اسان جي سماج ۾ پيءُ بابت جيڪي ڪجهه ٻڌايو ويندو آهي يا اسين مٽن مائٽن خاص طور تي دوستن کان ننڍپڻ کان ٻڌندا آيا آهيون، بابا محمد عثمان ميمڻ قطعي اهڙو پيءُ نه هو. هُو هميشه هڪ دوست، استاد، پوءِ پيءُ هو. اهو ته سندس زندگيءَ جو ذاتي پهلو آهي. ڇاڪاڻ ته زندگيءَ جي اُن حصي ۾ بابا سان تمام گهڻو ويجهو رهيس، جڏهن بابا پنهنجو هر لمحو تحقيق، ادب، ڊراما لکڻ ۽ يوگا کي ڏنو، بابا سان ڪيل ڪمن ۽ هلندڙ تحقيقن بابت منهنجون اڪثر ڪچهريون ٿينديون رهنديون هيون، تنهنڪري منهنجو شوق هوندو هو ته مان بابا جا ايتري محنت سان ڪيل ڪم مڪمل ٿيندي ڏسان. جڏهن کان هوش سنڀاليو آهي، تڏهن کان بابا کي ڪم ۽ ڪم ڪندي ڏٺو آهي، مون کي ياد آهي ته بابا وٽ هڪ نيري رنگ جي ڊائري هوندي هئي، جيڪا هو جڏهن به کڻندو هو ته اُنهيءَ رات اسان جي گهر ۾ اُستاد بخاري ۽ ٻين شاعرن جو ذڪر ٿيندو هو. اُنهن ڏينهن ۾ بابا جو پي ٽي ويءَ تي ڪو پروگرام به هلندو هو، جيڪو اسان شديد انتظار کان پوءِ گهر جا سڀئي ڀاتي گڏجي ڏسندا هئاسين، ڇاڪاڻ ته انهيءَ دور ۾ فقط پي ٽي وي چئنل هوندو هو، جيڪو مخصوص ٽائيم لاءِ هلندو هو.
بابا جو شاعريءَ سان تعلق ته شايد ننڍپڻ کان هو پر سندس شاعريءَ ۾ اُستاد ‘استاد بخاري’ هو، اسان جي گهراڻي جو اُستاد بخاريءَ جي گهر سان خبر نه آهي ڪڏهن کان تعلق جُڙيو، پر بابا ٻڌائيندو هو ته رضوان (منهنجو وڏو ڀاءُ) جو نالو اُستاد بخاري جي امڙ رکيو. اُستاد بخاريءَ سان سندس آڊيو گائڪيءَ جون ڪيسيٽون اڄ به اسان جي گهر ۾ موجود آهن، جن ۾ اُستاد بخاري، سيد حاڪم علي شاهه بخاري، بابا ۽ منظور سخيراڻي وغيره جا آواز موجود آهن. بابا جو مختلف شعبن ۾ ڪم ڪرڻ جو شوق نه فقط ادبي هو پر عملي زندگيءَ ۾ به اُن جو اثر تمام گهڻو هو، اُن جو سبب شايد بابا ننڍپڻ کان ئي پنهنجي زندگي مختلف حالتن ۾ گذاري هئي.
بابا ڳالهه ڪندو هو ته سندس والد ٺيڪيدار هو، جيڪو جيلن ۽ آڪٽراءِ جا ٺيڪا کڻندو هو، اسان جو ڏاڏو محمد بچل ميمڻ ديني لڏي سان گڏوگڏ صوفي لڏي جو به ماڻهو هو، جنهن سبب بابا جي ڄمڻ کان پوءِ ٻن سالن جي عرصي دوران هو اوچتو ڪنهن پاسي هليو ويو، جنهن ڪري اسان جي ڏاڏيءَ کي مالي معاملن کي حل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪرڻي پئي، جنهن ۾ جنڊ تي اٽو پيهي ڏيڻ، مرچ ڪُٽي ڏيڻ، هٿ واريون سَيون ٺاهي ڏيڻ، پاپڙ ٺاهڻ وغيره شامل آهي. بابا کي ستن اٺن سالن جي ننڍڙي عمر ۾ گهرو ذميدارين سان منهن ڏيڻو پيو، جنهن لاءِ ڏاڏيءَ کيس ڪڏهن پاپڙ ٺاهي وڪڻڻ لاءِ ڏيندي هئي ته ڪڏهن ڇولا کپائڻ لاءِ ڏيندي هئي، جيڪي هو پيرين اُگهاڙي هڪ ڪڇي ۽ گنجيءَ ۾ بازارن، بس اسٽينڊن ۽ اسٽيشن تي کپائي ايندو هو، کيس ٻالڪپڻ کان پڙهائيءَ سان تمام گهڻو لڳاءُ هو، تنهنڪري کيس، ڪنهن وڏڙي ‘دارالفيوض’ مدرسي دادو ۾ پڙهائي لاءِ ڇڏيو هو، جتي هو ديني تعليم سان گڏوگڏ دنياوي تعليم پڻ حاصل ڪندو هو. اسان جي ڏاڏي بوبڪن جي ٿيٻياڻي هئي، سندس والد جو تعلق به بوبڪن سان هيو، پر اُهي پهرين ئي لڏي دادو اچي چڪا هئا. بابا ٻڌائيندو هو ته سندس والد تقريبن ڇهن سالن کان پوءِ جڏهن واپس موٽيو هو ته، اسان مان ڪنهن ۾ به همٿ نه هئي ته کانئس پڇا ڪريون ته ڪيڏانهن ويو هو. ڏاڏا جي واپس موٽڻ کان پوءِ گهر جا مالي حالتون بهتر ٿيون، جنهن کان پوءِ بابا وڌيڪ تعليم ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي.
پاڻ فن جي دنيا ۾ ننڍپڻ کان ئي پير پاتائين، جنهن ۾ اسٽيج ڊرامن، اسٽيج ڊانس پروگرامن، شاعريءَ جي مقابلن ۽ ادبي دنيا ۾ حصو وٺڻ شامل آهي. 1975ع تائين ته پاڻ ٻين شين ۾ بنا ڪنهن پريشانيءَ جي اڳڀرو رهيو، پر پوءِ ڏاڏا جي وفات کان پوءِ کيس تمام گهڻين پريشانين ۽ تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو، ڇاڪاڻ ته ڏاڏا سائين ٺيڪيداريءَ جو ڪم ڪندو هو، جنهن ڪري وِرثي ۾ سندس اهو ڌنڌو مليو ۽ اُن سان لاڳاپيل ٻيا مسئلا ۽ قرض به مليا، جيڪي پاڻ نهايت بردباريءَ سان پنهنجي انجام تائين پهچايا ۽ پاڻ به اُنهيءَ ڪم ۾ ڪاميابيون حاصل ڪيائين، جنهن مان ان دور ۾ پاڻ تقريبن 300 ايڪڙ زمين ڪچي ۾ ۽ تقريبن 22 ايڪڙ زمين دادو شهر جي ويجهو خريد ڪئي، پر اُن ڪم کي اُن ڪري ڇڏيائين ته اُنهيءَ ڪم ۾ بيماني جي شروعات ٿي چڪي هئي، تنهن لاءِ ٺيڪيداري ڇڏي پنهنجي ڀاءُ جي نالي سان ريلوي اسپتال دادو جي سامهون منظور ميڊيڪل اسٽور کوليائين، جنهن جو کيس ڪو به تجربو نه هو پر محنت ۽ لگن سبب اُهو ڪافي ڪارآمد ثابت ٿيو. اُنهيءَ عرصي دوران پاڻ “چمبر آف ڪامرس” جو جنرل سيڪريٽري به رهيو ۽ اُهي ذميواريون به 2008ع تائين بخوبي انجام ڏيندو رهيو. بابا پريس ڪلب دادو جو پائيونر ميمبر پڻ رهيو. پريس ڪلب جا شروعاتي رولز ٺاهڻ ۾ به سندس وڏو ڪردار هو. پاڻ کي صحافت جي دنيا ۾ به مڃايائين.
مون کي ياد آهي ته 90ع جي ڏهاڪي ۾ هڪ ڀيري بابا سان ملڻ وفا ناٿن شاهي آيو هو ۽ بابا جي طبيعت تمام گهڻي خراب هئي، دروازو مون کوليو هو، وفا ناٿن شاهي چيو هو ته، عثمان کي سڏ ڪيو، مون جواب ڏنو ته بابا گهر ۾ موجود نه آهي، جنهن کان پوءِ هو هليو ويو. پوءِ مون بابا کي اها ڳالهه ٻڌائي، جنهن تي بابا سخت ناراض ٿيو، اُن وقت مون کي اها خبر نه هوندي هئي ته وفا ناٿن شاهي ڪير آهي، نواز رُڪڻائي ڪير آهي يا ٻيا شاعر اديب اُنهن جي ڇا حيثيت آهي. ڇاڪاڻ ته بابا وٽ اديب، شاعر، اداڪار ۽ ٻيا ڪافي ماڻهو ملڻ ايندا رهندا هئا. بابا پنهنجي زندگيءَ ۾ تمام گهڻا ڌنڌا ڪيا، جنهن ۾ ميڊيڪل اسٽور، سون ۽ چانديءَ جو واپار، لوهه جو واپار، ڪمپيوٽر جو واپار، پرنٽنگ پريس، پيپر ۽ اُن سان لاڳاپيل سامان جو واپار شامل آهن.
بابا سان منهنجي اٽيچمينٽ تقريبن 15 سالن جي عمر کان تمام گهڻي رهي، ڇاڪاڻ ته بابا کي پهريون ڀيرو سن 2000ع ۾ دل جو دورو پيو، جنهن منهنجي ذهني ڪيفيت تي تمام گهڻو اثر وڌو ۽ سندس علاج جي سلسلي ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي مان ئي گڏ ويندو هئس، انهيءَ عرصي دوران تقريبن 2008ع تائين اسان جي خاندان تمام گهڻو مالي بحران کي منهن ڏنو. پر انهن اٺن سالن دوران بابا پنهنجي تحقيق جنهن ۾، ڏکڻ ايشيا جي ٻولين جي ڊائريڪٽري، ڏيهي پرڏيهي ساز، ڪامرس ۽ بئنڪنگ جي ڊڪشنري ۽ ٻين تحقيقي ڪمن کان سواءِ ڊراما لکڻ کي ترجيح ڏيندو هو، ڇاڪاڻ ته ڊرامن ذريعي اسان جي گهر ۾ ڪجهه آمدني ايندي هئي. سال 2009ع دوران بابا کي ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ تاج جويي پاران سندس ڪيل تحقيقن کان متاثر ٿيندي، آڇ ڏني ته اوهان اچي اداري جي اسڪيم ‘انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا’ سنڀاليو، ۽ کيس اسڪيم جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. انهيءَ عرصي دوران بابا پنهنجي وجود کي وساري ڏينهن رات محنت ڪندي، 2019ع تائين اٿارٽيءَ کي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جا 12 جلد مڪمل ڪري ڏنا ۽ تيرهون جلد به سهيڙي ڏنو. ان کان سواءِ بابا ٻين فنن جو به ماهر هو، جنهن ۾ گائڪي، بانسري وڄائڻ، هارمونيم وڄائڻ، سائيڪالاجي سبجيڪٽ جي ڄاڻ ۽ پاڻ يوگا جو به ماهر هو. يوگا ۽ سازن تي بابا جو ڪافي ڪم به ٿيل آهي، جنهن کي جلدي ترتيب ڏيئي آئون ڇپرائيندس. ڇاڪاڻ ته بابا ڪمپيوٽر هلائڻ جو به بهترين ڄاڻو هو، جنهن لاءِ سنڌي ڪمپوزنگ، انٽرنيٽ تي ريسرچ ڪرڻ ۽ سندس موجود لائبريري مان تمام سٺي تحقيق ڪيائين، جنهن جي نتيجي ۾ هُن ڪافي ڪتابن تي ڪم ڪيو، جن مان ڪجهه ڪتابن کي آئون ترتيب ڏئي مڪمل ڪري چڪو آهيان. جيڪي جلدي ثقافت کاتي يا ٻين ادبي ادارن سان رابطو ڪري ڇپرايا ويندا. ڪتابن ۾ (1) “جيوڻيون” جيڪو پنجن بابن ۽ ٻن جلدن تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ادبي، سياسي، سماجي ۽ ميڊيا جي دنيا سان لاڳاپيل شخصيتن جا خاڪا لکيا ويا آهن. (2) “آثار قديمه” (3) “سنڌ ۽ سنڌو تهذيب جون کوٽائيون” ۽ (4) سندس شاعري جو مجموعو پڻ شامل آهن. بابا جي بھادريءَ جو اندازو انهيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن آخري ڏهاڙن ۾ کيس ڊاڪٽرن ٻڌايو ته اوهان کي ڪينسر آهي، پر اوهان جي صحت اهڙي نه آهي جو اسان ٽيسٽ ذريعي پڪ ڪري سگهون، پر بابا سائين ان تي ذرو به مايوس نه ٿيو ۽ انهي دوران پنهنجي رهيل ڪمن کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. اُنهيءَ بيماري دوران بابا ڪافي ڀيرا حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ جي اسپتالن ۾ وقت بوقت داخل ٿيندو رهيو، جنهن ۾ منهنجي پرين پيارن دوستن منهنجو تمام گهڻو ساٿ ڏنو.
بابا پنهنجي مزاج ۾ تمام سادو ۽ نيڪ نيت انسان هو. هميشه انهيءَ ڳالهه جو خيال رکندو هو ته هن کان ڪنهن ٻئي کي تڪليف نه اچي، پنهنجي سموري زندگي پنهنجي دل جي ڏڍ تي گذاريائين ۽ ڪڏهن به ڪنهن جو محتاج نه ٿيو. بابا هن صديءَ جو اُهو منفرد ليکڪ آهي، جنهن اڻڳڻين موضوعن تي ڪم ڪيو.