ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ملڪي سياست جو اھم مسئلو

Editorial-Article- Umer Qazi

فوج جي غيرسياسي ھجڻ واري اعلان کان پوءِ (ق) ليگ جي مونس الاھي ۽ پوءِ پرويز الاھي پاران ايندڙ اھي بيان تھ اڳوڻي آرمي چيف انھن کي عمران خان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ چيو، ڇا ٿا ثابت ڪن؟ انهن بيانن مان اھي ڳالھيون ثابت ٿي رھيون آھن. اھي ٻيئي بيان ان ڳالھھ جو ثبوت آھن تھ ابتدا ۾ عمران خان اڳوڻي آرمي چيف جي اکين جو تارو ھو. جنرل باجوا ھن لاءِ اتحادين کي ميڙي ھن جي حڪومت ٺاھڻ ۾ اھم ڪردار ڪندڙ ھو. ان مان ٻيو اھو ثابت ٿيو آھي تھ چوڌري ڀائر اسٽيبلشمينٽ جي اشاري کان سواءِ پنھنجي سياست جو فيصلو ڪري نھ ٿا سگھن. ان سلسلي ۾ اھا ڳالھھ بھ اھم آھي تھ ھو نھ صرف اسٽيبلشمينٽ جي سئيءَ سڳي ۾ آھن پر ھو ان جي اظھار ۾ ڪنھن بھ قسم جو شرم محسوس نھ ٿا ڪن. ان مان اھو بھ ثابت ٿي ويو تھ مرحوم پير پاڳاري کان پوءِ مسلم ليگ جو اھو ڌڙو فوج سان پنھنجا لاڳاپا مڃڻ ۾ ڪنھن بھ قسم جي تڪليف کي محسوس نھ ٿو ڪري. اسان وٽ ھڪ دور ۾ پير صاحب پاڳارو بھ کليو کلايو چوندو ھو تھ سڀئي جي ايڇ ڪيو جا ماڻھو آھن پر هو مڃين نھ ٿا ۽ مان مڃان ٿو. پر ھاڻي ان اعتراف جو اعزاز مسلم ليگ (ق) جي قيادت کي بھ حاصل ٿي ويو آھي. ھن مھل انھن کان پڇا اھا ڪرڻي آھي تھ ڇا انھن جي ھن وقت واري پوزيشن بھ ان ساڳي طرف جي ھدايت مطابق آھي يا انھن ھاڻي آزاد سياست جو فيصلو ڪيو آھي؟
پاڪستان جي سياست جو سڀ کان اھم مسئلو اھو سمجھيو ويندو رھيو آھي تھ ھتي سياست ڪڏھن بھ آزاد نھ رھي آھي پر ھن ڀيري جھڙي ريت آءِ ايس آءِ جي سربراهه ۽ فوج جي ترجمان گڏيل طور تي اھو آفيشل اعلان ڪيو آھي تھ انھن جي اداري جو سياست سان ڪو تعلق نھ رھندو تھ پوءِ ڇا اسان اھو سمجھون تھ پاڪستان جي سياست جو سڀ کان اھم مسئلو حل ٿي ويو آھي؟ پاڪستان جو اھو مسئلو حل ٿيل سمجھجي يا نھ؟ ان جي خبر پوڻ لاءِ اسان کي گھڻي انتظار جي ڪا ضرورت پيش نھ پوندي. ڇو تھ ھن سال جي خاتمي ۽ نئين سال جي ابتدا ۾ ئي پتو پئجي ويندو تھ ڪير ڪيتري پاڻيءَ ۾ آھي. جھڙي ريت عمران خان ھن حڪومت ۽ ھن جي اتحادي ادارن ۽ ان ۾ خاص طور تي اليڪشن ڪميشن جي مٿان جيڪو تمام سخت وار ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي، ان اعلان جي مٿان عمران خان ايندڙ سال جي ٻين يا ٽين مھيني ۾ عمل ڪيو تھ پوءِ حڪومت 80 سيڪڙو سيٽن تي ننڍي چونڊ ڪيئن ڪرائيندي؟ ان لاءِ حڪومت کي پنھنجي ضد ڇڏڻي پوندي. ان کان سواءِ ھن حڪومت کي اھو بھ خوف آھي تھ جيڪڏھن اسٽيبلشمينٽ مڪمل طور تي اڻ ڌري ٿي وئي تھ ان جي چونڊ کٽڻ جا امڪان تمام گھڻا گھٽجي ويندا. ڇو تھ ھن حڪومت جھڙي ريت ٿوري وقت لاءِ سخت شرطن تي اقتدار وٺڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو، ان حڪومت ۾ شامل پارٽين ۽ انھن ۾ خاص طور تي مسلم ليگ (ن) جي سياسي ساک کي تمام گھڻو ڪاپاري ڌڪ لڳو آھي. نواز ليگ ڪجھھ وقت اڳ پنجاب جي چونڊ ۾ پنھنجي سياسي ساک جو حشر ڏسي بھ چڪي آھي ۽ ھاڻي بھ جيڪڏھن مريم نواز ٻاھر ويٺي آھي تھ ان جو سبب بھ اھو آھي تھ ھوءَ ڪجھھ وقت پري رھي، پنھنجي لاءِ ڪو بھتر وقت سوچي رھي آھي. ھڪ اھڙو وقت جنھن ۾ ھن جو اميج وري ائين اڀريل ھجي، جيئن ھن جي سياسي ابتدا وقت ھو.
پاڪستان جي موجوده وزير اعظم ميان شھباز شريف کي اھا حسرت ھئي تھ ھن جي نالي سان بھ اڳوڻو وزير اعظم لکيو وڃي سو ھن جي حسرت بھ پوري ٿي پر ان حسرت جي تڪميل لاءِ ھن جي وڏي ڀاءُ ميان نواز شريف جيڪا سياسي قيمت ادا ڪئي آھي، ان تي ھن جي جانشين ڌيءَ ھن مھل تائين سخت ڪاوڙيل آھي. ھوءَ ڪنھن بھ طور تي ان حق ۾ نھ ھئي تھ عمران خان کي سياسي شھيد بڻائي، ھن کي وڌيڪ مشھور ڪجي. پر اھو ڪجھھ ٿي ويو آھي ۽ ھاڻي جيڪو ڪجھھ بھ ٿي رھيو آھي، اھو تمام گھڻو دلچسپ آھي. ڇو تھ عمران خان ھڪ ڀيرو ٻيھر نھ صرف اقتدار ۾ اچڻ لاءِ بيچين آھي پر ھو ھن ڀيري مڪمل طور تي پنھنجي زور ۽ پنھنجي سگھھ سان سوڀارو ٿيڻ چاھي ٿو ۽ ھو چاھي ٿو تھ ھن کي ايترا ووٽ ملن جو ھو ملڪ جو آئين بھ تبديل ڪري سگھي. ان سلسلي ۾ ھن جون تياريون تھ ڀرپور آھن پر ھن کي صرف ھڪ خدشو آھي تھ جيڪڏھن ملڪي فوج ھن جي سياسي ڪردار کي ملڪ جي مفاد ۾ نھ سمجھيو تھ پوءِ ھن جو ڇا ٿيندو؟
اھا حقيقت آھي تھ فوج ھر سطح تي اھو اعلان ڪري چڪي آھي تھ ھوءَ ھاڻي مڪمل طور تي نيوٽرل رھندي پر ان جو اھو مطلب ناھي تھ ھوءَ ملڪ لاءِ خطرناڪ سمجھي ويندڙ سياست جي سلسلي ۾ بھ ماٺ اختيار ڪندي. فوج پاران سياست ۾ مداخلت نھ ڪرڻ جو مطلب اھو آھي تھ جيڪو اڳ ۾ تاثر ھو تھ فوج ھر وقت ۽ ھر سياسي معاملي ۾ مداخلت ڪري ٿي، ان لاڙي کي ختم ڪرڻ ۽ ننڍن معاملن ۾ فوج کي ملوث نھ ڪرڻ وارو اھو فيصلو پنھنجي جاءِ تي قائم بھ رھندو. ڇو تھ ھن ڀيري جيڪا فوجي قيادت آئي آھي، ان جو اميج بھ پيشيور فوجي ھجڻ وارو آھي. ان حوالي سان اھو بھ امڪان آھي تھ جيڪڏھن فوج جي اعليٰ ترين اداري عمران خان جي سلسلي ۾ ڪو فيصلو اھڙو ڪيو، جيڪو عمران خان جي ذاتي حق ۾ نھ ھجي تھ ان صورت ۾ ڇا ٿيندو؟ پاڪستان جي فوج سياسي پارٽين جي مخالف نھ رھي آھي. جيڪڏھن ان کي ڪنھن معاملي تي اختلاف رھيا آھن تھ اھي سياسي پارٽين جي قيادتن تي رھيا آھن. ڇا اھا حقيقت ناھي تھ ڪافي وقت کان وٺي تحريڪ انصاف جي قيادت کي تبديل ڪرڻ جون ڪوششون بھ ٿينديون رھيون آھن.
پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي حوالي سان بھ سڀني کي پتو آھي تھ اسٽيبلشمينٽ کي بينظير ڀٽو جي مٿان مڪمل اعتبار نھ ھو. ان ڪري پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي تبديل ڪرڻ جي گُهر ٿيندي رھي ۽ ھاڻي تھ اھا قيادت صرف نعرن ۾ آھي، جنھن قيادت تي ڪڏھن ملڪ جي محافظ اداري جي ڪجھھ سربراھن کي اعتراض ھو. بينظير ڀٽو جي حوالي سان جيڪو ڪجھھ بھ ٿيو اھو نھ ٿيڻ کپندو ھو پر ھاڻي اسان ڪنھن بھ ڳالھھ کي پنھنجي مرضيءَ مطابق موڙي يا ٽوڙي نھ ٿا سگھون. جيڪو ڪجھھ بھ ٿي ويو. اھو ٿي ويو. اسان وقت کي واپس ورائي نھ ٿا سگھون. پر ھن مھل معاملو بينظير ڀٽو جو ناھي. ھن وقت معاملو ان عمران خان جو آھي، جنھن کي ھن جي عوامي پاپولرٽي ۽ ھن جي تنقيدي اظھار سبب ھن جي مٿان اعتبار جي کوٽ پيدا ٿي پئي آھي.
حڪومت ۾ شامل پارٽين جي اھا ڪوشش رھي تھ ڪنھن بھ ريت عمران خان ۽ فوج جي لاڳاپن کي ان حد تائين بگاڙجي جو ان ۾ بھتريءَ جي ڪا اميد باقي نھ رھي. ان جو مطلب اھو ناھي تھ عمران خان سان ڪا وڏي زيادتي ٿي رھي آھي. عمران خان سان بلڪل اھو ئي ڪجھھ ٿي رھيو آھي، جيڪو ڪجھھ عمران خان ڪڏھن پنھنجن مخالفن سان ڪيو ھو. عمران خان يا ھن جا حامي ڀلي تسليم نھ ڪن پر اھا حقيقت آھي تھ فوج ۽ ميان نواز شريف ۾ دوري پيدا ڪرڻ جي سلسلي ۾ عمران خان جي ڪردار کي ڪنھن بھ ريت آجو قرار ڏئي نھ ٿو سگھجي. عمران خان جي سلسلي ۾ ھاڻي جيڪڏھن اھو لکجي تھ ممڪن آھي، ھن جي حامين کي برو بھ لڳي پر اھا حقيقت آھي تھ عمران خان اھو ڪجھھ لڻي رھيو آھي، جيڪو ڪجھھ ھن پوکيو ھو. ھن جي سياست ھن جي غلطين جو ورجاءُ آھي.
عمران خان پھرين ڏينھن کان وٺي ان ڳالھھ جو سڀ کان وڏو حامي ھو تھ فوج جو ڪردار مڪمل طور تي غيرسياسي ھجڻ گھرجي پر (ق) ليگ جي قيادت اھو ظاھر ڪري وڌو آھي تھ عمران خان کي اقتدار ۾ آڻڻ وارا ھٿ ڪنھن جا ھئا؟ عمران خان کي اقتدار تي پھچائڻ وارا ھٿ اھي ئي ھئا، جن کيس اقتدار تان لاٿو. اقتدار تان لھڻ بعد عمران خان ھڪ ضدي ٻار وانگر ان ڳالھھ تي گوڙ ڪرڻ لڳو تھ ھن کي ڇو ھٽايو ويو؟ ھن کي صرف پنھنجي ھٽڻ تي غصو نھ ھو پر ھن بار بار عوامي جلسن ۾ ان تي بھ اعتراض واريو ھو تھ آخر اھو ادارو نيوٽرل ڇو آھي؟ ھن ان سلسلي ۾ ”جانورن“ جو مثال بھ ڏنو ھو ۽ عسڪري قيادت کي عمران خان جي ان انداز تي تمام گھڻو غصو بھ آيو ۽ ان غصي جو ان پاران اظھار بھ ٿيندو رھيو ۽ ھن مھل بھ عمران خان جي خار ۾ جيڪو عنصر شامل نظر اچي رھيو آھي، اھو ھي آھي تھ ھو فوج کي سياست کان پري ڏسڻ جي خواهش رکڻ جي باوجود بھ پنھنجي حق ۾ ان جو فيصلو ڏسڻ جي خواھش رکي ٿو.
پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو مسئلو فوج جي سياست ۾ مداخلت قرار ڏنو ويو آھي پر ھن مھل ھڪ عجيب ماحول آھي. فوج جي غيرسياسي ڪردار جي سلسلي ۾ پاڪستان جي سياستدانن ۽ سياسي پارٽين جي رويي کي ڏسي محسوس ٿي رھيو آھي تھ اھا حڪومت ھجي يا مخالف ڌر، ھر ڌر اسٽيبلشمينٽ کي پنھنجو ساٿ ڏيڻ تي زور ڀري رھي آھي ۽ ھر سياسي قوت جو اھو اصرار آھي تھ اسٽيبلشمينٽ ھن جي سپورٽ ڪري تھ جيئن ھن کي اقتدار بھ ملي ۽ اھو اقتدار قائم بھ رھي. پر جيڪڏھن اسٽيبلشمينٽ ان مطالبي کي نھ ٿي مڃي تھ ان جي نتيجي ۾ جيڪي ڪجھھ بھ ٿيندو، اھو نقصان ۾ ويندڙ سياسي پارٽين ۽ انھن جي اڳواڻن کي ڪنھن بھ صورت ۾ قبول نھ ھوندو. ڇا ان صورت ۾ ھو اڻ سڌن لفظن ۾ اھو چوندا تھ اسٽيبلشمينٽ جو نيوٽرل ھجڻ ملڪ جو اھم ترين مسئلو آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button