ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪي اين شاهه جا ٻوڏ متاثر

Editorial

ٻوڏ کي لڳ ڀڳ پنج مهينا گذري چڪا آهن پر ٻوڏ متاثرن جي بحالي اڄ تائين مڪمل نه ٿي سگهي آهي، جنهن جو اعتراف ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پڻ ڪيو آهي. سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ اڄ به ٻوڏ سٽيل ماڻهو پريشانيءَ ۾ ڏينهن راتيون گهاري رهيا آهن. جڏهن ته انهن کي مصيبتن مان ڪڍڻ سنڌ حڪومت جو فرض آهي. پر تنهن هوندي به هيستائين ڪا اهڙي چرپر ڪونه ٿي آهي، جنهن مان ائين لڳي ته هاڻ ٻوڏ متاثرن جا سور ختم ٿيڻ وارا آهن. ٻوڏ دوران ڪي اين شاهه سڀ کان وڏيڪ متاثر ٿيندڙ شهرن ۾ شامل آهي. جيڪو اڃا تائين پوري ريت بحال نه ٿي سگهيو آهي، نتيجي ۾ نه رڳو ماڻهو اتي پريشان لڳا پيا آهن پر اهي سرڪاري واهر لاءِ به واجهائي رهيا آهن.
خيرپور ناٿن شاھه ۾ يونين ڪائونسل گاڏھي جي ڳوٺ چپر خان گاڏھي، خوشالاڻي گاڏھي جي ٻوڏ متاثرن پاران واھر نه ٿيڻ تي با پاس ھا وي تي ٽائر ساڙي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو. ڌرڻي ۾ ڊي سي دادو ۽ مختيارڪار ڪي اين شاھه خلاف زبردست نعريبازي ڪئي وئي. ڌرڻي سبب ڪراچي کان لاڙڪاڻي ويندڙ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي امتياز علي گاڏھي، غلام عباس گاڏھي، شاھنواز گاڏھي، شيراز، لطيف، ردائي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻوڏ جو پاڻي ھن وقت به اسان جي ڳوٺ مان نڪري ناھي سگھيو، اسان جا گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آهن ۽ اسين ھن وقت به پنھنجن ٻچن سميت بندن تي کلي آسمان هيٺ ويٺل آھيون، حڪومت طرفان ڪابه واھر نه ٿي سگهي آهي. ڊي سي دادو، مختيارڪار ڪي اين شاھه ۽ چونڊيل نمائندن پاران اسان جي ڪابه سار سنڀال نه لڌي وئي آهي. هنن چيو ته آيل راشن، ٽينٽ ۽ ٻيو سامان پنھنجن من پسند ماڻهن کي ڏنو پيو وڃي. جنھن جي ڪري اسين پنھنجن ٻچن سميت بک ۽ بدحاليءَ جو شڪار ٿي ويا آهيون. ھنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اسان کي راشن، ٽينٽ ۽ ڊھي ويل گھرن جي ٻيھر تعمير لا معاوضو ڏنو وڃي. جنھن کانپوءِ ڊي ايس پي ۽ مختيارڪار ڪي اين شاھه ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن سان ڳالهيون ڪري مطالبن جي مڃتا جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.
اسين سمجهون ٿا ته ڪي اين شاهه واسين جي ٻوڏ متاثرن جي مطالبن کي نه رڳو ٻڌو وڃي پر انهن کي حل به ڪيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ جڏهن سيارو پنهنجي اوج تي هوندو ته انهن لاءِ پريشانيون وڌي وينديون، تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن، خاص ڪري ڪي اين شاهه مان پاڻي نيڪال ڪري ترت زندگي بحال ڪئي وڃي.

ٻيلي کاتي جي ڪارروائي
سنڌ ايڪسپريس جي هنن ئي صفحن تي اسين ڪيترا ڀيرا اهو لکي چڪا آهيون ته سنڌ ۾ وڻن جي واڍي وارو سلسلو بند ٿيڻ گهرجي پر هن وقت تائين نه اهو سلسلو بند ٿيو آهي ۽ نه ئي ان جا ڪي امڪان نظر اچي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته مختلف خبرن سان گڏ وڻن جي واڍي جون خبرون به اينديون رهنديون آهن، جنهن جي ڪري نه رڳو ٻيلن جو نقصان ٿي رهيو آهي پر ان سان گڏ جهنگلي جيوت کي پڻ سخت نقصان پهچي رهيو اهي، جنهن جو ازالو ڪنهن به ريت ترت نٿو ٿي سگهي ۽ نه ئي ممڪن به آهي. ٻيلن جي اهميت کان واقف هوندي به ماڻهو ٻيلن ۾ ڪهاڙي واهڻ ۾ دير نٿا ڪن ۽ سنڌ جي ماحوليات کي خراب ڪري رهيا آهن. جنهن جو نقصان هر ساهواري جيو کي ٿي رهيو آهي. ڪالهه به ٻيلي جي واڍي جي خبر رپورٽ ٿي آهي.
ايلچي ٻيلي مان قيمتي وڻن جي واڍي جاري رهي. ٻيلي کاتي جي عملي 50 لک کان وڌيڪ ماليت جو ڪاٺ ھٿ ڪري 15 ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو. خبر موجب جهنڊو مري تعلقي جي يوسي هڱوراڻي ۾ ٻيلي کاتي جي 333 ايڪڙن جي آبادي مان 50 کان 60 ايڪڙن تي 6 سال اڳ ماحول دوست ٻٻرن جا وڻ پوکيا ويا هئا، جن وڻن جي مسلسل ٻن مهينن کان واڍي جاري هئي ۽ لکين رپين جو ڪاٺ پڻ واڍي بعد وڪرو ٿي چڪو آھي. ميڊيا تي مسلسل خبرون نشر ٿيڻ بعد ٻيلو کاتو حرڪت ۾ اچي ويو. ٻيلي کاتي جي ڊي ايف او پاران نوٽيس کانپوءِ فاريسٽ گارڊ محسن علي شاھه جي فرياد تي عمر ساند ٿاڻي تي وڻن جي واڍي ۽ وڪري ۾ ملوث 15 کان وڌيڪ ماڻھن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. ڪيس ۾ مهڪاڻي برادري سان تعلق رکندڙ ممتاز، عبدالله، الطاف، شريف، پيرل، جاويد، وسيم، امير بخش مهڪاڻي، فياض مري، اياز ميرجت ۽ ولهار مهڪاڻي سميت ٻيا شامل آهن. ان سلسلي ۾ ٻيلي کاتي جي عملي جبار ميرجت ۽ محسن شاھه جو چوڻ آھي ته ٻيلي کاتي جي ڊي ايف او ثنا بليدي جي هدايتن تي عمر ساند ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آھي، برساتن جي ڪري ٻيلي جي زمين پاڻي هيٺ هئي، جنهن جو فائدو وٺندي مقامي ماڻھن لکين رپين جي ڪاٺ جي واڍي ڪئي، جلد ئي پوليس جي مدد سان ملوث ماڻھن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو. ٻيلي کاتي جو 50 لک کان وڌيڪ ماليت جو ڪٽيل ڪاٺ ھٿ ڪيو آھي. ايس ايس پي ٽنڊوالهيار ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد کي گهرجي ته ايلچي ٻيلي جي حفاظت لا پوليس چوڪي قائم ڪئي وڃي.
اسين سمجهون ٿا ٻيلي کاتي پاران ترت ڪارروائي ڪرڻ هڪ سٺو عمل آهي ۽ انهن ماڻهن کي هر صورت ۾ سزا اچڻ گهرجي، جيڪي سنڌ جي ٻيلن جو صفايو ڪري رهيا آهن ۽ قيمتي وڻن کي وڍي ان مان پئسو ڪمائڻ جي چڪر ۾ لڳا پيا آهن. قيمتي وڻن جي واڍي جي نقصان جو پورائو ته نٿو ٿي سگهي پر جن ماڻهن وڻن جي واڍي ڪئي آهي، انهن کي سزا ڏئي مثال ضرور قائم ڪرڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button