ڪميونسٽ مينيفيسٽو جي مهاڳ ۾ ڪارل مارڪس ۽ اينگلس سرمائيداريءَ جو تعارف ڪرائيندي چيو آهي ته سرمائيداري هر وقت مقابلي ۾ رهي ٿي. جنهن جي بنياد تي سرمائي جي ترقي ٿئي ٿي. سرمائي جي ترقيءَ وارو مقابلو ايڏو ته تيز رهي ٿو جو هڪ اسم اڃان پير کوڙي بيهڻ لائق به مشڪل سان ٿي سگهندو آهي ته ان جي مقابلي ۾ آيل ٻي ٽيڪنالاجي پهرين کي ناڪاره بنايو ڇڏي. (جيئن اڳيون ڪئميرائون ۽ ليب ناڪاره ٿي ويا). سرمائيداريءَ جي انهيءَ مقابلي بازيءَ ۾ هڪ طرف پراڻيءَ شين جو ڊهڻ ۽ نئين کوجنائن جو اڳتي وڌڻ به جاري رهي ٿو.
اهڙي مقابلي ۾ هن وقت هڪ طرف عالمي سطح تي چنڊ کي مريخ جي سفر لاءِ ساهي کڻڻ واري اسٽيشن جوڙڻ تي ڪم هلندڙ آهي. ان لمحي سنڌ ۾ آيل 2022ع واري ٻوڏ کان پوءِ موسمي تبديليءَ کي نظر رکندي نجي ڪچهرين ۾ ٻوڏن کان بچڻ لاءِ ريگستاني ڀٽن ۽ ڪوهستاني پٽن تي منصوبابنديءَ سان شهر ۽ ڳوٺ اڏائڻ واريون ڳالهيون بحث هيٺ اچڻ لڳيون آهن.
خلائي لڏپلاڻ: ٽوئيٽر جي نئين مالڪ ايلون مسڪ خساري ۾ هلندڙ ٽوئيٽر خريد ڪري 90 سيڪڙو (11 هزار) ملازمن کي اهو چئي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو آهي ته وڌيڪ خسارو برداشت نٿو ڪري سگهجي. ٽوئيٽر جي مالڪ جي اهڙي فيصلي تي هڪ طرف اهو چيو پيو وڃي ته ٽوئيٽر جي مالڪ کي رڳو آمريڪا جي اڳوڻي صدر ٽرمپ جو بند ڪيل ٽوئيٽر اڪائونٽ کولڻ لاءِ خسارو برداشت ڪرڻو پيو. ٻي راءِ هي به هلندڙ آهي ته مسڪ کي خلائي مسافرن لاءِ ٽرانسپورٽ وارن راڪيٽن تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻو آهي. ان ڪري ميٽا ورس پروگرام ڏانهن متوجهه هجڻ ڪري ٽوئيٽر ڏانهن سندس ڌيان گهٽجي ويو آهي. هوڏانهن مائيڪرو سافٽ ڪمپنيءَ به 11 هزار ملازمن کي پڻ نوڪرين تان خارج ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ايشيا ۾ تمام گهڻي مقبول فيس بوڪ ۾ 13 سيڪڙو ملازمن جي ايڏي وڏي ڇانٽي کان سواءِ ملازمن جون سهولتون گهٽائي ڇڏيون آهن. هنن وڏين ڇانٽين جو سبب ڪورونا واري عالمي وبا جي زماني ۾ هر قسم جو ڪاروبار، تعليم، صحت ۽ ٻئي بزنس فري لانسنگ ۽ آن لائين ڪاروبار طور اڳتي وڌيا. ان ڪري ڊجيٽلائيزيشن صنعت ۾ تيزيءَ سان واڌارو آيو ۽ وڏو بزنس حاصل ڪيو. هوڏانهن اهڙي بزنس ۾ جڏهن تيزي هوندي آهي ته ان شعبي ۾ مقابلو به تيز هوندو آهي. ڪورونا کان پوءِ اهو ڪانٽي وارو مقابلو سوشل ميڊيا ۾ هليو. هن شعبي مثالي ڪاروبار ڪيو ۽ پنهنجي گڏ ڪيل ملڪيت کي پاهوڙين سان ميڙيو. مٿان جيئن ئي ڪورونا جو لاڪ ڊائون ختم ٿيو ۽ روزمره جو ڪاروبار شروع ٿيو ته آن لائين بزنس تي اثر پيو ۽ سوشل ميڊيا جو شعبو سڪڙجڻ لڳو. جنهن کان پوءِ انهيءَ صنعت ۾ پڻ وڏي پيماني تي ڇانٽيون شروع ٿي چڪيون آهن. سوشل ميڊيا ۾ ٽوئيٽر ۽ فيس بوڪ پاران پنهنجي ملازمن کي نوڪرين تان ڇانٽي ڪرڻ واري فيصلي بابت چيو پيو وڃي ته آمريڪا جي ڪمپنين ۾ گذريل 18 سالن کان پوءِ سڀ کان وڏو ملازمن جو layoff سڏيو ويو آهي. ملازمن جي ايڏي وڏي انگ کي نوڪرين تان خارج ڪرڻ جي پويان ڪمپنين جي خرچن ۾ وڌارو هجڻ چيو ويو آهي. جنهن جي بنياد تي ڄاڻايل ڪمپنين ڪوسٽ ڪٽنگ وارو پروگرام متعارف ڪرايو. ڪوسٽ ڪٽنگ ائين آهي، جيئن اسان جي ملڪ ۾ بينڪاري، گئس ۽ ٻين شعبن ۾ ملازمن جي نيڪاليءَ لاءِ گولڊن هينڊشيڪ ۽ رائيٽ سائيزنگ پروگرام سڏيو ويو. پر ٻئي طرف چيني سوشل ميڊيا ڪمپني ٽڪ ٽاڪ تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهي آهي. اهڙو ڪاٿو لڳائيندڙن جو چوڻ آهي ته 2020ع ۾ فيس بوڪ واهپيدارن ۾ 8 ڏهائي 7 سيڪڙو هو ۽ ان جي مقابلي ۾ ٽڪ ٽاڪ جي واهپيدارن ۾ 85 ڏهائي 3 سيڪڙو هو.
2022ع جي شروع ۾ ميٽا جي شيئرز جي قيمت 300 ڊالر هئي، جيڪا 2022ع جي آخر تائين 70 سيڪڙو گهٽجي 101 ڊالرز تائين پهتي آهي. هوڏانهن اهڙي بحران جي پويان سوشل ميڊيا جي صنعت جو مريخ ۽ چنڊ تي وڃڻ واري ڊوڙ به سڏي وڃي پئي. انهيءَ ڊوڙ جي نتيجي ۾ هڪ طرف ايلون مسڪ پهريون ڀيرو اليڪٽرڪ ڪار ٺاهي مارڪيٽ ۾ آندي ۽ 2023ع ۾ ڊرائيور کان سواءِ هلندڙ اليڪٽرڪ ڪار آڻڻ جو منصوبو رکندڙ آهي. جيڪا 25 هزار ڊالرز ۾ وڪامندڙ هوندي. هو هڪ هزار ميگا واٽ واري ليٿيم بيٽريءَ تي بجلي گهر جوڙڻ، گهرن ۾ بجلي واريون بيٽريون لڳائڻ جو منصوبو به ظاهر ڪري چڪو آهي. پر ان جي باوجود هو ٽوئيٽر سان گڏوگڏ اليڪٽرڪ ڪارون ٺاهڻ واري ڪاروبار ۾ گهٽتائي آڻي رهيو آهي. ان جو سبب خلائي پروگرام ڏانهن وڌڻ وارو منصوبو شروع ڪرڻ سڏيو آهي. جڏهن ته فيس بوڪ جو باني زڪربرگ پڻ خلائي پروگرام ميٽا ورس پروگرام ۾ سيڙپ ڪاري ڪري رهيو آهي.
ميٽا جي پڌرائي موجب هو هر سال 10 بلين ڊالرز جي سرمائيڪاري ميٽا ورس ۾ ڪري رهي آهي. ميٽا موجب هو اڳ ۾ ئي ميٽا ورس پروگرام تي 3 ڏهائي 6 بلين ڊالرز جو نقصان کڻي چڪو آهي. هوڏانهن آءِ فون ۾ “ٽريڪنگ ٽرانسپرنسي” ايپليڪيشن پڻ فيس بوڪ جي آمدنيءَ ۾ وڏو خسارو وڌو آهي. ميٽا جو چوڻ آهي ته ايپل جي اهڙي ايپليڪيشن جي اچڻ سان هر سال اشتهارن جي مد ۾ 10 ارب ڊالرز جو نقصان ٿيندو. سوشل ميڊيا مان خارج ٿيندڙ ملازم ٽيڪنيڪلي طور وڌيڪ ڄاڻ رکندڙ آهن. ان جي باوجود انهن ملازمن جي ايڏي وڏي ڇانٽيءَ تي دنيا ۾ ڪا رڙ نه ٿي آهي. ان ڪري في الحال ته اهڙا ملازم گگ بزنس ڏانهن مڙي ويا آهن. جديد ٽيڪنالاجيءَ جي اچڻ کان پوءِ گگ ايڪاناميءَ جي صورت ۾ هيءَ معيشت جي نئين شڪل آهي. اهڙا واهپيدار گهر ويٺي پنهنجي اسائنمينٽ وٺن ٿا ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ گهران يا ڪنهن به هنڌان ويهي آئوٽ سورس ڪم پورو ڪري ڏين ٿا. روزگار ۽ ڪاروبار جي اهڙي نئين فنامنا سامهون اچي چڪي آهي.
ماهرن موجب ڪورونا کان پوءِ وڏي تيزيءَ سان وڌي ويل ڪاروبار فري لانسنگ يا آن لائن انڊسٽريءَ ۾ ڪو زوال جو شڪار نه ٿيو آهي. پر هي مسئلو سوشل ميڊيا جي ڪمپنين جي وچ ۾ پنهنجي مقابلي جي نتيجي ۾ سامهون آيو آهي. هوڏانهن ڊجيٽل ڪمپنين جي مقابلي جي نتيجي ۾ هڪ طرف خلائي سطح تي جيڪو پهرين 1990ع واري ڏهاڪي ۾ آمريڪا ۽ روس جي وچ ۾ مقابلو هلندڙ هو. ان ۾ آمريڪا سڀني کان پهرين چنڊ تي پهچي خلائي سفر جي شروعات ڪئي. هاڻ آمريڪا جي ناسا، روس ۽ چين جي خلائي پروگرام کان سواءِ نجي ڪپمنين پاران خلائي پروگرام شروع ڪرڻ اڄ جي سرمائيداراڻي دور جو وڏو ڪارنامو سڏيو ويو آهي. ايلون مسڪ جي خلائي رٿا موجب 2029ع ۾ انهيءَ رٿا تي ابتدائي ڪم شروع ٿي چڪو هوندو. 2050ع ۾ مريخ تي رهائشي ڪالوني اڏجڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي ويندي. مسڪ موجب 2060ع تائين مريخ تي 10 لک ماڻهو پهچي چڪا هوندا. مسڪ ان سڄي پروگرام کي اسٽيفن هاڪنگ جو زميني خطرن کان بچڻ لاءِ ڪو بيڪ اپ پروگرام هجڻ سڏي ٿو. جڏهن ته گهڻن سائنسدانن جو زور آهي ته خلا ۾ لڏپلاڻ جي مهانگي رٿا جوڙڻ جي بدران زمين کي بچائڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ گهرجن.
ايلون مسڪ جو چوڻ آهي ته اهو پراڻو دور هليو ويو. هاڻ ميٽا ورس سڪس ۽ نيورلنگ جو دور آهي. هن فيس بوڪ جو نالو وٺڻ کان سواءِ چيو، اسان اڃان به انٽرنيٽ جي 1995ع واري دور ۾ رهندڙ آهيون ڇا؟ مسڪ جو انٽرنيٽ جي مستقبل لاءِ به هڪ متبادل نقطه نظر آهي. جنهن موجب انٽرنيٽ جا عام واهپيدار اڳتي ڪنهن به انٽرنيٽ ڪمپنيءَ کان ڪنيڪشن وٺڻ بدران سڌو سنئون پاڻمرادو پنهنجو مواد موڪلي ۽ آن لائين سرگرمي شروع ڪري سگهندا. هن اهڙي خطري جو به ذڪر ڪيو ته ٽيڪنالاجيءَ ۾ ميٽا ورس بابت سوچيل پروگرام جي ناڪاميءَ جو مسئلو به موجود آهي. پر ان جي باوجود هاڻ سرجيڪل بدران رڳو چپ لڳائڻ جي صورت ۾ نه رڳو ڄائي ڄم کان بينائي ختم هجڻ واري جو علاج ٿي سگهندو پر ڪيترين بيمارين جو جين ذريعي سولو علاج به ممڪن هوندو.
عالمي سطح تي جڏهن عام شهرين لاءِ خلائي ٽرانسپورٽ شروع ڪرڻ ۽ زمين تي ڪلائميٽ چينج واري صورتحال کان پوءِ ڪنهن خلائي گرهه تي لڏپلاڻ واري رٿا تي ڪم هلندڙ آهي. جنهن تحت مريخ تي رهائشي ڪالوني اڏڻ ۽ مريخ ڏانهن سفر ڪرڻ دوران چنڊ تي سفر جي ساهي کڻڻ ۽ انرجي اسٽيشن جوڙڻ واري منصوبابندي هلندڙ آهي. عالمي سطح تي اهڙي فنامنا هئڻ دوران ڪجهه سنڌ جي ڏاهن وٽ ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ رٿا سوچ ۾ آئي آهي. اهڙي رٿا تحت سنڌ ۾ ٻوڏ کان بچڻ لاءِ ٿر جي ڀٽن ڏانهن يا ڪوهستان ۾ جابلو چوٽين تي ڪالونيون اڏڻ گهرجن. انهيءَ رٿا تي سوچيندڙن وٽ، موسمي تبديليءَ کان پوءِ اهو بحث هلندڙ آهي ته ڇا سنڌ جي بئراجي ايراضي ۾ مستقل ٻوڏن ۾ رهي سگهبو؟ سنڌ جي بئراجي پٽي جيڪا ٽاپوگرافي طور تي سمنڊ ڏانهن گهڻي لهواري به نه آهي. سنڌ جي جاگرافي موجب 62 سيڪڙو ايرڊ زون آهي. جنهن ۾ سنڌ جي اوڀر تي ريگستاني پٽي ۽ اولهه تي ڪوهستاني پٽي واقع آهي. جڏهن ته سنڌ جي 48 سيڪڙو واري پٽيءَ ۾ درياءَ جو ڪچو ۽ سامونڊي پٽي به شامل آهي. جيڪڏهن ڪچو ۽ سامونڊي پٽي کان سواءِ سنڌ جي بئراجي ايراضيءَ کي فقط پوکي، راهي ۽ رک طور استعمال آڻڻ لاءِ فارم هائوس طور ئي ڏسڻ گهرجي. باقي شهر ۽ ٻي رهائشي اڏاوت ريگستان ۽ ڪوهستان واري مٿاهين علائقي ۾ هجڻ گهرجي.