ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان جي سياست تي سواليه نشان؟

Editorial-Article- Adil Shahzeb

گذريل ڇهن ستن مهينن جي سياست ۽ اهم شخصيتن جي مختلف بيانن مان اها حقيقت وڌيڪ چٽي ٿي وئي آهي ته 2018ع جي تڪراري چونڊن مان ڪنهن به ريت پي ٽي آءِ کي کٽرائڻ لاءِ باقاعده رٿابندي ڪئي وئي. ان رٿا بندي تحت اڳ هڪ چونڊيل وزير اعظم نواز شريف کي اقتدار کان ٻاهر ڪري نا اهل ڪرايو ويو. ان کان پوءِ ڌاڙا ڌڙ موسمي پکي پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ شامل ڪرايا ويا. پوءِ آر ٽي ايس فيل ٿيا ۽ نيٺ دنيا عمران خان کي وزير اعظم ٿيندي ڏٺو.
مسئلو پر اهو هو ته 90 ڏينهن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ، لٽيل 300 ارب ڊالر پاڪستان واپس آڻڻ، ٻه ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر جهڙن وڏيون دعوائون پوريون نه ٿي سگهيون. پنجاب ۾ عثمان بوزدار کي وسيم اڪرم ٺاهي پيش ڪيو ويو، پر ڪارڪردگي ۽ گورننس جي دال ڪنهن به ريت نه ڳري سگهي.
نتيجي ۾ خراب ڪارڪردگيءَ جي ذميواري فوج جي ڪلهن تي اهو چئي لڳائي وئي ته توهان آندو هو تنهنڪري هاڻ معيشت ۽ گورننس جو ٻيرو ٻڏڻ جا ذميوار به پاڻ آهيو.
فيبروري 2022ع تائين سياست ۾ مداخلت جو اعتراف ڪري جنرل باجوا اها حقيقت به واضح ڪري ڇڏي ته نه فقط عمران خان کي اقتدار ڏياريو ويو پر ساڍا ٽي سال ان اقتدار کي جيئدان ڏيڻ لاءِ هر حربو آزمايو ويو.
ڀلي اپوزيشن قيادت کي جيلن ۾ واڙڻ هجي يا ميمبرن کي باٿ رومن تائين بند ڪري عمران خان جي حمايت تي مجبور ڪرڻ هجي.
ان سڄي معاملي جو ملڪ ۽ جمهوريت کي ته نقصان پهتو هو پر فوج کي بطور ادارو به پاڻ تحريڪ انصاف ان حمايت تي ايترو شرمسار ڪيو جو شايد پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ڪنهن ٻي پارٽي فوج جي ساٿ سان ڪيو هجي.
عمران خان گذريل ڇهن مهينن ۾ فوج کي کيس اقتدار ۾ آڻڻ ۽ پوءِ حڪومت هلرائڻ جو صلو جنهن انداز ۾ ڏنو، ان کي احسان فراموشي سمجهيو پيو وڃي.
پر جيڪي ڪجهه به ٿيو، ان کي هاڻ ان ڊو ته نٿو ڪري سگهجي پر فوج جو سياست ۾ عمل دخل نه ڪرڻ جو فيصلو ساراهه جوڳو آهي، پر ڇا ائين ٿي به سگهندو. اهو ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو.
گذريل ستن مهينن ۾ عمران خان جي سياست جو جيڪڏهن جائزو وٺجي ته سولائيءَ سان چئي سگهجي ٿو ته حڪومت مان نڪرڻ کان پوءِ هن جي جيڪا نا قابل يقين سپورٽ ملي آهي، ان کي هو پنهنجن مقصدن جي حاصلات لاءِ ڪيش ڪرائڻ ۾ ناڪام ويو آهي.
نام نهاد آمريڪي سازش جي بيانيي تي آئون اڳ ئي سٽون لکي چڪو آهيان ته اهو بيانيو وچ چوڪ تي نڪرندو ۽ ائين ئي ٿيو.
قومي اسيمبليءَ مان استعيفائن جو اعلان به بنا سوچڻ سمجهڻ جي تڪڙ ۾ ڪيو ويو ۽ نتيجي ۾ اڄ پاڻ پي ٽي آءِ قومي اسيمبليءَ ۾ واپس اچڻ چاهي ٿي ۽ ائين ڪرڻ پي ٽي آءِ لاءِ هڪ وڏي سياسي شرمساري هوندي.
اهڙي ريت عمران خان جو سڀ کان وڏو ۽ اهم مقصد ترت چونڊون ڪرائڻ هو، ڇاڪاڻ ته هو انهن مان مان ملندڙ عوامي سپورٽ کي ترت ڪيش ڪرائڻ چاهي رهيو هو، پر هو اهڙيون سياسي چالون هلي ويو جو چونڊون ترت ٿيڻ ته پري جي ڳالهه پر انهن ۾ ڪجهه مهينن جي دير ٿي ويندي.
اهڙي ريت لانگ مارچ جي ٽائمنگ مان اهو تاثر اڀريو ته عمران خان جو اصل مقصد آرمي چيف جي مقرري آهي نه ئي ترت چونڊون.
لانگ مارچ جي شروعات ته هو سٺي ڪري ويو پر مارچ جي پڄاڻي تي عمران خان جو پنجاب ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلي ٽوڙڻ جو اعلان هن کي سياسي فائدو پهچائڻ بدران نقصان ڏيندو.
ان جو واضح مثال مونس الاهي ۽ پرويز الاهي جا انٽرويو آهن، جن ۾ وڏي وزير پنجاب مارچ تائين اسيمبلي نه ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، هاڻ تحريڪ انصاف جي اندر اها ڳالهه ٿي رهي آهي ته ڏهن سيٽن واري پارٽي کي وڏو وزارت ڏئي پاڻ پنهنجي پيرن تي ڪهاڙو ڇو هنيو.
پرويز الاهي ان کان چٽن لفظن ۾ شايد اسيمبلي ٽوڙڻ جو انڪار ڪري سگهي، پر هن جو انڪار عمران خان جي فيصلي سازي تي وڏو سواليه نشان ڇڏي ويو آهي.
خان صاحب کي جيڪڏهن پنهنجي مقبوليت برقرار رکي وري اقتدار ۾ اچڻو آهي ته هن کي پنهنجي سياسي، خاص طور تي سياسي چالن جي ٽائمنگ جو نئين سر جائزو وٺڻو پوندو.
جيڪڏهن هو وڌيڪ ڪي اهڙا فيصلا ڪندو، جن سان هن کي سياسي شرمساري ٿيندي ته سوئنگ ووٽر ان مان اهو سوچي پري ٿيندو ويندو ته جيڪا پارٽي سنجيده فيصلي سازي ٺيڪ سان نٿي ڪري سگهي اها اقتدار ۾ اچي ملڪ ڪيئن هلائيندي.


انڊپينڊنٽ اردو جي ٿورن سان

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button