ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سنڌ ۾ نوان صوبا قائم ڪرڻ جي سازش ۽ معاشي بحران

Editorial-Article-Nisar Leghari

سنڌ کي ورهائڻ ان ۾ نئون صوبو قائم ڪرڻ جي مسئلي تي کلئي عام ايترا مطالبا ٿيندا رهيا آھن، سڌي اڻ سڌي ريت ايتريون سازشون ٿينديون رهيون آھن جو اهو مڪمل طرح ناممڪن ٿي سگهڻ باوجود ان مسئلي تي ڳالهائڻو پوندو آھي. هن وقت به سنڌ جو عوام ڪلچر ڏھاڙي کي ملهائي اهو اظھار ڪري چڪو آھي ته اسين هن هزارين سالا وطن جي غلاميءَ کي رد ڪريون ٿا، اسين پنهنجي وطن سان محبت جو اظھار ڪلچر سان بي پناهه محبت وسيلي ڪريون ٿا پر ان سان گڏ ئي سازشون به هلي رهيون آھن، جيڪي سنڌ جو ورهاڱو چاهين ٿيون پر اهو ڪنهن گهري سازش تحت ٿي رهيو آهي. اهو هن سموري خطي لاءِ خطرناڪ هوندو. ان بابت سوچيو ئي ناهي ويو.
قومي اسيمبليءَ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي اڳواڻ خورشيد شاهه جي سربراهيءَ ۾ پاڪستان اندر نوان صوبا جوڙڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آھي. گورنر سنڌ به ڪجهه وقت اڳ اها ڳالهه ڪئي هئي ته سنڌ ۾ نوان صوبا قائم ٿيڻ گهرجن. هي انهي سلسلي جي ڪڙي محسوس ٿي رهي آھي.
پيپلز پارٽي، پي ڊي ايم توڙي ان جي مٿي موجود آقائن کي اهو ٻڌائڻ گهرجي ته سنڌ جو عوام نون صوبن توڙي نون يونٽن جي نالي ۾ ڪو به صوبو قائم ڪرڻ سنڌ جي قومي جاگرافيائي وحدت جي ورڇ هوندي، ان کي رد ڪري ٿو. ان ڪري سنڌ ۾ ڪنهن به نئين صوبي جي قيام کي تسليم نه ڪيو ويندو. انتظام هلائڻ لاءِ ضلعا موجود آھن.

هتي جڏھن صوبن خاص طور سنڌ بلوچستان خيبر پختونخواهه کي مڪمل اختيار نه آھن ته پوءِ صوبن جو قيام ڪهڙي معنيٰ ٿو رکي. ان ڪري پهرين صوبن کي مڪمل حق توڙي صوبائي خودمختياري ڏيو، باقي نون صوبن جو راڳ سڌي ريت پاڪستان جي آئين جي خلاف هوندو. ان ڪري اهڙي ڪنهن به تقسيم کي رد ڪجي ٿو.
سنڌ توڙي پاڪستان ۾ شامل صوبا اڳ ۾ ڌار ڌار وطن آھن. انهن جي هزارين سالا تهذيب تاريخ آھي. هي ڪو رات وچ ۾ جوڙيل ملڪ يا صوبا ناهن، جن جي تقسيم جي ڳالهه آسانيءَ سان ڪري ڇڏجي. اهو سڌي ريت وڏو خونريز ٽڪراءُ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش آھي.
هتي جڏھن اڳ موجود صوبن کي ڪا خودمختياري ناهي. انهن جي وسيلن تي مخصوص قوتون قابض آھن تاريخي وطنن جو انڪار ڪري انهن جي تاريخ تهذيب تمدن ٻوليءَ کي ڪچلي ختم ڪرڻ جو عمل جاري آھي انهي صورتحال ۾ نون صوبن جو رينگٽ ڪهڙي معني ٿو رکي.
ان جي پويان پنهنجي بحرانن کي لڪائڻ اصل مسئلن تان ڌيان هٽائڻ به ٿي سگهي ٿو. هن وقت مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي شديد بحران شدت اختيار ڪري رهيو آھي. ان تان ڌيان هٽائڻ لاءِ به ممڪن آھي اها سازش ڪئي وئي هجي پر هي جيڪا نام نهاد پارليماني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آھي. اها هڪ خطرناڪ پيشرفت آھي، ان مان خبر پوي ٿي ته حڪمران هن ڀيري سنجيدا آھن.
پيپلز پارٽي ڪجهه وضاحتون ڪري رهي آھي پر اها اقتدار لاءِ ڪجهه به ڪري سگهي ٿي. سنڌ جي عوام اهو ٻٽي مقاني نظام دوران ڏسي ورتو هو. هن وقت به جيئن جيئن حڪمران هن معاملي تي سنجيدگي ڏيکاري رهيا آھن. ان ئي تيزيءَ سان عوامي ردعمل جو اظھار به ٿي رهيو آھي، اهو شدت اختيار ڪندو ويندو. سنڌ جي ڪابه ڌر سنڌ جو انتظامي ورهاڱو يا نئون صوبو قبول نه ڪندي. سنڌ جي ورهاڱي جي ٿوري به پيش قدمي هن مملڪت کي جهوري تباهه ڪري ڇڏيندي. اهو اندازو شايد حڪمرانن کي نه آھي. ان ڪري روز نيون سازشون ظلم استحصال ڪندا رهندا آھن. سڄي سنڌ کي وڏي پيماني تي هن بوگس پارلياماني ڪميٽيءَ جي سخت مخالفت ۾ پنهنجو ڀرپور سگهارو آواز اٿارڻ گهرجي. ملڪ جي موجوده آئين ۾ نون صوبن ٺاهڻ جو اختيار مرڪزي پارليامينٽ وٽ نه پر صوبن وٽ آهي ۽ اهو اختيار دنيا جي ٻين جمهوري وفاقي ملڪن وانگر صوبن وٽ ئي رهڻ گهرجي. اهي فقط صوبا نه پر هزارين سالا تاريخي وطن آھن.
خاص طور سنڌ هن ملڪ جي خالق آھي. سنڌ پاڪستان جي حق ۾ برطانوي دور ۾ به هڪ آئيني وحدت طور ٺهراءُ پاس ڪيو هو ۽ سنڌ پاڪستان ۾ شامل به ان حيثيت ۾ ٿي هئي. ملڪ ۾ نون صوبن ٺهڻ جو بنياد صرف ۽ صرف تاريخيت ئي ٿي سگهي ٿو ۽ جتي سرائيڪي صوبي جا جائز مطالبا آهن، اتي اهو معاملو واسطيدار صوبائي اسيمبليءَ ۾ موجود پارٽين سان اٿاريو وڃي.
نون صوبن ٺاهڻ جو اختيار وفاق کي منتقل ڪرڻ سنڌ لاءِ زهر ِقاتل آهي، سنڌ جي اجتماعي شعور کي ان جي واضح ۽ سخت مخالفت ڪرڻ گهرجي. اهو اختيار 1973ع جي آئين موجب صوبن وٽ ئي رهڻ گهرجي.
حڪمران اشرافيه طبقي جا ڪارا ڪرتوت شديد ٿيندڙ معاشي گهوٽالو اشرافيه طبقي جون عياشيون جاري آھن. انهيءَ سان گڏ اقتدار جي جنگ به جاري آھي. انهي صورتحال ۾ ظاهر آھي ته ملڪي معيشت جي تباهي توڙي زوال لازمي هو ڇو ته قرضن ۾ ٻڏل ملڪ جا حڪمران اشرافيه وري به اهو قرض عياشين غيرپيداواري خرچن ۾ اڏائي رهي هئي. هن وقت به اڏائي رهي آھي، انهي صورتحال ۾ ملڪي معيشت جو ڏيوالو ائين ئي نڪرڻو هو سو نڪري رهيو آھي.
هن وقت افراتفري آھي امپورٽ بل وڌي چڪو آھي. فارين رزرو تيزيءَ سان گهٽجي رهيا آھن. سرڪاري عملدار پهرين چوندا هئا ته معيشت بابت مخالف پروپگينڊا ڪري رهيا آھن پر هاڻ آھستي آھستي اهي به اهو تسليم ڪري رهيا آھن ته معيشت ڏيوالي ڏانهن هلي پئي آھي.
جلد ئي مهانگائيءَ جو هڪ ٻيو وڏو طوفان اچڻ وارو آھي، جيڪو هاڻ غريب کي مڪمل پيڙھي ڇڏيندو. هن لاءِ ھن وقت ئي ٻه ويلا ماني کائڻ مشڪل ٿي چڪو آھي، ويتر هي بحران برداشت نه ڪري سگهندو. هي صورتحال وڌيڪ بگڙجندي ويندي ۽ وڌيڪ خراب ٿيندي ويندي. هاڻ شايد ان کي پوئتي ڪرڻ به ممڪن نه هجي. ڪرپشن لٽ مار رشوت خوريءَ جو رڪارڊ ڪافي حد تائين ٽٽي چڪو آھي.
حيرت افسوس توڙي ڪاوڙ اها آھي ته هن خراب ترين حالت ۾ به اشرافيه طبقو جنهن ۾ ارب پتي جرنيل جج سياستدان بيوروڪريٽ ھن وقت به مڪمل طرح ڦرلٽ ڪرڻ ملڪي وسيلن کي لٽڻ عياشيون ڪرڻ ۾ پورا آھن. عوام هر گذرندڙ ڏينهن وڌيڪ بدحال ۽ بيچين ٿي رهيو آھي. هن صورتحال ۾ به ڪنهن وڏي انقلابي اٿل پٿل کان سواءِ ڪا بهتري نظر نٿي اچي.
حالتون خراب کان خراب تر ٿي رهيون آھن. اهو به ٻڌڻ ۾ اچي پيو ته جلد معاشي ايمرجنسي لڳائي باقاعدا اعلان ڪيو ويندو ته اسين معاشي گهوٽالي طرف وڌي رهيا آھيون ۽ عمران خان توڙي حڪومت اليڪشن ۽ اقتدار تي اٽڪيا پيا آھن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button