“هڪ سجُ، ٻه پاڇا” سنڌي ٻوليءَ جي هڪ مشهور چوڻي آهي. اها چوڻي ڪنهن شخص جي زندگيءَ ۾ عروج ۽ زوال، گرمي ۽ سردي، اميري ۽ غريبي، اقتدار ۽ لاچاري وغيره جي ڪيفيتن کي ظاهر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي. اهڙي ريت ڪنهن قوم، ملڪ يا تنظيم لاءِ به اها ساڳي چوڻي استعمال ڪري سگهجي ٿي. مطلب اهو ساڳيو ئي ورتو ويندو. پر اڄ اسان جو مقصد ان ساڳي چوڻيءَ جو هڪڙو ٻيو مطلب وٺڻ آهي. اسان جي سماج ۾ ڪجهه اهڙيون سٺيون ڳالهيون ڪيون وينديون آهن، جيڪي بظاهر ته بهترين هونديون آهن پر انهن بهترين ۽ سٺين خبرن کي زبان سان بيان ڪندڙ جي دل ۾ ڪجهه ٻيو هوندو آهي. ان جي چوڻ وارن جو مقصد اهو نه هوندو آهي جيڪو ظاهري طرح محسوس ڪيو يا ڪرايو ويندو آهي. مثال طور جمهوريت جي شوقين يا ان جي تبليغ ڪرڻ وارن ماڻهن جو اهو چوڻ ته جمهوريت هڪڙو زبردست نظام آهي، اندران سندن مقصد اهو هوندو آهي ته جمهوريت انهن لاءِ هجي. جمهوريت هڪڙو سٺو نظام آهي پر ان لاءِ ته جيئن سندن ڪمزور حالت کي جمهوريت جو سهارو ملي سگهي. اي دوستو! جمهوريت جي تقاضا هيءُ آهي، هُو آهي وغيره وغيره جهڙيون تقريرون اهڙو ماڻهو ڪندو آهي جيڪو ڪمزور هوندو آهي. جنهن جو گروهه اقليت ۾ هوندو آهي. اهو ساڳيو ماڻهو جيڪو هڪڙي زماني ۾ جمهوريت جمهوريت ٻاڪاريندو رهيو هو، جڏهن ڪنهن ٻئي دور ۾ طاقتور بڻجي ويندو آهي ته پوءِ جمهوريت بدران ڀائيچاري جون ڳالهيون ڪندو آهي. هاڻي کيس نظر اچڻ لڳندو آهي ته جمهوريت ته هڪڙو خراب نظام آهي. هڪڙو اهڙو نظام جيڪو ڀاءُ کي ڀاءُ جو دشمن بڻائي ڇڏيندو آهي. جمهوريت جا وڪيل سمجهن ٿا ته ڪنهن به سطح جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ چونڊ سرگرمين جو حصو بڻجڻ وغيره وغيره سٺو ۽ جمهوري عمل آهي پر حقيقت اها آهي ته اهڙين چونڊن ۽ جمهوريت جي نتيجي ۾ دوست دوست جو مخالف ۽ دشمن بڻجي ويندو آهي. ڀاءُ ڀاءُ جو مخالف بڻجي ويندو آهي. سالن جون پراڻيون ياريون دوستيون ۽ برادريون ڀائپيون ختم ٿي وينديون آهن. ان ڪري جمهوريت جي دٻلي بند رکڻ ئي بهتر آهي. مقابلي بازي ڪرڻ کان بهتر آهي ته ڀت ڀائپي قائم رکجي. سنگت ۽ دوستي ياري بچائي وٺجي. چونڊ عمل ۾ نه وڃجي. ان جي ابتڙ سڀ ڪجهه بنا مقابلي ڪري وٺجي. ڪالهه تائين جن کي جمهوريت ۽ چونڊ عمل درست پئي لڳو، اڄ انهن کي اهو سڀ ڪجهه نفرتون ۽ ڪدورتون وڌائڻ وارو عمل نظر اچڻ لڳندو آهي. هاڻي اهي تبليغ ڪرڻ لڳندا آهن ته مقابلي باز سامهون اچڻ بدران اسان جي پٺيان هلن. پاڻ ۾ ڀائپي پيدا ڪرڻ جو مطلب اهو هوندو آهي ته سڀ ڪوئي اسان جو ڀاءُ بڻجي. اسان ڪنهن جا ڀاءَ بڻجون يا نه، اهو اسان تي ڇڏي ڏيو. اصل مقصد اهو آهي ته سڀ ڪو اسان جو ڀاءُ بڻجي وڃي. سڀ پاڻ ۾ ڀائر آهيون. سڀني کي ميٺ محبت سان هلڻ گھرجي جو مطلب اهو هوندو آهي ته سڀ اسان سان محبت ڪرڻ شروع ڪري ڏين. هر ڪوئي اسان سان محبت ڪري ته جيئن اسان مٿن آسانيءَ سان حڪومت ڪري سگهون. هر ڪوئي پنهنجي دل کي محبت جي آماجگاهه بڻائي جو مطلب اهو هوندو آهي ته ماڻهو ساڻن محبت ڪرڻ شروع ڪن.
اهڙي ريت سياسي پارٽين ۽ تنظيمن اندر گروهه بنديءَ جي مخالفت به هڪڙو اهم معاملو آهي. خاص ڪري کاٻي ڌر جي سياسي پارٽين ۾ گروهه بنديءَ کي سختيءَ سان ننديو ويندو آهي. ڪامريڊ لينن جي بالشويڪ پارٽيءَ کان وٺي اڄوڪي دور تائين جيڪي به سياسي پارٽيون ۽ اڳواڻ کاٻي ڌر جي سياست سان سلهاڙيل رهيا آهن. اهي پارٽيءَ اندر گروه بنديءَ جا سخت مخالف رهيا آهن. لينن جي زماني ۽ سندس پارٽيءَ اندر مخالف راءِ کي برداشت ڪيو ويندو هو، مخالف ڌر کي نه. يعني اهو دستور هو ته اوهان ڪنهن به فيصلي تي پهچڻ کان اڳ پوري پارٽيءَ اندر بحث مباحثو ڪرائيندا. جنهن سطح جو به فيصلو ڪرڻو آهي، ان سطح جي پارٽي اداري يا تنظيم اندر بحث ڪيو ويندو. نه رڳو بحث ڪيو ويندو پر بحث ۽ اختلاف راءِ کي همٿايو ويندو. مخالفت ۾ آيل دليلن کي بنا ڪنهن تعصب جي ٻڌو ۽ مٿن غور ڪيو ويندو هو. اهو سڀ ڪجهه ڪرڻ کان پوءِ اڪثريتي راءِ ئي فيصلائتي راءِ سمجهي ويندي هئي. ان راءِ جي خلاف محاذ آرائي ڪرڻ يا مخالف ڌر قائم ڪرڻ جي هرگز اجازت ڪانه هوندي هئي. پر لينن کان پوءِ خاص ڪري اسان جي ملڪ اندر کاٻي ڌر جي سياسي پارٽين ۽ گروهن ته پارٽيءَ اندر گروهه بنديءَ جي مخالفت واري لينني روايت کي مذاق بڻائي ڇڏيو. انهن گروهه بنديءَ جي مخالفت کي بلڪل هڪڙي ٻِي شڪل ڏئي ڇڏي. هاڻي پارٽيءَ اندر ڪنهن به قسم جي گروهه بندي برداشت نه ڪئي ويندي. جو اصل مطلب اهو ورتو وڃڻ لڳو ته پارٽيءَ اندر ڪو به گروهه نه بخشيو ويندو سواءِ ان جي جيڪو گروهه پارٽيءَ جي سربراهه جو آهي. پارٽيءَ اندر سڀ کان سگهاري اڳواڻ جو گروهه جيڪو پارٽيءَ اندر سڀ کان وڌيڪ سرگرم هوندو آهي. جنهن جو حڪم هلندو آهي. جيڪو پارٽيءَ اندر اڇي ڪاري جو مالڪ هوندو آهي. فقط ان جو ئي گروهه پارٽيءَ اندر قبول ڪيو ويندو. اهڙيءَ ريت گروهه بنديءَ جي سموري مخالفت اصل ۾ وڃي ان تي بيهندي آهي ته سائين وڏي جي خلاف ڪنهن به قسم جي گروهه بندي يا مخالف راءِ قبول نه ڪئي ويندي. جيڪڏهن اوهان کي پارٽيءَ اندر پنهنجو ڪيريئر ٺاهڻو آهي ته اصولن ۽ آدرشن کي پاسي تي رکو. صحيح ۽ غلط واري ڦڏي ۾ نه پئو! بس ماٺڙي ڪري بااثر ڌُر سان سلهاڙجي وڃو. پارٽيءَ اندر سگهاري گروهه جو حصو بڻجڻ کان سواءِ توهان جو ڪوئي مستقبل ڪونهي.
اهڙي ريت بهادريءَ کي ساراهڻ وارو ماڻهو به جيستائين طاقتور هوندو آهي، کيس بهادري پسند هوندي آهي. پنهنجو پاڻ کي شينهن سمجهڻ ۽ بيان ڪرڻ، سڀني کي طاقت اڳيان جهڪڻ جو درس ڏيڻ، هر قسم جي داداگيريءَ کي بهادريءَ جي ريشمي رومال ۾ لڪائي پيش ڪرڻ سندس من پسند مشغلو بڻجي ويندو آهي. پر جيئن ئي طاقت ختم ٿي، رحم، عقلمندي، موقع شناسي، ڏاهپ ۽ اهڙيون ٻيون ڪافي خصلتون سندس ورد بڻجي وينديون آهن. هاڻي کيس خاڪ نشيني ۽ فقيري وڻڻ لڳندي آهي. نفرتن، ڪدورتن ۽ ويڙهاند ۾ ڪجهه ناهي رکيل. جيڪو ڪجهه آهي سو معاف ڪري ڇڏڻ، درگذر ڪرڻ، پيار ونڊڻ ۽ نماڻائي اختيار ڪرڻ ۾ آهي. اهڙا ماڻهو رات پيٽ ۾ مزاحمتي جنگ جي سرواڻ واري رتبي تان رٽائرمينٽ وٺي صوفي لاڪوفي، اهنسا جا ازلي پرچارڪ ۽ خدمتِ خلق ڪرڻ وارا بي ضرر جيوَ بڻجي ويندا آهن.
مصلحت پسندي به اهڙي ئي هڪڙي روش آهي. انسان جيستائين طاقتور آهي، مصلحت پسنديءَ کي منافقت ۽ موقعي پرستي سمجهندو رهندو آهي. پر ساڳيو ماڻهو جڏهن ڪمزور ٿيو ته مصلحت پسنديءَ کي عقلمندي ۽ بهترين فيصلي ڪرڻ جي صلاحيت يا چونڊ قرار ڏيندو آهي. مطلب ته اوهان جهڙي به ذهني ۽ نفسياتي ڪيفيت منجهان گذري رهيا آهيو، اوهان کي ان ڪيفيت سان ٺهڪي ايندڙ سهڻا سخن به جام ملي ويندا. مثال طور: سچ جو ساٿ ڏيو، ڀل ماريا وڃو يا “شينهن جي هڪڙي ڏينهن جي زندگي گدڙ جي سو سالن جي زندگيءَ کان بهتر آهي”. پر جيڪڏهن توهان ان جي ابتڙ ڪيفيت ۾ آهيو ته “زمين تي ويهڻ وارن کي هيٺ ڪِري پوڻ جو ڊپ نه هوندو آهي”. “جهڪي پوڻ، ٽُٽِي پوڻ کان بهتر آهي.” جهڙا انيڪ قول توهان جا منتظر هوندا آهن. انهن کي فيس بوڪ يا واٽس ايپ اسٽيٽس طور ونڊي اوهان مطمئن ٿي ويندا آهيو. مهاتما گوتم ٻڌ شايد اهڙي صورتحال کي نظر ۾ رکي ئي چيو هو: هر دليل کي رد ڪرڻ لاءِ هڪڙو ٻيو دليل موجود هوندو آهي.
مطلب ته ماڻهو جهڙي نموني سوچي رهيو آهي. وٽس ان سوچ جي حمايت ۾ دليل به هوندا آهن. هُو جيڪي ڪجهه زبان سان بيان ڪري رهيو آهي، ان جو ضروري نه آهي ته اهو ئي مطلب ورتو وڃي جيڪو ظاهري طور لفظن منجهان سامهون اچي ٿو. سندس چيل ڳالهين جا ٻه الڳ الڳ مطلب هوندا آهن. هڪڙو پنهنجي لاءِ ۽ ٻيو ٻين ماڻهن لاءِ هوندو آهي. پر ڇا ان صورت ۾ اهو طئي ڪرڻ ڏکيو ڪونهي ته نيٺ ڪير درست آهي ۽ ڪير غلط؟ يقينن اهو طئي ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. پر طئي ته ڪرڻو آهي. سو، ڇا اهو ائين طئي ڪرڻو پوندو ته جنهن خيال کي وڌيڪ پذيرائي ملندي هجي يعني عوام جي اڪثريت جنهن خيال سان متفق آهي، اهو ئي درست آهي؟ جمهوريت جو فيصلو ئي درست فيصلو هوندو آهي؟ يا جنهن کي مذهبي ماڻهو سوادِ اعظم ڪوٺيندا آهن يعني جماعتن ۾ عددي اڪثريت رکندڙ سڀ کان وڏي جماعت ئي حق تي آهي. سچ تي اهو آهي جيڪو وڏو آهي گھڻو آهي؟ جواب آهي نه. ڇاڪاڻ ته ڪيترن معاملن ۾ بلڪه اڪثر معاملن ۾ اڪثريت حق تي نه هوندي آهي. مثال طور مابعدالطبيعيات کي ئي ڏسجي ته عوام جي اڪثريت ان کي درست مڃي ٿي. عوام جي اڪثريت توهم پرستيءَ جو کاڄ بڻيل آهي. ان جي ابتڙ طبيعيات جو پاسو کڻندڙ ۽ هر معاملي ۾ شڪ ڪندي، اصل حقيقت تائين پهچڻ لاءِ ڪوششون وٺندڙ ماڻهن جو انگ هميشه ٿورو رهيو آهي. ارتقا واري نظرئي بدران تخليق واري نظرئي کي قبوليندڙ هميشه عددي لحاظ کان گھڻا رهيا آهن. ڀولي منجهان انسان بدران انسان منجهان ڀولو بڻجڻ واري ڳالهه تي يقين ڪرڻ وارا ماڻهو عددي لحاظ کان هميشه گھڻا رهيا آهن. پر اهي درست به آهن ڇا؟ هرگز نه.