جيتوڻيڪ خزاني جي وفاقي وزير اسحاق ڊار انھن خبرن کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي ته معاشي ڏيوالپڻي کي ٽارڻ خاطر حڪومت اقتصادي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ تي ويچاري رهي آهي پر چئني صوبن ۾ وفاقي سرڪار جي رھائشي منصوبن جي اڏاوت ڪندڙ ۽ وفاقي ملڪيتن جي سار سنڀال لھندڙ اداري پي ڊبليو ڊي(پاڪستان ورڪس ڊپارٽمينٽ) جي ھزارين سرڪاري ملازمن کي گذريل نومبر مھيني جون پگهارون جاري نه ڪري، معاشي بدحاليءَ جو ڏيک ڏئي ڇڏيو آهي. پي ڊبليو ڊي ملازمن جي تنظيم اسلام آباد مان ڏنل بيان ۾ دانھن ڪئي آهي ته پگھارون نه ملڻ سبب سندن گھر ڀاتي خاص ڪري اسڪولن ۾ پڙهندڙ ٻارن کي ڏاڍي ڏکيائي ٿي رهي آهي. بيان ۾ اھو به چيل آهي ته ھڪ پاسي مھانگائي ڪارڻ جياپو ڏکيو ٿي پيو آهي ته مٿان وري پگھارون نه ملڻ سبب ويتر عذابن ۾ وڪوڙجي ويا آهيون. ھي بيان پنجين ڊسمبر تي ملازمن جي تنظيم جاري ڪيو جنهن جو اڃا تائين حڪومت پاران ڪوبه آٿت ڏيندڙ جواب ڪونه ڏنو ويو آھي.
ھونئن ته پاڪستان جو سياسي توڙي معاشي نظام سدائين لوڏن لمن ۾ رهندو آهي. پاڻ ماڻهو جڏھن کان سياسي سمجھه ڀريا ٿيا آهيون، تڏهن کان ڏسون پيا ته ھر حڪمران جي دور ۾ ملڪ تي ڏيھي توڙي پرڏيھي بئنڪن ۽ مالي ادارن کان ورتل قرضن جا به انبار چڙھندا وڃن. ڪروڙين پورھيت وطن واسي انھن قرضن جا وياج ڀري ڀري نيٺ موڪلائي ويا ۽ سندن اولاد اڄ به ڄائي ڄم کان مرڻ گهڙيءَ تائين ساڳين ئي ڏکوئيندڙ حالتن ۾ ڦاٿل آهي.
منهنجي ذهن ۾ روز اھو سوال پيدا ٿيندو آهي ته پاڪستان جي ارب پتي حڪمرانن، جنرلن، ججن، جرنلسٽن، سردارن، جاگيردارن ۽ سرمائيدارن وٽ بي پناهه ڌن دولت ۽ ملڪيتون ھوندي به خدا جي خلق سدائين سورن ۾ ڇو ٿي سڙي، پچي ۽ پڄري؟ ان سوال جو ظاهر ظهور جواب اھو ئي ملي ٿو ته ڪرپشن ۽ بدترين حڪمرانيءَ جي نتيجي ۾ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ اندر ايتري قدر غربت وڌي وئي آهي جو رستن ۽ بازارن ۾ پنندڙ عورتون، مرد ۽ معصوم ٻارڙا ڪنھن دڪان تي سک سان بيھڻ به نه ٿا ڏين. فقيرن جا ٽولا ھرھڪ شهر ۾ ماڪڙ وانگر ڪاھي پيا آهن ۽ سندن انگ گھٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌندو وڃي!
خدا ڪري ته ملڪ تي اقتصادي ايمرجنسي لاڳو نه ٿئي ڇاڪاڻ ته ان جو اثر رشوتخورن ۽ مالدارن بدران “آڻيون ۽ چاڙهيون” واري حياتي گھاريندڙ ھارين ۽ پورھيتن تي پوندو.
جيتوڻيڪ هن ڏکوئيندڙ صورتحال کي ھاڻوڪي پي ڊي ايم سرڪار ۾ شامل ڪارخانيدار ۽ سرمائيدار بدلائي سگهن ٿا پر ھو دبئي کان لنڊن ۽ پيرس کان نيويارڪ تائين پرڏيهھ ۾ لڪايل پنھنجون ملڪيتون ڇو گھوريندا غريب مسڪين ماڻهن تان قرضن جا انبار لاھڻ واسطي؟
بدقسمتيءَ سان اسان جي ھاڻوڪن حڪمرانن ۾ گھڻي ڀاڱي ڪمند پيڙڻ وارن ڪارخانن جا مالڪ به شامل آهن جن ۾ نواز شريف، سندس نياڻي مريم نواز، شھباز شريف، آصف زرداري ۽ جھانگير ترين (جيڪو اڳوڻي اسٽيبلشمينٽ جي اکين جو ٺار هو) شامل آهن. ھنن کي گذريل ھفتي لکين ٽن کنڊ روانگي واپار ذريعي ملڪ کان ٻاهر ايڪسپورٽ ڪرڻ جي وزيراعظم شھباز شريف اجازت ڏني ته کنڊ جي اگھه ۾ ھڪڙي ڌڪ سان ڇھه روپيا ڪلو واڌارو ٿي ويو آهي. حڪمرانن جي دلين ۾ چانھه پاپا کائي نيرن ڪندڙ اسڪولي ٻارن تي به رحم ڪونه آيو. اھڙو ھڪطرفو فيصلو ڪرڻ مھل غريب ماڻهن تي مھانگائيءَ جي وڄ ڪيرائي وڌي آهي. حساب لڳايو ته ھڪ ڪلو تي ڇھه روپيا وڌڻ سان ھڪ مڻ ۽ ھڪ ٽن ۾ روزانو ڪروڙين روپين جو ناجائز منافعو شگر ملز مافيا کي حاصل ٿئي ٿو ۽ مسڪينن جا ٻارڙا چانهھ سان پاپا کائڻ کان به محروم ٿيو وڃن. اھڙن ڌن دولت جي پوڄارين مان چڱائيءَ جي اميد رکڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي.
ھاڻي اچون ٿا اڱاري تي ارشد شريف جي قتل ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي ڏنل فيصلي ۽ فنڪشن ختم ٿيڻ شرط سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽي سئو کان مٿي شاگردن خلاف دھشتگرديءَ وارن قلمن هيٺ داخل ڪرايل ڪيسن بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي، جيڪي اسان جي حاڪمن جون اکيون کوليندڙ Eye opener ثابت ٿيڻ گهرجن ته ھاڻي اسان جا معتبر جج صاحب پنهنجن وطن واسين سان ٿيندڙ بي انصافين کي برداشت نه ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.
مٿين ٻنهي ڪيسن جو گڏيل ذڪر اھو فرق ٻڌائڻ لاءِ ڪيو اٿم ته ھڪ پاسي وفاقي حڪومت جي پاليسي اھا ڏٺي سون ته ارشد شريف نالي دلير ۽ بيباڪ صحافي جي قتل خلاف سندس ڏکايل ماءُ ۽ زال گذريل ٻن مهينن کان دانھون ڪنديون رهيون ته قاتلن کي گرفتار ڪري سزا ڏيڻ لاءِ قانون مطابق سندن فرياد داخل ڪئي وڃي پر پوليس جي اعليٰ عملدارن کان وٺي وزير اعظم شھباز شريف پنهنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيون ۽ حڪمران سندن دانھن کي نظر انداز ڪندا رهيا. آخرڪار سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس عمر عطا بنديال پاڻ مرادو نوٽيس ورتو ۽ نه رڳو ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنائين بلڪه وفاقي حڪومت پاران جوڙيل جاچ ڪميٽيءَ کي به ڪالهه (اربع) تي ٿيل ٻڌڻيءَ ۾ ختم ڪري حڪم ڏنو اٿس ته ڪرمنل ڪيسن جي ماھرن جي نئين گڏيل ٽيم(جي آءِ ٽي) جوڙي خميس تي عدالت ۾ جاچ ڪندڙن جا نالا پيش ڪيا وڃن ته ڏسون اختيار ڌڻي ھن سنگين ڏوهه جي جاچ ڪرڻ لاءِ سنجيده آهن يا نه؟ پر ان جي ابتڙ اسان جي سنڌ سرڪار سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌي ڪلچر ڏھاڙو ملھائڻ جي ڏوهه ۾ ٽي سئو کان مٿي اڻ سڃاتل شاگردن خلاف دھشتگرديءَ وارن قلمن هيٺ ڪيس داخل ڪري ٿي، چئن شاگردن کي گرفتار ڪري ان کان پوءِ ھڪ شاگردياڻي رابعه چانڊيو جي گرفتاريءَ لاءِ به ڇاپا هڻي سندس مٽن مائٽن کي ھراسمينٽ ذريعي تنگ ڪيو ويو. اسلام آباد ۾ مھينن تائين ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان نٽايو ويو پر اسان وٽ ڄامشوري ۾ شاگردن جو فنڪشن ختم ٿيڻ پوليس جون ٻٽيھه موبائيل گاڏيون ھاسٽلن جو گھيرو ڪيو ڇڏي. مطلب ته پاڪستان ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ به مرڪز ۽ صوبي ۾ ڌار ڌار قانون آهي.
بھرحال ھن معاملي تي سنڌ ھائيڪورٽ جي انصاف پسند جج صاحبن ڊي آءِ جي پوليس حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کي اڱاري تي حڪم ڏنو ته ثقافت ڏھاڙو ملھائيندڙ شاگردن جون گرفتاريون بند ڪريو.
ارشد شريف سان ٿيل ناحق تي رمارڪس ڏيندي چيف جسٽس چيو ته ارشد شريف جھڙي نامور صحافيءَ جو قتل ھڪڙو سنگين ڏوهه آهي جنهن کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي. جسٽس عمر عطا بنديال عدالتي ڪمري ۾ ويٺل ارشد شريف جي ماءُ کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان اوهان کان شرمندا آهيون جو بروقت ڪارروائي نه ڪري سگهياسون. اھو ٻڌي قتل ٿيل صحافي جي ماءُ چيف جسٽس کي وراڻيو ته آئون اوهان جي ٿورائتي آهيان جو آخرڪار اوھان منھنجي پٽ سان ظلم جو پاڻ مرادو نوٽيس ورتو.
ارشد شريف جي قتل جي حوالي سان جيڪي سوال سوچيندڙ ذهنن ۾ جاڳن ٿا تن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ھن صحافيءَ کي قتل ڪرائڻ وارا ڇا ايتري قدر سگھارا آهن جو وزير اعظم شھباز شريف ۽ سندس گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي به اھا ھمت نه ٿي ته گھٽ ۾ گھٽ سندس ماءُ جي فرياد کي اگھائڻ خاطر ڪن نامعلوم قاتلن جي خلاف کڻي ايف آءِ آر داخل ڪرائي ڇڏين ها. پاڪستان جي صحافين جي تنظيم پي ايف يو جي شروع کان اھو مطالبو ڪندي رهي آهي ته سينيئر صحافي جي قتل جي جاچ لاءِ ساک وارن ججن تي مشتمل جاچ ڪميٽي جوڙي وڃي. چيف جسٽس کي جڏهن ارشد شريف جي وڪيل اھو عرض ڪيو ته جي آءِ ٽي بدران عدالتي ڪميشن ٺاهيو ته ان تي چيف جسٽس کيس چيو ته ھيءَ ڪرمنل ڪيس آهي. ڪرمنل ڪيسن جي جاچ فقط اھڙا تجربيڪار ماھر ڪري سگهن ٿا جن جو جاسوسي ادارن سان تعلق ھجي. ان ڪري اسان عدالتي ڪميشن جوڙڻ بدران ماھرن جي ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو آهي.
ٻيو سوال ھيءَ به آهي ته ارشد شريف پنهنجي حياتيءَ کي خطري ۾ ڀائيندي ملڪ مان لڏپلاڻ ڪرڻ کان اڳ پاڪستان جي صدر عارف علوي ۽ چيف جسٽس کي خط لکي پنهنجي حفاظت لاءِ درخواست ڪئي ته ان تي بروقت عمل ڇو نه ٿي سگهيو؟ اھو به سوال آهي ارشد شريف جو لاش جڏهن ڪينيا مان هتي پھچايو ويو ته اسلام آباد جي سرڪاري اسپتال پمز جي ڊاڪٽرن لاش جو پوسٽ مارٽم ڪري، سندس موت جا جيڪي ڪارڻ لکت ۾ ڏنا سا رپورٽ ارشد شريف جي وارثن کي اڄ تائين ڇو نه ٿي ڏني وڃي؟ اڃا به وڏو اھم سوال ھيءَ آهي ته ٻين ڪيترن صحافين جيان ارشد شريف کي پنھنجو وطن ڇڏي دبئي ۾ پناهه ڇو وٺڻي پئجي وئي؟ آخري سوال سندس ماءُ جي زباني ڪجھه وقت اڳي اھو ٻڌڻ ۾ آيو ته عرب امارات مان تڙ تڪڙ ۾ لڏي ڪينيا وڃڻ تي مجبور ڪرڻ وارا ڪير هئا؟