تحقيق ۽ ترتيب: ڊاڪٽر ضياءَ شاهه
ڇپائيندڙ: شيس
سال: 2015ع
صفحا: 280
سنڌ ڌرتيءَ کي جتي انيڪ مسئلن کي منهن پئي ڏئي، جتي سنڌين لاءِ ساهه کڻڻ به محال ٿي پيو آهي ۽ اهڙي انڌوڪار خلاف سنڌ ڌرتي وڏي عرصي کان هڪ جدوجهد ڪري رهي آهي. سائين جي ايم سيد جهڙي عظيم مفڪر جيڪي علمي ۽ ادبي بنياد رکيا، انهن سنڌين جي سوچ کي قوميت وارو نئون رخ ڏئي ڇڏيو آهي.
سنڌي ادب به پنهنجي موج مستي سان اڳ کان اڳڀرو ٿي پيو آهي، ڪٿي ڪا تحقيق پئي ٿئي، ته ڪٿي ڪا ڪهاڻي پئي لکجي، ڪٿي ڪو بيت پيو چئجي ته ڪٿي وري ڪا وائي پئي جهونگارجي. هونئن ته سن واري سيدن جو سنڌ جي حوالي سان گهڻ رخو حصو آهي، پر علم، ادب ۽ تحقيق جي حوالي سان پڻ سندن وڏو حصو آهي. جنهن جو تاج به سائين جي ايم سيد جي سر وڃي ٿو. 60ع واري ڏهاڪي ۾ جڏهن سائين جي ايم سيد کي سنڌين جي حقن جي جدوجهد ڪندي نظربند ڪيو ويو ته سائين علم ۽ ادب کي هٿيار بڻائي، اسان سنڌين کي هڪ نئون معرڪو ڏنو، جنهن ۾ “بزمِ صوفياِ سنڌ” جو قيام ۽ “سنڌ جا سورما”، “سنڌو جي ساڃاهه” ۽ “سنڌي ڪلچر” جهڙا ڪتاب لکي، امن دشمنن، انسانيت دشمنن ۽ سنڌ دشمنن کي ڇرڪائي ڇڏيو. اهڙي ريت ڊاڪٽر ضياءَ شاهه (سائين جي ايم سيد جو پوٽو) پڻ وڏي عرصي کان علم ۽ ادب جي ميدان ۾ جيءَ ٽوڙ ڪوششون ڪري سنڌ ديس ۽ سنڌ واسين جي خدمت ڪندو پيو اچي، جنهن جو وڏو مثال سندس تحقيق ۽ ترتيب ڏنل هي ڪتاب “شاهه حيدر سنائي” آهي، جيڪو شاهه حيدر جي 500 سالا عرس جي موقعي تي ڇپرايو ويو آهي. هن ڪتاب کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: هڪ مضمون (12 محققن جا 29 مقالا ۽ مضمون)، ٻيو تصويرون (50 کان مٿي رنگين تصويرون) ۽ ٽيون شاعري. جڏهن ته مضمونن کي پڻ ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:
(1) شاهه حيدر سنائي جي زندگيءَ جو احوال،
(2) سيد خاندان جو احوال، ۽
(3) سن جي تاريخ.
انهن ۾ سائين جي ايم سيد جا ٻه مضمون، ڊاڪٽر ضياءَ شاهه جا ٽي مضمون، تاج جويي جا ٻه مضمون، رسول بخش ٻگهيي جا پنج مضمون، خدا بخش جويي جا ست مضمون، جڏهن ته سائين امداد محمد شاهه، جناب عبدالواحد آريسر، آزاد قاضي، ايوب عمراڻي ۽ ايم حنيف لاشاري جو هڪ هڪ مضمون شامل آهي.
منهنجي نظر ۾ سائين جي ايم سيد جو 39 صفحن تي ٻڌل مضمون “سنائي سيدن جي مشهور ۽ مُکيه ماڻهن جو احوال” هن سموري ڪتاب جو روح آهي. جنهن ۾ سائين، حيدر شاهه سنائي جو شجرو ٻن صفحن تي ڏنو آهي، جنهن منجهان خبر پئي ٿي ته سندن تعلق مٽياريءَ جي سيدن سان آهي. اهڙي ريت مڪار شاهه بيگ ارغون جي حملي کان سيد ميران شاهه سان ٿيل جهڙپ جو مڪمل احوال پڻ ملي ٿو. سائين موجب ميران شاهه امام مهدي هجڻ جي ڪوڙي دعوى ڪئي، جنهن تي قاضي قاضن جهڙا عالم پڻ هن جي ڳالهين ۾ اچي ويا. پر مخدوم بلاول سندن علم جي بنياد تي اهو ڄاڻي ورتو ته اهو شخص ڪوڙو ۽ مڪار آهي، جنهن بعد سندن خليفن کي حڪم ڏنو ته هن ڪوڙي شخص خلاف جنگ جو اعلان ڪن.
اهو جڏهن سن وٽ پهتو ته روايت موجب چڱن مڙسن کي نياپو ڏنائين ته سندس آڌرڀاءُ لاءِ اچن، جنهن تي شاهه حيدر سنائي ساٿي وٺي ان شخص جي ٻيڙين کي نقصان رسايو، جنهن بعد کيس زميني رستي وسيلي افغانستان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو.
اهڙي ريت ڊاڪٽر ضياءَ شاهه جو مضمون “قديم سنڌ ۽ شاهه حيدر جو دور” پڻ تحقيق جي جديد اصولن موجب لکيل آهي، جنهن ۾ ڏنل ڄاڻ جو خزانو پڙهندڙن کي ڇرڪائي ڇڏي ٿو. هي مضمون نه رڳو سنڌ جي پر سموري دنيا ۾ شاهه حيدر جي دور تائين پيش آيل اهم واقعن ۽ حڪومتن جو احوال ڏئي ٿو. هن مضمون ۾ يورپ جي ترقي جو داستان به ڏنل آهي، ته مسلمانن جي ڪڌن ڪرتوتن جي ڪري سندن زوال جي ڳالهه به ڪري ٿو.
اهڙي ريت ايوب عمراڻي جو لکيل مضمون پڻ دلچسپ معلومات سان ڀريل آهي، مثال طور هو شاهه حيدر سنائي جي ٽن اهم واقعن جو ذڪر ڪري ٿو:
(الف) چانگ قبيلي جي سرڪشي خلاف ويڙهه،
(ب) سيد ميران شاهه جي امام مهدي هجڻ واري ڪوڙي دعوى خلاف جدوجهد، ۽
(ٻ) سنڌ جي آزاديءَ لاءِ ارغونن خلاف جنگ.
ان کانپوءِ خدا بخش جويي جا مضمون پڻ ساراهه جوڳا آهن، جن ۾ هو سن شهر بابت ڪارائتي تحقيقي ڄاڻ ڏئي ٿو.
منهنجي نظر ۾ هي ڪتاب شاهه حيدر سنائي تي تحقيق ڪندڙ محققن لاءِ ريفرنس بُڪ طور ڪم ايندو ۽ اڳيان هلي سنڌ جي هن عظيم سورمي تي تحقيق جو بنياد بڻبو. جيڪڏهن هن ڪتاب جي آخر ۾ حوالن جي فهرست پڻ ڏني وڃي ها ته هن ڀلوڙ ڪتاب کي چار چنڊ لڳي وڃن ها. هي ڪتاب پڙهي ان ڳالهه جو اندازو پڻ ٿيو ته اڄ سيد خاندان سنڌ جي بقا خاطر جيڪا سياسي، علمي ۽ ادبي جدوجهد ڪري رهيو آهي، اها کين 500 سالن کان ورثي ۾ ملي آهي.