سنڌ حڪومت جي ھڪ اڌ نمائندي جو خيال آھي تھ برساتي ٻوڏ ۾ ٻڏل عوام جي واھر ڪئي وئي آھي. ماڻھن کي مھيني ٻن جو راشن مليل آھي. نوي فيصد پاڻي نڪري چڪو آھي. پھريان کان وڌيڪ پڪا ۽ بھترين گھر تعمير جا مرحلا طئھ ڪري رھيا آھن. مجموعي طور تي حالتون مڪمل اطمينان بخش آھن. ان حوالي سان اھو بھ سمجھي سگھجي ٿو تھ سنڌ سرڪار نھ صرف “ٻڏيءَ جا ٻيڻا” پر عملي طور تي “ٻڏيءَ جا ٽيڻا” ڪري ڇڏيا آھن. جيڪڏھن سنڌ حڪومت اھو ڪجھھ ڪيو ھجي ھا تھ ھن مھل پوري ديس مان دعائن جا اجرا ڪبوتر اڏامندا نظر اچن ھا ۽ سنڌ جو آسمان ھڪ خوبصورت منظر پيش ڪري ھا. پر حقيقت اھا ناھي.
سچائي ڇا آھي؟ ان سلسلي ۾ سنڌ سرڪار جي سرواڻ مراد علي شاھه پاڻ مڃيو آھي تھ ھن مھل بھ ماڻھو وڏي عذاب ۽ اذيت ۾ مبتلا آھن. سنڌ جي وزيراعليٰ پاران ان قسم جو بيان صرف فقط حقيقت پسنديءَ جو مظاھرو ناھي. پر ھو جنھن ڪرسيءَ تي ويٺو آھي، ان جي تقاضا اھا آھي تھ ھو وفاق آڏو نماڻائيءَ ساڻ ئي سھي پر سنڌ جو ڪيس رکي ۽ سنڌ جي ماڻھن جي مدد لاءِ ڪجھھ نھ ڪجھھ وٺي. ڇو تھ ھن مھل عملي طور تي وفاقي حڪومت پنھنجي مٺ بند ڪري ڇڏي آھي. وفاق جو خيال آھي تھ سنڌ ٻوڏ دوران پنھنجي زخمن تي پٽيون ٻڌي گذارو ڪيو ۽ ھاڻي پنھنجي پيٽ کي پٽيون ٻڌي وقت ڪڍي ويندي. ان کان سواءِ سنڌ ۾ عملي طور تي اھڙو ڪو احتجاجي سلسلو بھ ناھي، جنھن جي دٻاءَ ۾ اچي صوبائي حڪومت جو وفاقي حڪومت کان مطالبو سخت ٿي وڃي ۽ وفاقي حڪومت بھ سنڌ جي جائز امداد ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي پوي. ان قسم جو ڪو آثار بھ ھن مھل ڪٿي نظر نھ ٿو اچي. نھ تھ روڊن ۽ رستن تي جمھوري ۽ پرامن احتجاجن جو ڪو منظر آھي ۽ نھ وري پارليامينٽ ۾ ڪا اھڙي ڀڻ جھڻ آھي تھ ٻڏل سنڌ سان ڀرپور طرح سھڪار ڪجي ۽ نھ وري اھڙي گھڻ طرفي ۽ خوف محسوس ڪرائيندڙ خاموشيءَ ۾ انصاف جي ايوان مان ڪا “آرڊر آرڊر” جي صدا آھي. سنڌ جي لاءِ تھ ڪجھھ بھ ڪونھي. ڪجھھ بھ نھ!!
ماڻھو ڪالھھ مصيبت ۾ ھئا پر انھن جي مصيبت نظر ٿي آئي. ڇو تھ وک وک تي امدادي اسٽال ھئا. ماڻھو امدادي ڪيمپن ۾ موجود ھئا. انھن کي ميڊيا ھڪ ئي وقت ۽ آسانيءَ سان ڏيکاري ٿي سگھي پر جڏھن کان هو پنھنجن آلن ڪکن پويان ڪنڊائتا ٿيا آھن، تڏھن کان ھو ملڪي ميڊيا کان وسري ويا آھن. ڇو تھ ٻڏل رستن جي ھڪ ھڪ ڪٽنب کان انھن جا ڏک سور آخر ڪير پڇي؟ خاص طور تي ان صورت ۾ جڏھن روڊن جي لڳل ڪٽن کان گاڏيون ڪلٽي ٿينديون ھجن ۽ مسافر ٻڏي مرندا ھجن. جڏھن سنڌ ۾ بک سبب بدامنيءَ ۾ اضافو ٿيو ھجي ۽ ڌاڙيلن جي سرگرمين ۾ سرسي آيل ھجي. جڏھن ھر طرف خوف جا پاڇا لھرائڻ لڳن ۽ اھو محسوس ٿيڻ لڳي تھ ڪنھن بھ وقت ڪنھن جو بھ باقي بچيل بھ لٽجي سگھي ٿو. اھڙي صورتحال ۾ ڪير سڌ سماءُ رکڻ اچي؟ ۽ ڪيئن اچي؟
سنڌ سرڪار تھ ماڻھن جا سور لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي. ڇو تھ ان طرح سان انھن جي ڪارڪردگيءَ جي مٿان حرف ايندو ۽ انھن کان پڇاڻو ٿيندو تھ انھن ڇا ڪيو آھي؟ جڏھن سرڪار سھولتون نھ ڏئي تھ اسان جي لاڏلي قومي ميڊيا ايترا ڪشٽ ڪڍي انھن ماڳن جي طرف ڇو ويندي؟ جتي مصيبت آھي. جتي مسئلا آھن. جتي مڇر آھن. جتي بيٺل پاڻيءَ جي باس آھي. جتي ماني ڳڀو ناھي. جتي پيئڻ جو صاف پاڻي بھ ناھي. ان طرف ڪير ڪيمرائون کڻي ڪاھي؟ ۽ اسان جا حڪمران تھ تيستائين ڪجھھ ڪندا ناھن، جيستائين انھن کي ڪو چينل چيخي نھ اٿاري! اسان جي سڀاڳن سرڪاري سربراھن ۽ اسان جي اعليٰ اختيار وارن ڪامورن تھ گھڻي وقت کان وٺي اخبارن جو مطالعو پاڻ کي پاڻ معاف ڪري ڇڏيو آھي. ھاڻي ھو صرف سياسي ثواب خاطر اخبارن جي مٿان اڇاتري نظر وجھي انھن کي واپس ميز مٿان رکن ۽ انھن ۾ تحرير ٿيل عوامي تڪليفون ڄاڻڻ کان انھن کي ھن جديد دور واري ماحول بچائي ورتو آھي پر ان جو مطلب اھو ناھي تھ اسان جي حڪومت سوشل ميڊيا تي نھايت گھري اک رکي ويٺي آھي. اھو ڪجھھ تھ بنھھ ناھي. ڇو تھ سوشل ميڊيا تي ماڻھن جو جيڪو موڊ آھي، ان جي تھ ھڪ جھلڪ بھ ڏسڻ حڪمرانن ۽ انھن جي نمائندن لاءِ ڏکيو عمل آھي. ان ڪري اسان جا حڪمران ۽ اسان جا وزير ۽ اسان جا مشير اھڙي صورتحال ۾ صرف پنھنجي پسند جا چينل ڏسڻ چاھين ٿا. انھن کي اھي رپورٽر وڻن ٿا، جيڪي انھن جي موقف کي ماڻھن جي مٿي ۾ ڪوڪن وانگر ٺوڪين ۽ جيڪي سرڪار جو ڪيس سرڪار کان ٻھ ھٿ اڳتي نڪري پيش ڪن. انھن چينلن جو سھارو وٺي ھو جھڙي ريت ٻين چينلن کي چئلينج ڪن ٿا، اھو بھ عجب جھڙو مرحلو آھي. پر اھو ڪجھھ آھي ۽ اھو ڪجھھ ٿي رھيو آھي. اھڙي ڪجھھ ٿيڻ تي ڪنھن کي بھ خلق ۽ خدا جو خوف ناھي.
ميڊيا اڳ ۾ جيتري آزاد ھئي، ايتري ھن وقت آزاد ناھي. ان جا سبب اڪيچار آھن. پر مجموعي طور تي ميڊيا جو حڪومت طرف جيڪو رويو آھي، اھو سرڪاري وڌيڪ ۽ عوامي گھٽ آھي. ان سبب سنڌ جي انھن ماڻھن جو ڪيس موثر انداز سان اڳتي نھ ٿو وڌايو وڃي، جن ماڻھن کان ھن مھل تمام گھڻا سھارا کسجي ويا آھن. ھو امدادي ڪيمپن ۾ جھڙي ريت ذلت جا ڏينھن گذاري آيا آھن، ان کان ھاڻي انھن جي توبھھ آھي. ھو سرڪاري بريانيءَ کان سوين ڀيرا سڪل ماني کي اھميت ڏين ٿا. ڇو تھ مانيءَ جو اھو ڳڀو انھن کي ان طرح سان اڇلائي نھ ٿو ڏنو وڃي، جھڙي طرح ڪيمپن ۾ ماڻھن کي بريانيءَ جون ٿلھيون اڇلائي ڏنيون وينديون ھيون. ان ڪيفيت مان نڪتل ماڻھو ھاڻي ڪنھن بھ قيمت تي پنھنجا اھي پکا ڇڏڻ لاءِ تيار ناھن، جيڪي ھن مھل بھ پاڻيءَ ۾ پسيل آھن. اھو پاڻي جيڪو انھن جي ھن مھل تائين پچر نھ ٿو ڇڏي.
سنڌ اندر ھن مھل بھ بيٺل پاڻيءَ ۾ جيڪڏھن تمام گھڻا انسان نھ ٿا ٻڏن تھ انھن جا احتجاجي آواز ضرور ٻڏي مري رھيا آھن. سنڌ جي ماڻھن جذبات ۾ اچي سوشل ميڊيا جي آسري تي پنھنجي پنھنجي تر جي ڀوتار کان جيڪا بغاوت ڪئي ھئي، اڄ ان جا منظر ساڳيا ناھن. اسان جھڙن اميد پرست ماڻھن سوچيو ھو تھ ھن سيلاب ۾ سنڌ جا ماڻھو سجاڳ ٿيندا ۽ ھو ڪوڙي ۽ ڪلڇڻي سياست جون راھون روڪيندا ۽ ھو ڪجھھ اھڙو ڪندا، جنھن کي ڏسي اسان جي اتھاس ۾ آيل انقلاب ياد اچي وڃن. جنھن وقت اسان جي ھٿن جو آڱريون ٽٽل ڪاون جھڙا لفظ تلاش ڪنديون ھيون ۽ جڏھن اسان بغاوت جا ترانا تحرير ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا ھئاسين تھ ان مھل بھ ڪجھھ ظالم اسان کي چوندا ھئا تھ “ادا! ڪجھھ ڪو نھ ٿيندو. تون بھ ھتي. مان بھ ھتي” ھن مھل اسان ٻيئي ھڪ جاءِ تي آھيون ۽ حقيقت اھا آھي تھ ھن وقت تائين اھو ڪجھھ نھ ٿيو آھي، جيڪو ڪجھھ ٿيڻ کپندو ھو. اھو ڪجھھ نھ ٿيڻ سبب سنڌ جي ماڻھن مٿان سور سرس ٿي ويا آھن.
ھن وقت سنڌ جو حال بھ امداد حسينيءَ جي ان شعر جھڙو آھي تھ:
“حال امداد جو پڇو ڇا ٿا؟
اڄ مڙئي سور ڪجھھ سوايو آ”
سنڌ بھ ائين آھي. سنڌ جو ھر گذرندڙ ڏينھن سنڌي ماڻھن جي سورن ۾ مستقل طور تي اضافو ڪري رھيو آھي. سنڌ جا ماڻھو اھڙي گوندر ۾ گذاري رھيا آھن، جنھن مان انھن جو ڪرڻ وقت ۽ حالتن جي حوالي سان پھريان کان وڌيڪ مشڪل ٿيندو وڃي ٿو.
سنڌ ۾ گذريل ڏينھن ٽوپين ۽ اجرڪن جي جيڪا بھار اڇلون ڏئي رھي ھئي، اھا پنھنجي ڪلچر ۽ پنھنجي ثقافت سان محبت ڪرڻ جو عمل ھو پر اھو عمل انھن حالتن ۾ ٿي رھيو ھو، جن حالتن ۾ سنڌ جي سيني تي مڱ ڏري رھيا آھن ۽ سنڌ ڏکن جو ڏيھھ بڻجي وئي آھي. ان جو سبب صرف ايترو آھي تھ سنڌ جي ماڻھن جي اھا سھائتا نھ ڪئي وئي آھي، جيڪا ٿيڻ گھرجي. جھڙي طرح سان تباھه ٿيل انفرا اسٽرڪچر جي نئين سر بحاليءَ لاءِ جيڪي قدم کڻڻ کپن، اھي نھ کنيا ويا ۽ افسوس جي ڳالھھ اھا آھي تھ سنڌ ۾ بي ايمانيءَ جو ڪلچر ايترو تھ سگھارو ٿي ويو آھي جو ڪرپٽ ماڻھو ٻوڏ ستايل ماڻھن جي امداد ڳڙڪائڻ ۾ بھ ڪا ويرم وجھڻ لاءِ تيار نھ ھئا. انھن مسڪين ۽ مظلوم ماڻھن جا امدادي سامان ھڙپ ڪيا ۽ انھن مان ڪجھھ ھن مھل سرڪاري سيخن جي پويان نظر بھ اچن ٿا پر انھن جو تعداد تمام ٿورو آھي. جڏھن تھ وڏي حرفت ۽ ھوشياريءَ سان ڪرپشن ڪرڻ ۽ پاڻ کي بچائڻ وارن وڏن عھدن تي ويٺل صاحب لوڪن جو تعداد وڌيڪ آھي. اھي انسان جن کي سپريم ڪورٽ جو سربراھه نھ جھلي سگھيو، تن کي پنھنجي حڪومت ڇا ڪندي؟
سنڌ جي صورتحال ھن سياري ۾ تمام گھڻي تڪليف واري ھوندي ۽ سنڌ سرڪار پاران ھن مھل تائين ٻوڏ ستايل ماڻھن جي موسمن جي سلسلي ۾ ڪا سھائتا نھ سوچي وئي آھي. صرف دھمان ۽ دعوائون آھن تھ “ھي بھ ڪيو آھي ۽ ھو بھ ڪيو آھي” عملي طور تي ڪجھھ بھ نھ ٿيو آھي. جيڪڏھن ڪجھھ ٿيو ھجي ھا تھ ڇا اسان کي ان جا منظر پنھنجي ھٿ ۾ جھليل موبائل فون ۾ نظر نھ اچن ھا!!
ھي ديس دانھون ڪري رھيو آھي پر سنڌ جون اھي صدائون بھ سرڪار تائين پھچي نھ ٿيون سگھن. ڇو تھ اھي صدائون جنم وٺڻ شرط ئي ڀرسان بيٺل پاڻيءَ ۾ ٻڏي مري وڃن ٿيون. جڏھن معاملو ان حد تائين تشويشناڪ ھجي تھ اسان جي سرڪار کي ايمرجنسيءَ جو اعلان ڪري سمورا وسيلا ٻوڏ ستايل عوام جي لاءِ خرچ ڪرڻ جي ڪا اھڙي ٺوس ۽ جامع پاليسي جوڙڻ گھرجي، جنھن سان سنڌ جي مظلوم ماڻھن کي انصاف ملي سگھي. سنڌ جا اھي ماڻھو سرڪار نامدار جو فضل نه پر رياست کان صرف عدل گھرن ٿا.