افعانستان کي هن وقت عالمي مالياتي وسيلن تائين ڪنهن به ريت رسائي ناهي ۽ اتان جي سرڪاري ۽ عام واپاري ڊالر لاءِ ڪوبه اگهه چئي قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هڪ مسئلو نجي بينڪنگ شعبي جي نام نهاد سٽي بازي آهي. جنهن جو اعتراف اڳوڻو خزاني وارو وزير مفتاح اسماعيل ڪري چڪو آهي. هن جي ۽ موجوده خزاني واري وزير اسحاق ڊار جي وچ ۾ هڪ ئي پارٽي ڪارڪن هجڻ باوجود جيڪا ڇڪتاڻ آهي، اها پنهنجي پر ۾ معيشت سان کيڏ جو سبب بڻيل آهي.
اسحاق ڊار جڏهن کان منصب سنڀاليو آهي، روزمره مهانگائي ان جي جادو جي آڏو هٿيار ڦٽا ڪرڻ کان نابري واري ڇڏي آهي. ڊالر اڳ جيان ٻوڙو آهي، مالياتي خسارو ڳاڙي نشان کي لاڳيتو چٽي رهيو آهي. پرڏيهي قرضن جي واجب الادا قسط جي ادائيگي ڌاڳي سان لڙڪي رهي آهي. مٽاسٽا جا ذخيرا ڏهه ارب ڊالر کان هيٺ آهن.
جيڪڏهن ڪا قابل ذڪر ڪاميابي ملي آهي ته بس ايتري جو سعودي عرب پنهنجي ٽن ارب ڊالرن جي ڊيپازٽ جي مدي ۾ وڌيڪ هڪ سال جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. باقي معيشت ڊار جي ان خوشخبريءَ جو تعبيري انتظار ڪري رهي آهي ته ڪنهن دوست ملڪ (شايد عرب امارات) ايندڙ ٻن هفتن ۾ ٽي ارب ڊالر جو ڊيپازٽ جمع ڪرائڻ جو وعدو ڪيو آهي.
ڊالر ان لاءِ قابو ۾ نه اچي سگهيو آهي جو هڪ ته آمريڪي شرح سود ۾ واڌ سبب ٻين مستحڪم ڪرنسين جي ڀيٽ ۾ ڊالر لاڳيتو مضبوطي تي قائم آهي. ٻيو ته ڊالر جي ان مضبوط شرح مٽاسٽا کي نسبتن طاقتور معيشتون ڪنهن نه ڪنهن طور جٽاءُ ڪري وينديون پر پاڪستان جهڙي معيشتن جن تي نه رڳو گهڻو دارومدار پرڏيهي قرضن ۽ رعايتن ۽ دوست ملڪن جي نوازشن تي آهي، في الحال ته مٿو جيڪڏهن پاڻيءَ کان ٻاهر نڪتل رهي ته وڏي ڳالهه آهي.
پاڪستان اڃا تازو تازو فيٽف جي جڪڙ بندين مان آجو ٿيو آهي. اهڙي حالت ۾ اسحاق ڊار جو اهو بيان عقل کان عاري آهي ته هنن کي ڪا پرواهه ڪانهي ته آءِ ايم ايف پيڪيج جي ايندڙ قسط تي ڳالهه ۽ ست ارب ڊالر پيڪيج جي نون ذخيرن لاءِ اداري جي ٽيڪنيڪل ٽيم ڪڏهن اسلام آباد اچي ٿي يا نٿي اچي. مون کي ان جي خوشامد ناهي ڪرڻي. مون کي پهرين پاڪستان جو مفاد ڏسڻو آهي. اسان جا سڀئي دستاويز مڪمل آهن. اهي اسان کي ڌمڪيون ٿا ڏئي سگهن. جيڪڏهن اهي نٿا به اچن ته ڪو مسئلو ڪونهي. اسين گذارو ڪري وٺنداسين. اسان پنهنجن ماڻهن تي وڌيڪ بار نٿا وجهي سگهون. آءِ ايم ايف جو اهو رويو پاڪستان جي معاملي ۾ غيرمعمولي آهي.
اڳُوڻي خزاني واري وزير مفتاح اسماعيل جي ان تجزيي تي پاڪستان آهستي آهستي ڏيوالي ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ ڊار صاحب فرمايو ته ان موضوع تي منهنجي لاءِ مفتاح اسماعيل جي راءِ ڪا اهميت نٿي رکي. مون کي خبر آهي ته آِءِ ايم ايف سان ڪيئن ڊيل ڪرڻو آهي.
اسحاق ڊار جي ان ذميوار ڳالهه جا ڪهڙا معاشي نتيجا نڪرندا، اهي ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سامهون اچي ويندا، پر هن جي حوصلي جي داد ڏيڻ گهرجي. ائين لڳي رهيو اهي ته ڄڻ پاڪستان جي لڏندڙ معيشت جو انچارج نه ڳالهائي رهيو هجي پر چيني خزاني وارو وزير بيان ڏئي رهيو آهي جنهن جي پويان ڪئين ٽريلين ڊالر جي معيشت ۽ ڪئين سئو بيلن ڊالر جو مٽاسٽا پيو آهي.
بظاهر آءِ ايم ايف کان ست ارب ڊالر ئي ملڻا آهن ۽ اها به ڪا ايتري وڏي رقم ڪونهي، جنهن جي پويان ڊوڙي ساهه سهڪي پوي. پر آءِ ايم ايف جي اعتماد جو اهو فائدو ضرور ٿيندو آهي جو ان کي ڏيکاريل ٻين مالياتي ادارن ۽ حڪومتن کان قرض ۾ مدد ملي سگهي ٿي. نه ته انهن حڪومتن ۽ ادارن کي پنهنجي معاشي ساک ۽ قرض جي واپسي جا امڪان تي قائل ڪرڻ ڪافي ڏکيو آهي، اها ڳالهه اسحاق ڊالر کان وڌيڪ ٻيو ڪير ٿو ڄاڻي. جن جي حڪومت نوي جي ڏهاڪي ۾ آءِ ايم ايف جو ڪستو ٽوڙڻ جو وڏي واڪي اعلان ڪيو هو ۽ پوءِ اهو ئي ڪستو صمد بانڊ سان ڳنڍي وري هٿ ڪري ورتو.
پاڪستان 1958ع کان هيستائين ٽيهه ڀيرا آءِ ايم ايف وٽ وڃي چڪو آهي. ججهي آمريڪي امداد باوجود ايوب خان کي ٽي ڀيرا آءِ ايم ايف سان رابطو ڪرڻو پيو. ڀٽو حڪومت کي پنج ڀيرا طواف ڪرڻو پيو. ضياءُالحق حڪومت کي به ٻه ڀيرا آءِ ايم ايف کي پڪارڻو پيو، جڏهن ريگن حڪومت ان لاءِ خزاني جا وات کولي ڇڏيا. ان کان پوءِ 1988ع کان 97ع تائين بينظير ڀٽو جي حڪومت جي ٻنهي حڪومتن ۽ نواز شريف جي ٻنهي حڪومتن کي هر سال آءِ ايم ايف ڏانهن هٿ ٽنگڻا پيا. مشرف دور ۾ دهشتگردي خلاف به اولهه جي پرپور امداد ملڻ باوجود پاڪستان آءِ ايم ايف آڏو وري حاضري ڀري. زرداري حڪومت هڪ ڀيرو نواز شريف جي ٽين سرڪار هڪ ڀيرو ۽ عمران خان جي سرڪار به هڪ ڀيرو آءِ ايم ايف جي مالي سهولت کان فيضياب ٿيون. جڏهن ته هاڻُوڪي حڪومت به ان کان آجي ڪونهي.
اهڙي حالت ۾ اسحاق ڊار جو قومي غيرت سان ڀرپور بيان ڇو سامهون آيو آهي، جڏهن ته ان ڊيل کي پورو ڪرڻ لاءِ شهباز حڪومت جي اڳوڻي خزاني واري وزير مفتاح اسماعيل کي واشنگٽن ۾ آءِ ايم ايف هيڊڪوارٽر آڏو هڪ نظر نه ايندڙ خيمو لڳائڻو پيو هو. هاڻ ته جنرل باجوا به ريٽائر ٿي ويو آهي، جنهن نائب آمريڪي پرڏيهي وزير وينڊي شرمين سان ملاقات ۾فرمائش ڪئي هئي ته توهان آءِ ايم ايف کي چئو ته ماڻهوءَ جو پٽ ٿئي پاڪستان کي پئسا ڏي.
خبر ناهي اسحاق ڊار جي جرات رندانه انگريزيءَ ۾ به آءِ ايم ايف جي اهلڪارن تائين پهچندي يا ان جو بيان مقامي مارڪيٽ جي دلجوئي لاءِ آهي. پر ٿيڻو ڪجهه به ڪونهي هونئن به گوالمنڊي جو محارو آهي چنڊ ماري ڪي پيرين پي جائو.