ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

صدارتي نظام جو خواهشمند عمران نيازي

ڪجهه وقت کان ملڪ ۾ نون صوبن جو رينگٽ وري شروع ڪيو ويو آهي، ان حوالي سان هڪ ڪميٽي به جوڙي وئي آهي، جيڪا ان ڏس ۾ ڪم ڪري رهي آهي. جنهن جو سربراهه پيپلز پارٽي اڳواڻ خورشيد شاهه کي ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جو اهو پراڻو مطالبو آهي ته ملڪ ۾ نوان صوبا قائم ڪيا وڃن. ايم ڪيو ايم کي ان ڳالهه جي پرواهه ناهي ته ملڪ ۾ نوان صوبا ڪيترا ٿا ٺهن پر ان جو زور ان ڳالهه تي آهي ته سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهيا وڃن ۽ ڪراچيءَ کي نئون صوبو ٺاهي، سندن جهولي ۾ وڌو وڃي.
صوبن جي مطالبي کي جاري رکندي پي ٽي آءِ به ساڳي رستي تي هلي رهي آهي، ان جي به اها خواهش آهي ته سنڌ ۾ نوان صوبا ٺاهيا وڃن ته جيئن ايم ڪيو ايم سان ڪيل وعدي کي پاڻي ڏئي سگهجي. سنڌ لاءِ جهڙي ايم ڪيو ايم اهڙي ئي پي ٽي آءِ آهي. جيڪا پنهنجي حڪومت ۾ سنڌ جي بجيٽن مان ڪٽوتيون ڪندي رهي ۽ سنڌ جي سڀني ترقياتي ڪمن کي روڪي ڇڏيو هو. پر ڇا پي ٽي آءِ ان ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ تيار آهي ته سنڌ ۾ صوبا ٺاهڻ ايترو سولو ڪم ناهي. پر جيئن ته پي ٽي آءِ جي سياست جي ڪابه اخلاقيات ناهي، تنهنڪري اها ايم ڪيو ايم جي ان مطالبي کي هاڻ وڏي واڪي هر فورم تي ورجائي رهي آهي. تازو پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان نيازي هڪ ڀيرو وري ملڪ ۾ صدارتي نطام آڻڻ ۽ نوان صوبا قائم ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي. سندس بيان مان سنڌ جي وحدت بابت سندس نيت جو اندازو لڳائڻ ڏکيو ڪونهي.
تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ صدارتي نظام آڻڻ لا صوبن جو انگ وڌائڻو پوندو، جيستائين چونڊن ۾ هڪ ڀاڱي 3 اڪثريت نه ملندي تيستائين حڪومت نه وٺندس. اليڪشن ڪميشن مون کي نااهل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. فوج جي نئين سربراهه جنرل عاصم منير کي پراڻي آرمي چيف جي پاليسين تي نه هلڻ گهرجي. لاهور ۾ عمران خان پنهنجي صدارت هيٺ ٿيل تحريڪ انصاف جي اسيمبلي ميمبرن جي مشاورتي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين موجوده سياسي صورتحال ۽ اسيمبلين مان استعيفائن تي صلاح مشورا ڪيا. ڪجهه ميمبرن خدشو ظاهر ڪيو ته حڪومت اسيمبليون ٽوڙڻ تي عام چونڊون ملتوي ڪري سگهي ٿي، جنهن تي عمران خان چيو ته ان صورت ۾ حڪومت وٽ فوري طور عام چونڊون ڪرائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو آپشن ناهي هوندو. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته وڏي وزير پرويز الاهي يقين ڏياريو آهي ته مان کيس جڏهن به چوندس هو اسيمبلي ٽوڙي ڇڏيندو. ٻئي طرف زمان پارڪ ۾ يوٽيوبرز سان ملاقات دوران ڳالهائيندي عمران خان چيو ته جنرل فيض کي آرمي چيف بڻائڻ بابت ڪڏهن نه سوچيو هو، سندس خلاف پروپئگنڊا ڪئي وئي. مون ڪڏهن به جنرل باجوا کي باس نه چيو، مان ته وزيراعظم هئس، ادارن کي مارشل لا جي عادت پئجي وئي هئي. هن چيو ته نيب جو ادارو جنرل (ر) باجوا جي ڪنٽرول ۾ هو، جنهن کي چاهيندو هو تنهن کي رليف ملي ويندو هو. نيب رڳو ڪمزورن ۾ هٿ وجهندو آهي، حڪومت ۾ آياسين ته هر قسم جي مافيا موجود هئي پر ايڪشن نه وٺي سگهياسين. ٻن خاندانن ادارن کي ڪمزور ڪيو آهي، سليمان شهباز جي واپسي اين آر او ٽو جو حصو آهي. پرويز الاهي مون تي مڪمل اعتماد ڪيو آهي، مان جيئن چاهيندس تيئن ڪندو. عمران خان وڌيڪ چيو ته مذهبي انتهاپسنديءَ کي روڪڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته ماڻهن کي دين جي وڌ کان وڌ ڄاڻ ڏني وڃي. ارشد شريف جي معاملي تي ڳالهائيندي پي ٽي آ سربراهه چيو ته ارشد شريف جي ماءُ جن جا نالا ورتا مون به اهي ئي نالا کنيا. ايف آءِ آر ارشد شريف جي ماءُ جي خواهش تي داخل ٿيڻ گهرجي.
ملڪ ۾ جيڪو به آمر آيو آهي، ان صدارتي نظام جو تجربو ڪيو آهي. ايوب خان کان وٺي آمر پرويز مشرف تائين سڀني اهي تجربا ڪيا پر اهي تجربا ناڪام ويا. عمران خان نيازي هڪ نئين آمر جي روپ ۾ هڪ ڀيرو وري ملڪ ۾ صدارتي نظام قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي ته جيئن سڀاڻي هو اهو جواز پيش ڪري سگهي ته پاڪستان ۾ پارلياماني نظام نٿو هلي سگهي. تنهنڪري ملڪ ۾ صدارتي نظام متعارف ڪرايو وڃي ۽ ان ۾ سڀئي اختيار صدر وٽ ئي هجن. ڇا هن ملڪ ڪوبه سويلين صدر ايترو بااختيار ٿي سگهي ٿو. اها عمران خان نيازيءَ جي خواهش ته ٿي سگهي ٿي پر هن ملڪ هڪ ڀيرو صدارتي نظام آڻڻ ۽ ان نظام وسيلي ملڪي وهنوار هلائڻ بنهه ڏکيو آهي. ڇاڪاڻ ته ان سان هتي آباد اصلوڪين قومن سان وڌيڪ مسئلا ٿي سگهن ٿا. تنهنڪري صدارتي نظام ملڪ لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.
عمران خان نيازي اقتدار مان تڙجڻ کان پوءِ پاڻ کي خطرناڪ ثابت ڪرڻ لاءِ هر حد پار ڪرڻ لاءِ تيار آهي. جڏهن ته کيس اندازو به آهي ته سنڌي قوم سنڌ ۾ نئين صوبي جي حوالي سان بنهه گهڻي حساس آهي، اها ڪنهن به ريت سنڌ جي وحدت تي وار برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ان کان سواءِ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويندو آهي ته نوان صوبا قائم ڪرڻ سان ملڪ ۾ سڀئي مسئلا حل ٿي ويندا آهن. ڇا ملڪ جا سڀئي مسئلا صوبن جو انگ گهٽ هجڻ جي ڪري آهن. ڇا ملڪ ۾ غربت، بيروزگاري ۽ بدامني صوبن جو انگ گهٽ هجڻ جي ڪري آهي. اهي ڳالهيون ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪري سگهجن ٿيون پر سنڌي قوم ڪنهن به ريت ان مطالبي کي قبول نه ڪندي.
اسان جي پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ پاڪستان ۾ موجود صوبن کان وڌيڪ صوبا آهن، ڇا اتي سڀ ڪجهه ٺيڪ هلي رهيو آهي. تنهنڪري هي معاملو نون صوبن جو نه پر سنڌ جي وحدت کي ختم ڪرڻ جو آهي. جنهن لاءِ عمران خان نيازي پهرين ڏينهن کان وٺي تياري ڪندو پيو اچي ۽ هاڻ کيس ملڪ جو صدر ٿيڻو آهي. تنهنڪري هو ملڪ ۾ صدارتي نظام آڻڻ لاءِ واويلا ڪري رهيو آهي. اسٽيبلشمينٽ جي ڪلهن تي چڙهي آيل عمران خان نيازي اڄڪلهه پنهنجي محسن جنرل قمر جاويد باجوا خلاف زهر اوڳاڇي رهيو آهي.
ملڪ ۾ اتي نوان صوبا ٺهڻ گهرجن، جتان جي ماڻهن جو تاريخي وطن اڳ موجود هو ۽ ان کي صوبي ۾ ضم ڪيو ويو آهي. پر جيئن ته سنڌ هتان جي اصلوڪن ماڻهن جو تاريخي وطن آهي، تنهنڪري ان جي وسعت ته ٿي سگهي ٿي پر ان مان ڪو صوبو نٿو ٺاهي سگهجي. تنهنڪري عمران خان نيازي پنهنجي اقتدار خاطر سنڌ کي تين وال ڪرڻ واري ضد نه ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button