گڏيل قومن تحت گلاسگو ۾ (31 آڪٽوبر کان 12 نومبر) ماحولياتي تبديلي بابت ڪانفرنس کي خطرناڪ ۽ ناقابل واپسي حد اندر وڃڻ کان روڪڻ لا آخري وڏي ڪانفرنس طور ڏٺو پيو وڃي. پر ڪانفرنس جي ايجنڊا جنهن رفتار سان اڳيان وڌي پئي، ان ۾ جنهن ريت پنهنجا پنهنجا مفاداتي عدسا پائي وار جي کل لاهڻ جي ڪوشش پئي ٿي، انهي کي ڏسندي هرگز محسوس نٿو ٿئي ته هن دنيا کي پنهنجي بربادي ڏانهن تيز رفتار سفر روڪڻ جي ڪا تڪڙ آهي.
عالمي گرمي پد کي وڌيڪ ڏيڍ سينٽي گريڊ وڌڻ کان روڪڻ لا ڳڻتي ته هر تقرير ۾ ظاهر ڪئي پئي وڃي پر ان گرمي پد ۾ واڌ جي سڀ کان وڏي سبب يعني ڪاربن جي اخراج جي 2030ع تائين 40 سيڪڙو گهٽتائي لا ڇا ڪيو وڃي. ان تي رڳو هتان هتان جون خبرون ڪيون پيون وڃن.
فيصلو ڪندڙ اڳواڻن تي دٻا وڌائڻ لا ڇنڇر ڏينهن لنڊن، نيروبي ۽ سڊني سوڌو ڪيترن ئي شهرن ۾ هڪ ئي وقت عالمگير مظاهرا به ڪيا ويا. گلاسگو ۾ ته خير لاڳيتو احتجاجي مظاهري سان دنيا مان گڏ ٿيندڙ سماجي ۽ ماحولياتي ڪارڪن خطاب ڪن پيا. ڇنڇر تي گلاسگو ۾ ٿيندڙ مظاهري ۾ لڳ ڀڳ ڏيڍ لک ماڻهن شرڪت ڪئي. مظاهرو ڪندڙن ۾ وڌيڪ انگ نوجوانن ۽ ننڍي ڄمار وارن جو آهي، جن کي پنهنجي باقي زندگي ۾ گذريل ڪنهن به نسل جي مقابلي ۾ ماحولياتي ابتري جي سنگين چئلينج کي منهن ڏيڻو پوندو.
جيتوڻيڪ هيستائين سئو کان وڌيڪ ملڪ 2030ع تائين ٻيلن جي واڍي ۽ زمين سان نامياتي هٿ چراند جي روڪٿام جو عهد ڪري چڪا آهن. 25 ملڪ زميني ٻارڻ ۾ وڌيڪ سرمائيڪاري ايندڙ سال کان روڪڻ جو واعدو به ڪري چڪا آهن. 2040ع تائين ڪوئلي جي استعمال کان مڪمل پرهيز ڪرڻ جو به ڪيترين قومن وچن ڪيو آهي. 2030ع ۾ ميٿين گئس جي اخراج ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي جي اصول تي به اتفاق ڪيو ويو آهي. انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ لا ترقي پذير قومن جي مدد لا هڪ سئو بلين ڊالر فنڊ گڏ ڪرڻ تي به رضامندي سامهون آئي آهي.
البت آسٽريليا سوڌو ڪوئلو پيدا ڪندڙ اهم ملڪن، تيل ڪڍندڙ رياستن ۽ زميني ٻارڻ جي اربين ڊالرن جي ڪاروبار سان ڳنڍيل ڪئين گهڻ قومي ڪارپوريشنز ڪنهن معجزي جي انتظار ۾ آهن ته انهن جو ڌنڌو به هلندو رهي ۽ ماحولياتي مسئلي جي شدت به پاڻمرادو گهٽ ٿيندي وڃي.
ان ناممڪن هدف کي حاصل ڪرڻ لا ڪوئلي ۽ تيل واريون لابيون دنيا جي مختلف پارليامينٽن جي اڳواڻن کي ريجهائڻ لا گهڻو پئسو خرچ ڪن ٿيون ته جيئن دنيا کي ڏيکارڻ لا اهڙا قانون ٺاهي جيڪي بظاهر ماحولياتي بهتري لا هجن، پر انهن ۾ ڄاڻي واڻي اهڙا قانوني گهارا ۽ روڻيون ڇڏيون وڃن ٿيون جن جي مدد سان انهن قانونن کي اثرائتي نموني لاڳو ڪرڻ ممڪن نٿو ٿي سگهي ۽ جيڪو به چاهي ميڻ جي نڪ وانگر انهن قانونن کي پنهنجن مفادن لا ڪنهن پاسي موڙي سگهي ٿو. پر سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته جن هدفن تي 2015ع جي پيرس ماحولياتي ڪانفرنس ۾ اتفاق ٿيو هو. 6 سال گذرڻ کانپو انهن هدفن کي ايندڙ اٺن سالن ۾ ماڻڻ ۾ ڪهڙي ڪاميابي ٿيندي.
هن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙن لا هر اهو طعام تيار پيو ٿئي جنهن جي ترڪيب انهن ٻوٽن ۽ جانورن تي ٻڌل آهي، جن جي بقا کي سنگين خطرو آهي. انه ڪانفرنس ۾ ماحولياتي ابتري سبب بک ۽ خوراڪ جي کوٽ جي شڪار هڪ چوٿائي عالمي آبادي تي ڳالهه ته ٿي پر ان بابت اثرائتي قانونسازي ڪنهن ملڪ جي ترجيحاتي فهرست ۾ ناهي ته اسين، اسان جون فيڪٽريون ۽ وڏيون وڏيون ڪارپوريشنز جيڪي تيار خوراڪ صنعتي پيماني تي وڪرو ڪري رهيون آهن، ان مان اڌ خوراڪ بنا استعمال جي ضايع ٿي ويندي آهي.
ان جو مطلب اهو آهي ته اهڙي خوراڪ جي تياري تي لڳ ڀڳ 10سيڪڙو ماحولياتي وسيلا ضايع پيا ٿين. آمريڪا ۾ روز في ڪس 4 هزار ڪيلوريز واري خوراڪ تيار ٿئي پئي، جڏهن ته انسان کي سراسري روز وڌ کان وڌ اڍائي هزار ڪيلوريز گهربل آهن ۽ اها خوراڪ گرمي پد کي وڌائڻ واري لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو گئس جي اخراج جو سبب آهي. اهو اخراج آهي جنهن کي رڳو بهتر منصوبابندي سان گهٽائي سگهجي ٿو. تيار ٿيل خوراڪ جي ذيان کي 2030ع تائين اڌ ڪرڻ جو هدف ضرور موجود آهي، پر مسئلو وري اهو ئي آهي ته ٻلي کي گهنٽي ڪير ٻڌائي.
هن ڪانفرنس ۾ شرڪت لا 76 ملڪن جا سربراهه پنهنجن پرائيويٽ جيٽ ۾ آيا ۽ ڪل ملائي ڪانفرنس کان 6 ڏينهن اڳ ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس تائين گلاسگو ۽ ڀرپاسي جي ايئرپورٽن تي 182 پرائيويٽ مسافر ۽ ڪارگو اڏامون لٿيون ۽ ٽيڪ آف ڪيائون. انهن اڏامن ڪاربن جي اخراج ۾ ٽنن جي حساب سان اضافو ڪيو، ڪنهن کي خيال نه آيو ته ماحولياتي ڪانفرنس ۾ علامتي طور ڪمرشل اڏام ۾ به اچي سگهجي ٿو ته جيئن ڪاربن جو اخراج پرائيويٽ جيٽ جي ڀيٽ ۾ گهٽ کان گهٽ ٿئي. ڄڻ ڪانفرنس شروع ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي “دوسرون ڪو نصيحت خود ميان فضيحت” ۾ تبديل ٿي وئي. انهي ميڙ ۾ گهڻا يورپي سربراهه آمريڪي، چيني صدر ۽ مودي سوڌو اسرندڙ ملڪن جي اعلى قيادت شرڪت ڪئي. مقصد اهو هو ته اعلى ترين سطح تي ماحولياتي بهتري جي عهد جو انتظام ٿي سگهي.
عمران خان جيتوڻيڪ هڪ ماحول دوست اڳواڻ تصور ڪيو وڃي ٿو. هو بلين ٽري منصوبن تي عالمي واکاڻ جو به مستحق آهي، اهو به سڀئي ڄاڻن ٿا ته پاڪستان ماحولياتي ابتري سبب متاثر ٿيندڙ 10 چوٽي جي ملڪن مان آهي. ان هوندي جتي ٻين عالمي اڳواڻن کي گلاسگو ۾ هڪ ٻئي سان گڏ ڪجهه وقت گذارڻ جي واندڪائي ملي وئي. اسان جو وزير اعظم ان دوران رياض ۾ صحرائي ماحوليات جي علائقائي ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيو. جڏهن ته گلاسگو ڪانفرنس ۾ خان صاحب جي ماحولياتي مشير ملڪ امين اسلم پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. هاڻي انهي تي ڪهڙو عرض ڪجي، ڪو فائدو؟